شوبز  خبرون

ڪرينا ڪپور لاءِ پنج هيروز جي تلاش شروع


ممبئي (ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ جي اداڪارا ڪرينا ڪپور لاءِ پنج هيروز جي تلاش شروع ڪئي وئي آهي. ڪرينا ڪپور مڌرڀنڊارڪر جي فلم ”هيروئن“  ۾ هالي ووڊ جي اداڪارا مارلن منرو جو ڪردار ادا ڪندي. مارلن منرو پنهنجي وقت جي تمام شاهڪار اداڪارا هئي. انهي لاءِ ان جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪرينا سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪندڙ بالي ووڊ جي سپر اسٽارز جي لسٽ ٺاهي پئي وڃي. ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ڪرينا ڪپور لاءِ پنج اهڙا هيروز سليڪٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪي ان جي ذهنيت توڙي فزيڪلي طور تي فٽ هجن. قد بت جي حوالي سان سهمت رکندا هجن ۽ اهو ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو، انهي ۾ ڪجهه وقت لڳندو. ٻڌايو پيو وڃي ته انهي ۾ ڪرينا ڪپور جي گهري دوست سيف علي خان کي به شامل ڪري سگهجي ٿو پر اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو.

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk