|
سکر بئراج وٽان ٻوڏ جو وڏو وهڪرو ڪيئن گذرندو خالد ٻانڀڻ هن وقت ٻوڏ جو 9 لک ڪيوسڪ کان به وڏو وهڪرو گڊو کانپوءِ سکر ڏانهن پهچڻ شروع ٿي ويو آهي. سکر بئراج تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي ڇو ته پاڻي جي ماهرن ۽ ٽيڪنيڪل ماهرن جي راءِ آهي ته هن وقت گڊو بئراج 12 لک ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج 8 لک ڪيوسڪ جڏهن ته سکر بئراج 9 لک ڪيوسڪ جي گنجائش برداشت ڪري سگهي ٿو. خير گڊو بئراج بعد ۾ ٺهڻ سبب جديد گهرجن موجب ٺهيل آهي اتي ڪا به خطري جهڙي صورتحال في الحال نظر نه پئي اچي پر سکر بئراج ٽيڪنيڪل حالتن سبب هميشه خطرن کي منهن ڏيندو رهيو آهي. پرويز مشرف جي دور ۾ بئراج جي رائيٽ پاڪيٽ جي گيٽ نمبر 5 وٽ هڪ وڏو کڏو پئجي ويو هو جنهن کي ڪوفر ڊئم ٺاهي فوج جي انجنيئرنگ ڪور هڪ ارب روپين جي لاڳت سان بئراج کي بچائي ورتو. ان وڏي ڪم کانپوءِ پهرين دفعو سکر بئراج ڏانهن پاڻي جو ايڏو وڏو وهڪرو وڌي آيو آهي. ان کان پهريان بئراج جي گيٽن، پلرن، ونگن ۾ پڻ ڏار پوندا رهيا آهن. دروازن ۾ خود مسئلا ٿيا آهن. 1976ع جي 12 لک ڪيوسڪ واري ٻوڏ کانپوءِ 1998ع ۾ 9 لک ڪيوسڪ واري ٻوڏ اچڻ کانپوءِ سکر وٽان 5 کان 6 لک تائين وهڪرا رهيا آهن جنهن جي ڪري بئراج تي ڪو اهڙو گهڻو پاڻي جو دٻاءُ 12 سالن ۾ ناهي آيو. هاڻي اچانڪ جنت الفردوس بڻجي ويل ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون کانپوءِ ميٽ وارن وارننگ ڏني آهي ته سکر بئراج کي خطرو آهي جڏهن ته ٻوڏ جي صورتحال جو سڀ کان پهريون جائزو وٺڻ لاءِ پهتل سنڌ جو سي ايم سيد قائم علي شاهه پڻ چئي چڪو آهي ته سکر بئراج 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي برداشت نه ٿو ڪري سگهي پر هن بعد ۾ پنهنجي موقف مٽائيندي چيو ته بئراج ماضي ۾ 9، 10 کان 11، 12 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي برداشت ڪري چڪو آهي. هي بئراج تمام پراڻو ۽ دنيا جو وڏو نهري سسٽم آهي. باقي درياهه بادشاهه آهي ان کي روڪي نه ٿو سگهجي. جنهن بعد توهان ڏٺو، پڙهيو هوندو ته صرف بئراج جي جائزي لاءِ صوبائي حڪومت کان وٺي وفاقي حڪومت تائين سمورا ادارا ۽ کاتا ۽ انهن جا سربراهه الرٽ ٿي ويا آهن. تازو ئي بئراج جي جائزي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف بجلي ۽ پاڻي جو وفاقي وزير پڻ پهچي ويا. جڏهن ته وڏو وزير ۽ آبپاشي جو صوبائي وزير اڳ ۾ بئراج تي ڪئمپ قائم ڪري ويٺل آهن. بئراج انتهائي حساس قرار ڏيندي 24 ڪلاڪ ان تي ڪڙي نظر رکي وئي آهي. بئراج جو ڪنٽرول روم 24 ڪلاڪن مان هڪ منٽ به فون جي گهنٽين کان خالي نه ملندو. ٻوڏ جي صورتحال، پاڻي جا انگ اکر پڇندڙن جي يوٽيليٽي جي اسٽورن جهڙي لائين لڳل آهي. هن وقت هڪ ٻي ڳالهه اها به سامهون آئي آهي ته سکر بئراج جي ليفٽ پاڪيٽ ۾ 8 کان 10 فوٽن تائين سلٽ جمع ٿيل آهي ۽ پاڻي جو گهڻو زور پڻ کاٻي پاسي ڏانهن آهي جنهن جي ڪري روهڙي شهر سميت ٻيا ڪيترائي علائقاٻڏي سگهن ٿا. شهر خوف ۾ ورتل آهن. جيڪڏهن پاڻي جي تيز وهڪري سان سلٽ نه ٿي وهي وڃي ته پوءِ بئراج لاءِ اڃا ڳڻتي جهڙي صورتحال هوندي باقي ايريگيشن وارا ضرور فلڊ جي جاري ڪيل 44 ڪروڙ روپين مان پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه بچائيندا. هن وقت سکر بئراج جا کاٻي ۽ ساڄي پاسي وارا ڪئنال بند ڪري بئراج جا گيٽ مٿي ڪري پاڻي کي ڊائون اسٽريم ۾ ڪوٽڙي ڏانهن ڇڏيو پيو وڃي. سکر بئراج جي مٿانهين پيٽ ۾ بئراج کان لئسنڊائون پل تائين ٻن ڪلوميٽرن جي حصي ۾ ايندڙ بندر وال ۽ تمام وڏي تيرٿ گاهه ساڌ ٻيلو، خواجه خضر جو آستان، ستين جو آستان، درگاهه صدرالدين، بکر جو قلعو اچن ٿا انهن مان بندر وال جا هڪ هزار کان مٿي گهر ۽ خواجه خضر جو آستان ٻڏي ويا آهن. باقي سمورا هنڌ ٻوڏ جي بري طرح گهيري ۾ آيل آهن. ان سڄي صورتحال سان خوف جو عنصر وڌيڪ ڦهلجي رهيو آهي پر ٻئي طرف جيڪا صورتحال آهي ان ۾ بند ڪيل لب مهراڻ جا گيٽ ماڻهن جي رش ٽوڙي ڇڏيا آهن. سنڌو جون اوج ۽ موجون موٽي اچڻ تي ڏسڻ لاءِ لب مهراڻ، پرين گهاٽ، ساڌ ٻيلو گهاٽ، جند پير گهاٽ، ستين جو آستان، بيگاري بند، لينڊس ڊائون پل، سکر بئراج وٽ سوين ماڻهن عورتن، ٻارن سميت موٽر سائيڪلن، ڪارن، سوزوڪين تي چڙهي اچي بندن جي ڪڙن تي پڻ بيهي ڪري پاڻي جي گذرندڙ ريلي کي ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا آهن. جتي خوف آهي اتي ماڻهن جي منهن تي مرڪون به آهن ته سالن کانپوءِ سنڌو ۾ گجگوڙ موٽيا آهن. ماڻهو موجن سان مستيون ڪرڻ لاءِ درياهه ۾ وهنجڻ لاءِ لهي وڃن ٿا جڏهن ته ان کان پهريان ڪيترائي خاندان ٻيڙين ۾ چڙهي درياهه جو سير پڻ ڪري رهيا هئا. پر هاڻي قلم 144 لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سمورا ونجهه وري اچي درياهه جي ڪڙن سان رڪجي ويا آهن. پر ان جي باوجود ماڻهن جي رش ۽ انهن جو جوش سرڪار جي روڪڻ واري وس کان ٻاهر آهي. سنڌ ۾ برساتن سان گڏ ٻوڙان ٻوڙ ٻوڏ سبب زندگي جو سمورو ونهوار مفلوج ٿي ويو آهي. گڊو کان شڪارپور، گهوٽڪي ۽ سکر تائين ڪچي جا ٻيلا، ٻنيون پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. جتي پورو صوبو ايمرجنسي ۾ آهي اتي ڪچي جي ايمرجنسي، سکر بئراج جي ايمرجنسي، ڪئنالن جي ايمرجنسي پڻ گڏ گڏ هلي رهي آهي. گورنمينٽ جي دعويٰ آهي ته گڊو کان ڪوٽڙي تائين 50 هزار خاندانن کي ڪچي مان ڪڍي بندن ۽ ڪئمپن تي آندو ويو آهي جڏهن ته ٻوڏ سان 15 لک ماڻهو متاثر ٿيندا.سنڌ جا 15 لک ماڻهو ٻوڏ سان متاثر ٿيندا ته ان لاءِ گورنمينٽ وٽ ڪو به سيڪنڊ پلان نظر نه ٿو اچي، ايريگيشن، ارسا، ميٽ وارن جي وچ ۾ پاڻي جي انگن، اکرن تي پڻ تضاد اچي رهيا آهن. پاڻي جي صحيح رپورٽ نه اچڻ سبب عوام گهڻي ڳڻتي ۾ ورتل آهي اها ڳڻتي جي لهر اڃا 15 آگسٽ تائين جاري رهندي. اخبارن، چئنلن، فلڊ رليف ڪئمپن تي ايندڙ فونن تي ڪچي جا ماڻهو دانهون ڪري رهيا آهن ته اسان کي بچايو. ايريگيشن جا عملدار ٻار ۽ عورتون ڪڍڻ لاءِ ٻيڙين جا پئسا گهري رهيا آهن ٻئي طرف پاڻ بندن جي ڳالهه ڪنداسين ته گڊو کان ڀاڻوٺ تائين 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي سان 260 بندن کي مختلف هنڌن تان ڪٽ ڏنا ويا آهن جن مان اڃا تائين جيئن جو تيئن آهن پاڻي بندن جي ڪنارن سان اچي لڳو آهي جڏهن ته 25 کان 30 فوٽن وارا ويڪرا بند پڻ هاڻي 10 کان 15 فوٽن جا وڃي بچيا آهن. باقي بندن جي حصي کي ڪٽي ماڻهن زمينون آباد ڪري ڇڏيون آهن. هاڻي جڏهن ڳڻتي جي پيڪ پوائنٽ تي سڄي صورتحال اچي بيٺي آهي اتي 10 فوٽن جي ويڪر وارا بند ڇا ڪندا. |