|
بنيادي مسئلن لاءِ روڊن تي نڪتل سکر واسي مورڙو مهر دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ چونڊيل نمائنده عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪن ٿا ۽ انهن جي راءِ جو احترام به ڪيو وڃي ٿو پر اسان جي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿئي پيو. چاهي آمرن جو دور هجي يا جمهوريت جو دور هجي عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو وڃي ٿو. پيئڻ جو پاڻي انساني جياپي لاءِ ائين ضروري آهي جيئن مڇي پاڻي بنا تڙپي تڙپي مري وڃي ٿي. روزگار نه ملڻ جي ڪري ماڻهو ٻچا وڪڻي رهيا آهن يا بکي پيٽ سمهي پون ٿا يا پندا وتن ٿا يا وري خودڪشيون ڪري رهيا آهن. بدامني چوٽ چڙهيل آهي عوام کي گهرن، دڪانن ۽ رستن تان ڦريو يا اغوا بعد ماريو وڃي ٿو. روڊ رستا ناڪاره ٺاهيا وڃن ٿا گندو نالين جو پاڻي روڊ رستن تي بيٺل رهي ٿو گندگي جا ڍير به نظر اچن ٿا. ڪانو جي اک ڪڍڻ جهڙي گرمي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي اها جٺ سنڌ جي ٽيئن نمبر شهر جي عوام سان به آهي. عوام جي قسمت بدلائڻ لاءِ سکر ضلعي مان ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، ايم پي اي سيد جاويد شاهه، ايم پي اي حاجي انور خان مهر، ايم پي اي ڊاڪٽر نصرالله بلوچ، ايم پي اي سيف الله ڌاريجو، عورتن جي مخصوص سيٽ تان ايم پي اي راءِ ناز بوزدار، سينيٽر اسلام الدين شيخ چونڊيل آهن جن جو تعلق اجهو، لٽو، روزگار جو نعرو هڻندڙ عوامي حڪومت پيپلز پارٽي سان آهي هاڻي ٻن سالن دوران عوام جي بدليل قسمت تي نظر وجهنداسين ته مسئلا گهٽڻ بدران وڌي ويا آهن. ڀٽائي سائين جي هي سٽ هن وقت ذهن تي تري اچي ٿي ته ”پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن“ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي شهر اڏيل آهي هن وقت سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ ايترو پاڻي موجود آهي جو زمينون ته سيراب نه ٿو ڪري سگهي پر عوام جي اڃ، ضروري حاجت لاءِ ڪافي آهي ان جي باوجود لکن جي تعداد ۾ آبادي پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپندا وتن ٿا شهري پئسن تي پاڻي خريد ڪري رهيا آهن يا جيئن شڪاري شڪار لاءِ سامان کڻي نڪري ٿو ائين ئي عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ ٿانو کڻي نڪري پون ٿا. امن امان جي حالت تي ڏند آڱريون اچي وڃن ٿيون بدامني جي باهه جا شعلا رهواسين کي ساڙي رهيا آهن. روڊ رستن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب گندو پاڻي ۽ گندگي سبب شهر کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڻ اعلانيل بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ڪارنهوار ٺپ ۽ عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. عوام بنيادي حقن لاءِ احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهي پر اقتدار جي نشي ۾ ڌت ۽ ايئرڪنڊيشنرن جي ٿڌن ڪمرن ۾ ويٺل حڪمرانن کي عوام تي ڪو به قياس، رحم نه ٿو اچي. سياسي، سماجي تنظيمن پاران حڪمرانن کي آگاهه ڪيو هو ته پيئڻ جو پاڻي، بدامني، بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن پر چونڊيل نمائندن ٻڌو اڻ ٻڌو يا هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏڻ واري چوڻيءَ تي عمل ڪن ٿا. 23 جولاءِ جمعي ڏهاڙي اي پي سي جي سڏ تي پيپلز پارٽي کانسواءِ سياسي، سماجي، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شڪارپور ڦاٽڪ کان ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. اي پي سي چيئرمين مولانا عبيدالله ڀٽو ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه جي ڪناري تي شهر هجڻ باوجود رهواسين کي پيئڻ جو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي. چونڊيل نمائنده منرل واٽر پي رهيا آهن اتي عوام گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهي چونڊيل نمائندن پاران ڪرپٽ آفيسر مقرر ڪرڻ سبب بدامني ۽ حيسڪو جي لوڊشيڊنگ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. چونڊيل نمائنده بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. ايندڙ اليڪشن ۾ سياستدانن جو ائين استقبال ڪنداسين جيئن آمريڪا جي اڳوڻي صدر بش جو عراق جي صحافي ڪيو هو. مشهور شخصيت سلطان شاهه جو چوڻ آهي ته ٻن مانگر مڇن (واڳون) جي جهيڙي سبب عوام پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتون نه ملڻ جو شڪار ٿيو آهي. شهر ۾ بند پيل ٿرمل کولڻ بدران ان تي به مانگر مڇن جي اک آهي ان تي به پلازه اڏيون. سلطان شاهه انهن جا نالا ته کنيا آهن تنهن ڪري آءٌ به نه ٿو لکان پر اهي ٻئي مانگر مڇ سکر شهر جا چونڊيل نمائنده آهن ڪنهن وقت ان ٻنهي مانگر مڇن مان هڪ مانگر مڇ جو ساٿي رهيو آهي هتان جا صحافي ۽ شهري انهن کي چڱي طرح سڃاڻن ٿا؟ اها به حقيقت آهي ته عوام لاءِ نه چونڊيل نمائنده نه وري سماجي اڳواڻ سوچين ٿا. هر هڪ پنهنجي مفادن، پيٽ، پريشر ۽ نوٽن جي جنگ وڙهي رهيو آهي ٻنهي پاسن کان عوام ئي گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي. ڊي سي او سکر انعام الله ڌاريجو چوي ٿو ته واٽر سپلاءِ جو نظام 1935ع جو آهي تنهن ڪري صاف پاڻي ناهي جلد صاف پاڻي لاءِ پلانٽ لڳايو ويندو؟ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب موٽرون بند هجڻ ڪري پاڻي جو بحران پيدا ٿيو آهي. سوال اهو آهي ته اتر سنڌ جي ڀيٽ ۾ هتي بدامني ايتري ڇو آهي؟ ۽ ڊي پي او سکر اعتزاز احمد گورايا کي هٽائڻ لاءِ احتجاج ڇو ٿا ٿين؟ انهن سوالن جي جڏهن گهرائي ۾ وڃڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته ڊي پي او هڪ وفاقي وزير و رکرايل آهي. احتجاج ڪندڙ هڪ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير سان مخالفت، تڪرار هجڻ ڪري بدامني تڏهن چوٽ چڙهيل آهي. ڊي پي او ڪافي پوليس آفيسرن کان بهتر نظر ايندو آهي. ڏوهي ڪاررايون روڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪرڻ تي هڪ مخصوص لابي ان کي هٽائڻ جو تڏهن مطالبو ڪري رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيپلز پارٽي جي سربراهه ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڄاڻايل مسئلن جو فوري طور تي نوٽيس وٺي سکر واسي کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ۽ بدامني کي ٻنجو ڏئي ملوث ڌرين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ چونڊيل نمائندن کان پڇاڻو ڪري ادارن ۾ ميرٽ جي بنياد تي آفيسرن جون مقرريون ڪري عوام ۾ وڌندڙ بيچيني ختم ڪئي وڃي. ** |