|
بالي ووڊ جو نالي وارو اداڪار روي باسواني لاڏاڻو ڪري
ويو
ممبئي (ڪلچرل نيوز) ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور شخصيت
اداڪار روي باسواني 64 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ
سبب ڀارتي رياست اتر انچل جي علائقي هلوندي ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو. کيس دل جو دورو پيو، جنهن زندگي کسي ورتي،
ڪيترن ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ سندس فلم ”جاني ڀي دو يارون
سي ملين“ يادگار آهي. جنهن ۾ هن مزاحيه ڪردار ادا ڪيو.
هن اهو ڪردار بهترين نموني ادا ڪيو. جنهن تي کيس 1984ع
۾ بهترين مزاحيه اداڪار جو ايوارڊ مليو. سندس پهرين
فلم ”چشم بدور“ هئي. جيڪا 1981ع ۾ جاري ٿي. سندس ٻين
مشهور فلمن ۾ ”اب آئيگا مزا“ مني بلوان، جان تيرا نام
۽ ڪڀي هان ڪڀي نا شامل آهن پر سندس اصل سڃاڻپ فلم
”جاني ڀي دو يارون سي ملين“ هن نصيرالدين شاهه جي
پهرين فلم ”يون هوتا تو ڪيا هوتا“ ۾ به اداڪاري جا
جوهر ڏيکاريا. فلمن کان سواءِ هن ٽي وي ڊرامن ۾ به ڪم
ڪيو. سندس تازين فلمن ۾ نو ٽائمز فار لو، بنٽي ببلي ۽
پيار توني ڪيا شامل آهن. |