سکر ۽ گڊو بئراجن تان ٻوڏن جا گذرندڙ وڏا وهڪرا


تونسا ۽ پنجند کان مٺڻ ڪوٽ تائين پاڻي جا وڏا وهڪرا 48 ڪلاڪن ۾ پهچندا آهن. جڏهن ته مٺڻ ڪوٽ کان گڊو تائين 24 ڪلاڪن ۾، گڊو کان سکر تائين 24 ڪلاڪن ۾. اهڙي ريت سکر کان ڪوٽڙي تائين 78 ڪلاڪن ۾ اهي وهڪرا پهچي ويندا آهن. پهرين آگسٽ کان اڄ 8 آگسٽ آهي يعني 8 ڏينهن دوران پنجاب تربيلا مان 6 دفعا صرف 26900 ڪيوسڪ پاڻي کڻي باقي پاڻي هيٺ واهي ڇڏيو. جڏهن ته منگلا مان فقط پهرين آگسٽ تي 19800 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ بعد 7 ڏينهن کان ان ۽ آئوٽ فلو وارو سمورو وهڪرو هيٺ ڇڏيو ويو. جڏهن ته ڊئمن جي ڀرجڻ جا ڏينهن آهن تڏهن پنجاب درياهه مان ڊئمن لاءِ پاڻي جو ڦڙو به نه کڻي رهيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌو جو پيٽ ايترو وسيع آهي جو ان ۾ اهڙا ڪيترائي وهڪرا هليا ويندا پر بئراجن تي صورتحال اها آهي. هن وقت گڊو جي گنجائش 12 لک ڪيوسڪ، سکر بئراج جي 9 لک ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج جي صرف 8 لک ڪيوسڪ وڃي بچي آهي. جڏهن ته سکر بئراج تان مختلف سالن ۾ 35 وڏا وهڪرا ۽ گڊو بئراج تان 9 وڏا وهڪرا ڪراس ڪري چڪا آهن هن وقت تائين ٻنهي بئراجن تان گذريل وڏن وهڪرن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي ته سکر بئراج تان 1944ع ۾ 7 لک 28 هزار ڪيوسڪ، 1948ع ۾ 7 لک 61 هزار ڪيوسڪ، 1950ع ۾ 7 لک 76 هزار ڪيوسڪ، 1956ع ۾ 9 لک 98 هزار ڪيوسڪ، 1958ع ۾ 10 لک 78 هزار ڪيوسڪ، 1960ع ۾ 8لک 28 هزار ڪيوسڪ، 1964ع ۾ 7 لک 10 هزار ڪيوسڪ، 1974ع ۾ 11 لک 17 هزار ڪيوسڪ، 1976ع ۾ 12 لک ڪيوسڪ، 1978ع ۾ 11 لک 16 هزار ڪيوسڪ، 1984ع ۾ 7 لک 55 هزار ڪيوسڪ، 1986ع ۾ 11 لک 66 هزار ڪيوسڪ، 1988ع ۾ 11 لک 19 هزار ڪيوسڪ، 1992ع ۾ 10 لک 68 هزار ڪيوسڪ، 1994ع ۾ 7لک 57 هزار ڪيوسڪ، 1996ع ۾ 9 لک 86 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته 1998ع ۾ 8 لک هڪ هزار ڪيوسڪ جا وهڪرا سکر بئراج پار ڪرائي چڪو آهي. اهڙي ريت گڊو بئراج مان 1973ع ۾ 10 لک 83 هزار ڪيوسڪ، 1975ع ۾ 10 لک 52 هزار ڪيوسڪ، 1976ع ۾ 12 لک ڪيوسڪ، 1978 ۾ 11 لک 55 هزار ڪيوسڪ، 1986ع ۾ 11 لک 73 هزار ڪيوسڪ، 1988ع ۾ 11 لک 62 هزار ڪيوسڪ، 1992ع ۾ 10 لک 86 هزار ڪيوسڪ، 1995ع ۾ 9 لک 88 هزار ڪيوسڪ، 1998۾ 9 لک 44 هزار ڪيوسڪ جا وهڪرا گذرڻ بعد 14 سالن تائين سکر ۽ گڊو بئراج تي وهڪرا صرف 4 کان 6 لکن تائين جا رهيا آهن ۽ ڪا به وڏي ٻوڏ ناهي آئي. جڏهن ته هيٺيئن درجي جي ٻوڏ 3 لک 50 هزار ڪيوسڪ، وچولي ٻوڏ 5 لک ڪيوسڪ، مٿين درجي جي ٻوڏ 7 لک ڪيوسڪ، تمام وڏي ٻوڏ 9 لک ۽ سپر  فلڊ 10 لک ڪيوسڪ تي ايندو آهي.