ٻوڏ ستايل ماڻهو ۽ پاڻ وارا اسٽائلش وزير

واحد پارس هيسباڻي


ٻوڏ واري هن صورتحال ته ڪچي جي ماڻهن کي دربدر ڪيو ئي آهي پر گهٽ انهن سان حڪومتي عملدارن به نه ڪئي آهي. اسان جي وزيرن مشيرن کي ماڻهن جي سهائتا کان وڌيڪ ڳڻتي ميڊيا تي فوڪس ٿيڻ جي آهي. اهي ڏاڍا هار سينگار ڪيو، سمارٽ بڻيا بندن تي بيٺا آهن ۽ ماڻهن جي مدد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪسر نه ڇڏڻ جي دعوائن جا پوز هڻي رهيا آهن. هر وزير مشير سان ميڊيا جو لشڪر گڏ آهي، جيڪو سندس هر چرپر کي رڪارڊ ڪري ٿو ۽ نوٽ ڪري ٿو. متاثر ماڻهن کي لوڻ جي ٿيلهي به ڪئميرا  سامهون اچڻ کانسواءِ نه ٿي ڏني وڃي. هر ڪو پاڻ کي ماڻهن جو وڌيڪ هڏ ڏوکي ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ ڀرپور نموني پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. عجيب مذاق ۽ مشڪري جو عالم آهي جيڪو هنن  بي گهر ٿيل بيوس ۽ مجبور ماڻهن سان ڪيو پيو وڃي. ڪئميرا سامهون ته ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جون ٽرڪون لهن ٿيون پر متاثر ماڻهن کي نصيب گرهه به ڪو نه ٿو ٿئي. توهان ڪچي وارا سڀ علائقا گهمو ڪٿي به متاثر ماڻهن جي فضيلت ڀرئي نموني سهائتا ڪونن پئي ٿئي. اسان جا وزير ۽ مشير جنهن قسم جون دعوائون ڪري رهيا آهن. زميني حقيقتون ان کان گهڻيون مختلف آهن. قادرپور بند، ڪي ڪي بند، بيگاري بند ۽ غوثپور بند کي جيڪي 25 کان 30 هنڌن تي روڻيون پيون اهي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪيون. گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ اڃا تائين هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن. رڳو گهوٽڪي تي ئي نه پر لاڙڪاڻي، دادو ۽ ٻين علائقن ۾ به اها ساڳي صورتحال آهي. اسان جا وزير مشير دعوائون ڪري رهيا آهن ته سمورا بند مضبوط آهن، وک وک تي نظرداري لاءِ ٽيمون مقرر ٿيل آهن ! جيڪڏهن واقعي به بند مضبوط آهن ته پوءِ هي روڻيون ڇو پئجي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن نظرداري لاءِ ٽيمون موجود آهن، ته اهي ڪٿي آهن ؟ جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت اهي روڻيون بند نه ڪن ته خبر ناهي انهن جو ڇا حال ٿئي. پاڻ وارا وزير مشير دعوائن ذريعي ڀلي پنهنجا ووٽ وڌائين پر مهرباني ڪري اهي حقيقتن جي اکين ۾ ايئن ڌوڙ نه وجهن، جيئن وجهي رهيا  آهن. جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري هو متاثر ماڻهن جي وقتائتي مدد نه ٿا ڪري سگهن ته مهرباني ڪري معلومات جي حوالي سان ابهام واري صورتحال به پيدا نه ڪن. جيڪا به حقيقت آهي اها اصل صورت ۾ بيان ڪن ته جيئن ماڻهو ان حساب سان پنهنجي بچاءَ لاءِ هٿ پير هڻي سگهن. هينئر هر وزير جو پنهنجو موقف آهي. ڪو ٻوڏ کي انتهائي خطرناڪ چئي رهيو آهي ته ڪو معمول واري بغير خطري چئي رهيو آهي. ٻوڏ سبب ڪيترا ڳوٺ متاثر ٿيا آهن ۽ وڌيڪ ڪهڙن ڪهڙن ڳوٺن جي متاثر ٿيڻ جا خدشا آهن، ان حوالي سان ڪا به ٺوس معلومات ڪانهي. اسان جي ڪيترن ئي وزيرن کي پنهنجي تڪ جي ڳوٺن بابت به ڪا معلومات ناهي، پر هوائي خبرن جو سلسلو زور نظر اچي رهيو آهي. متاثرن جي مدد لاءِ جيڪي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، اتي ماڻهن سان جُٺين جا اهي ئي روايتي طريقا نظر اچي رهيا آهن، جيڪي هن قسم جي آفتن دوران هر ڀيري نظر ايندا آهن. ماڻهن کي جانورن وانگر گاڏين ۾ سٿي ڪيمپن تي ڦٽو ڪيو پيو وڃي. اهي ڪيئن رهندا، ڪيئن کائيندا، ڪيئن پيئندا؟ اهو انهن جي قسمت تي ڇڏيو وڃي ٿو. ڪيمپن تي ماڻهن سان ٿيندڙ جٺين جا ميڊيا تي روز احوال اچي رهيا آهن. اهڙي قسم جي خبر چڪ جي ڪچي واري علائقي جي به آهي جتان ڊي سي او ماڻهن کي ڪڍي محمودآباد باغ ڪيمپ ۾ اچي ترسايو پر سندس وڃڻ کانپوءِ انتظاميا ماڻهن کي کاڌ خوراڪ ڏيڻ کان انڪار ڪندي کين کلم کلا چئي ڇڏيو ته پنهنجو بندوبست پاڻ ڪريو اسان جو ڪجهه به نه وڃي. جنهن سبب انهن متاثرين سکر- شڪارپور روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن تي ڊي سي او ٻيهر پهتو ۽ معاملو في الحال دٻجي ويو. اها صورتحال اڪثر ڪيمپن تي موجود آهي اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪٿي ماڻهو احتجاج ڪن پيا ۽ ڪٿي ڪنهن اڻڃاتل خوف سبب خاموش بڻيل آهن. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجا گهرگهاٽ ڇڏي ٻارن ٻچن سان انهن ڪيمپن تي رهيل آهن، متان احتجاج جي نتيجي ۾ هتان  به ڪڍي ڇڏين وارو سندن خوف اجايو به ناهي. ڪافي هنڌن تي متاثرين کي اهڙي قسم جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن ته دانهون ڪندا ته نه رڳو ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏينداسيون پر  توهان کي ٿاڻي جو منهن به ڏسڻو پوندو. ان سبب جي ڪري به ڪيترا ماڻهو ٻاڦ ٻاهر نه ٿا ڪڍن.

هن وقت ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد بچاءَ بندن تي کليل آسمان هيٺان ويٺل آهي. جن جي انتظاميا ڪا به سار نه لڌي آهي. اهي ماڻهو پنهنجي گهرن مان جيترو اناج وغيره کڻي سگهيا ان مان گذارو ڪري رهيا آهن. هر ڀيري جيان هن ڀيري به متاثرن جي سهائتا لاءِ ڪروڙين رپين جا فنڊ ته جاري ڪيا ويا آهن پر لاڳاپيل انتظاميا اهي پئسا متاثرين تي خرچ ڪرڻ بدران ڪنهن طريقي سان خردبرد ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. آبپاشي کاتي جي انجنيئر ۽ ايس ڊي او کان وٺي بيلدار ۽ آبدار تائين ۾ سخت مقابلو آهي ته ڪير ڪيترو بچائي ٿو. ايمرجنسي واري صورتحال ۾ جيئن ته خرچ جو حساب ڪتاب رکڻ ڏکيو هوندو آه، ان ڪري هي انهن لاءِ عيد جو موقعو هوندو آهي ، جنهن مان ايترو ته ڪمائڻ چاهيندا آهن جو سڄي زندگي ويهي کائين. حڪومت جا لک ”احسان“ آهن جو ان کي ٻوڏ متاثرين  جي ايتري ڳڻتي آهي ۽ هن هنگامي بنيادن تي فنڊ به رليز ڪري ڇڏيا آهن پر اهي فنڊ ڪٿي ۽ ڪيئن پيا استعمال ٿين مهرباني ڪري ان جو چيڪ ۽ بيلنس به رکيو وڃي. جهڙي نموني متاثرين جي سهائتا لاءِ ”ٽيمون“ جوڙيون ويون آهن، اهڙي نموني فنڊن جي استعمال جو سرزمين تي وڃي جائزو وٺن ته سرڪاري خزانو ڪيتري ”ايمانداري“ سان خرچ ٿي رهيو آهي ۽ جن ماڻهن تي خرچ ٿي رهيو آهي اهي ڪير آهن ۽ ڪيترا متاثر آهن.

ڪچي ۾ ٻوڏ ايندي آهي ته نقصان ٿيڻ باوجود اتان جي رهواسين کي ايندڙ ڏينهن سٺا ٿيڻ جي خوشي هوندي آهي ڇو ته ان ٻوڏ جي پاڻي مان ئي فصل ٿيندا آهن ۽ ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڀرجڻ سبب مڇي مرندي آهي ۽ ٻيا سک ٿيندا آهن پر پاڻ واري انتظامي لاپرواهي انهن جي سمورين خوشين کي ڪافور ڪري ڇڏيندي آهي. انهن کي جيڪي دربدري وارا ڏينهن ڏسڻا پوندا آهن، اهي انهن لاءِ انتهائي اذيت وارا هوندا آهن. انتظامي لاپرواهي سبب سندن سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو آهي ۽ هو جڏهن واپس موٽندا آهن ته وٽن ڪجهه به نه هوندو آهي نه سندن گهر هوندا آهن نه ٻنيون کيڙڻ ۽ فصل پوکڻ لاءِ  هڙ ۾ ڪجهه هوندو آهي، هن وقت به اها ئي صورتحال آهي. رڳو ٻوڏ متاثرن کي ڪيمپن ۾ رهائڻ ئي ڪافي ناهي پر ٻوڏ کانپوءِ انهن جي نئين سر بحالي واري پاسي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

پنهنجي ماڻهن جي جان، مال جي حفاظت ڪرڻ رياست جي ذميواري هوندي آهي. قدرتي آفتن دوران ماڻهن کي بچائڻ ۽ انهن جي نئين سر بحالي وقت جي حاڪمن جي ذميواري هوندي آهي، پر بدقسمتي سان پاڻ وٽ ان حوالي سان ڏاڍي مايوسي واري صورتحال آهي. ايمرجنسي جي موقعي تي جنهن قسم جا اپاءَ وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ جنهن قسم جي سهائتا ڪرڻ جي گهرج هوندي آهي اها نه ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪري

ماڻهن کي وڏي عذاب کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. مهرباني ڪري ان روايت کي ختم ڪري ماڻهن تي رحم ڪيو وڃي.

ٻوڏ يا ڪنهن ٻي قدرتي آفت کي روڪڻ ڀلي ممڪن نه هجي پر سٺن اپائن ذريعي نقصانن جي امڪانن کي گهٽ ۾ گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن وقت جڏهن هر پاسي ٻوڙان ٻوڙ واري صورتحال آهي. لکين ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو  آهي تڏهن هزارين ماڻهن جو اڃا تائين ڪچي وارن علائقن ۾ ڦاٿل هجڻ ڳڻتي واري ڳالهه آهي. هي صورتحال وڏي جاني نقصان جي امڪانن کي ظاهر ڪري رهي آهي. ان ڪري مهرباني ڪري لاپرواهي وارو هي سلسلو تبديل ڪيو وڃي ۽ انهن ڦاٿل ماڻهن کي ڪنهن به نموني سان ڪڍي محفوظ هنڌن تي پهچايو وڃي.

اسان  جي وزيرن مشيرن کي ميڊيا تي ڪوريج کان وڌيڪ ڳڻتي هنن پريشال حال ماڻهن جي پريشاني گهٽائڻ جي هجڻ گهرجي ڇو ته اها ڳالهه ئي سٺي حڪمراني جي علامت آهي.

wahidparas@yahoo.com