پروڊيوسر ايڪتا ڪپور ذري گهٽ وڏي حادثي کان بچي وئي


ممبئي (ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ جي فلم پروڊيوسر ايڪتا ڪپور جي گاڏي دهلي هارڊور هاءِ وي تي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڻ سان ٽڪرائڻ کان پوءِ کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن کان پوءِ 34 سالن جي پروڊيوسر زخمي ٿي پئي آهي. کيس معمول ڌڪ لڳا آهن، جڏهن ته سندس ڊرائيور راڌا  چارڻ زخمي ٿي پيو آهي. پوليس پهچي ايڪتا ڪپور جي اسپتال ۾ چڪاس ڪرائڻ کان پوءِ کيس ٻي ڪار ۾ ويهاري منزل تي موڪلي ڇڏيو.