|
علي واهڻ بندر وال،ڪچي جي صورتحال 1976ع ۾ درياهي وهڪرن جي جيڪا تمام وڏي ٻوڏ 12 لک ڪيوسڪ آئي هئي ته ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو سکر شهر پر سکر بئراج کي بچائڻ لاءِ علي واهڻ وٽان غلام بند کي ڪٽ ڏياريو هو ۽ ان ڪٽ علي واهڻ شهر سميت ڪنڌرا، داراواهڻ کان ويندي ناري تائين پڪي تي تمام وڏي تباهي آندي هئي هن ڀيري جيڪا وڏي ٻوڏ اچي رهي آهي، بئراج ۽ سکر بچائڻ لاءِ ساڳي هنڌ تي سرڪاري مشينري جي جيڪا چرپر هلي رهي آهي اتي هڪ دفعو ٻيهر علي واهڻ جي رهواسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي. ڪٽ ڏيڻ وارا ڪيتري ته تيزي ۽ مضبوطي سان ڦهليا آهن جو پورو علي واهڻ شهر نه رڳو ماڻهن سان خالي ٿي ويو آهي ڪاروباري مرڪز پڻ مڪمل طور بند ٿي ويا آهن. شهر ۾ هن وقت راڪاس گهميل نظر اچي رهيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايريگيشن وارا علي واهڻ وٽان ڪٽ ڏيڻ واري ڳالهه کي اڃا تائين مڪمل طور تي رد ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود ماڻهو اها ڳالهه مڃڻ لاءِ بلڪل تيار ناهن ان سان گڏ سکر جو بندر وال جتي 500 کان مٿي ماڻهن جا ڪچا، پڪا گهر، ڪارخانا، دڪان درياهه واري پاسي ڏانهن موجود آهن جن کي ڪيترائي ڀيرا وارننگ ڏيڻ جي باوجود گهر نه خالي ڪرڻ تي علائقي جو ڪنٽرول فوج سنڀالي ورتو آهي جنهن بعد علائقي جا ماڻهو آهستي آهستي گهرن مان نڪري مائٽن ۽ رليف ڪئمپن ڏانهن اچڻ شروع ٿي ويا آهن. سکر جي تعمير نو هاءِ اسڪول ۾ ٻن هزارن کان مٿي لڏ پلاڻ ڪري آيلن جي رجسٽريشن ته ضرور ڪئي وئي آهي پر انهن کي صحت، کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جون ڪي به سهولتون ناهن ڏنيون ويون. جڏهن ته پراڻي سکر سان گڏ هلندڙ بيهاري بند جي حالت پڻ انتهائي خراب آهي. بند کي جن هنڌن تان جيترا به ڪٽ ڏنل ۽ مال جا گهيڙ ٺهيل آهن انهن کي ايريگيشن اڃا تائين بند ناهي ڪيو. تباهه ٿيل پٿر واري پچنگ کي به جيئن جو تيئن ڇڏيو ويو آهي. هڪ گهيڙ اهڙو به ڏسڻ ۾ آيو جو ايريگيشن وارن پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي لاءِ ان کي ڍينگرن جو لوڙهو ڏئي قادرپور پوليس چوڪي وٽان لڪايو ويو آهي. اتفاق سان اتان بند ۾ روڻ پوڻ تي سڄو راز فاش ٿي ويو. چيف انجنيئر عملي سميت سهڪندو پهچي ويو پر ڇا اهي سمورا انتظام مڪمل آهن جن تي هاڻي ڀاڙي ويهي رهجي؟ بيگاري بند جو علائقو الف ڪچو، سدوجا جو ڪچو، غلام بند واري علائقي ۾ اڄ به هزارين آباديون پاڻي ۾ ڦاٿل آهن ڪجهه ماڻهو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت مال وٺي پڪي تي اچي ويا آهن. ڪچي جي هڪڙي رهواسي ٻڌايو ته هو صرف پنهنجو مال ڪاهي پڪي تي آيو آهي پر ڪچي ۾ پنهنجي ڪراڙي پيءُ ماءُ کي ڪڻڪ جي رکيل انَ جي سنڀال لاءِ اتي ڇڏيو آيو آهي. جڏهن ته سرڪاري دعوائن جي باوجود بندن، اسڪولن ۾ جيتريون به رليف ۽ ميڊيڪل ڪئمپون ٺاهيون ويون آهن اتي ڪا به بنيادي سهولت ناهي ڏني وئي. صرف تنبن، ٽوئن سان ڪئمپون جوڙيون ويون آهن پر اتي کاڌ خوراڪ پاڻي جي ڪا به شيءِ ناهي رکي وئي. عملو ڪئمپن تان غائب آهي. افسوس جهڙي حالت ۾ مبتلا متاثر پريشاني واري حالت ۾ ورتل آهن. ڪچي جي بندن تان ماڻهن جي اچ وڃ ۽ گاڏين جا لنگهه بند ضرور ڪيا ويا آهن پر جيڪي ماڻهو ٻوڏ جا ستايل آهن انهن جي ڪا واهر ۽ وسيلو ان سطح جو ناهي ڪيو ويو جنهن سطح جو ٿيڻ جا گهرجي ها. |