|
هالي ووڊ جي اداڪارا چنچل زازا جي آپريشن دوران حالت
نازڪ ٿي وئي
لاس اينجلس (ڪلچرل نيوز) هالي ووڊ جي اداڪارا چنچل زا
زا جو لاس اينجلس جي هڪ اسپتال ۾ دڏ جو آپريشن ڪيو
ويو آهي، جنهن کان پوءِ سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي
ٿي وئي آهي. هنگري ڄائي زازا گبور جي رت گهڻو وهڻ سبب
حالت بگڙِي وئي، سندس آپريشن گذريل سومر ڏينهن ٿيو هو.
جنهن ۾ سندس دڏ جي هڏي تبديل ڪئي وئي هئي، انهي آپريشن
جي ڪري سندس ٽنگن ۾ به انفيڪشن ٿي ويو، جنهن جي علاج
لاءِ ڊاڪٽرن هڪ نئين دوا استعمال ڪئي آهي. 93 سالن جي
اداڪارا زارا جي مڙس پرنس فريڊرڪ ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جيڪا
نئين دوا استعمال ڪئي آهي ان سان بهتري جي اميد آهي.
زازا گذريل هفتي پنهنجي گهر ۾ فون ڪال جو جواب ڏيڻ
لاءِ اٿندي پنهنجي بستري تي ڪري پئي ۽ هڏي ٽٽي پئي،
جنهن کان پوءِ سندس آپريشن ڪيو ويو. زازا گبور 1950 ۽
60ع واري ڏهاڪي ۾ هالي ووڊ جي شهنشاهه اداڪارا هئي ۽
وڏي شهرت به ماڻي، هڪ پوليس آفيسر کي ٿڦڙ هڻڻ ڪري
ميڊيا ۾ به تمام گهڻي مشهور رهي ۽ 3 ڏينهن لاءِ جيل به
وڃڻو پيو. |