|
تعلقه ڪائونسل ميهڙ جي جهوني ملازم گل محمد مگسي جي الوداعي تقريب نياز ڀٽي تعلقه ڪائونسل ميهڙ جي شعبي واٽر سپلاءِ ۾ 17 سال ڊيوٽي ڏيندڙ موٽر آپريٽر گل محمد مگسي نوڪري مان رٽائرمينٽ ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ان کان اڳ ڪيترا ئي ملازم رٽائر ٿيا آهن پر سندس بهتر ڪردار ۽ رويي سبب تعلقه ڪائونسل ميهڙ جي ايڊمنسٽريٽر عبدالغفار شيخ، سب انجنيئر غلام الله هنگورو، ڪلارڪ احمد نواز سومرو، لياقت چانڊيو، اسحاق ڪوريجو، احسان سومرو ۽ ٺيڪيدار ايسوسئيشن جي صدر شاهد مگسي، شوڪت بچر، ارباب ڀرٽ، شوڪت پلهه، ستار چنه ۽ ٻين پاران الڳ الڳ سندس مان ۾ الودائي تقريبون منعقد ڪيون ويون، الودائي تقريبن ۾ سندس کي مڃتا ڏيڻ لاءِ گلن جا هار، اجرڪ پارايا ويا ۽ تقريرون ڪيون ويون، ايڊمنسٽريٽر عبدالغفار شيخ، غلام الله هنگورو، شاهد مگسي، شوڪت بچر، شوڪت پلهه ۽ ٻين چيو ته گل محمد مگسي پنهنجي ڊيوٽي فرض شناسي سان ادا ڪئي ڏينهن رات سردي هجي يا گرمي هجي هن شهرين جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي سندس جي ڪوشش سان هتي ڪڏهن به پاڻي جو وڏو بحران نه رهيو ان کان علاوه شهرين ۽ آفيس جي عملي ان بهتر خدمتن تي کيس مڃتا ڏني آهي. رٽائرڊ ملازم گل محمد مگسي چيو ته تعلقي ڪائونسل جي ملازمن ۽ پنهنجي اداري ۽ شهرين جو ٿورائتو آهيان جن وڏو مان ڏنو آهي. مان پنهنجي ڊيوٽي دل سان ڪندو هيس اوهان جي محبت ۽ پيار ڏسي وڏي خوشي ٿي آهي هن اعلان ڪندي چيو ته مان ملازمت کان رٽائر ضرور ٿيو آهيان پر جنهن وقت به آفيس ۽ شهرين کي منهنجي ضرورت پوندي مان هر وقت حاضر رهندس ۽ بنا فرق جي ڊيوٽي سرانجام ڏيندس. جڏهن ته ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر واٽر سپلاءِ جي چارج ڀيو ابڙو کي ڏني. جڏهن ته ياد رهي ته تعلقه ڪائونسل ميهڙ جي عملي ۽ ٺيڪيدارن پاران اڳ به اڳوڻي تعلقي ناظم انيد حسن جتوئي جي الودائي پارٽي ڪئي هئي ان کان پوءِ گل محمد مگسي جي هي الودائي پارٽي منعقد ڪئي. |