|
شوڪت ڪالوني کي نظرانداز نه ڪيو وڃي! مخمور مهيري شوڪت ڪالوني شان واري، منهنجو نامور آهي نام، شوگر مل منهنجي پاسي ۾، جنهن جو نالو آ ٽنڊو محمد خان، محبتي ماڻهو هتي جا، محنت وارا عاليشان، ڊي سي او علي احمد لنڊ، زنئور غلام مصطفيٰ محبتي مهربان، ٻئي همت وارا ڀلوڙ جوان، شان وڌايو شوڪت ڪالوني جو. ٽنڊو محمد خان ضلع جا اعليٰ افسر صاحبان، ترقياتي ڪمن جا نگران، معزز مان وارا مهربان شهر واسيو توهان سڀني کي منهنجو سلام !! جناب اعليٰ : - مان نالي شوڪت ڪالوني توهان سان مخاطب آهيان، ضلع ٽنڊو محمد خان ۽ شهر جي دل آهيان. منهنجي آدمشماري پنجن هزارن کان پندرهن هزارن جي وچ ۾ آهي. منهنجون ٻه ڀينرون آهن. (1) پٺاڻ ڪالوني، (2) مشترڪه ڪالوني منهنجي پاسي ۾ آهن. منهنجي اوڀر پاسي کان حيدرآباد ۽ بدين ريلوي لائين آهي. جڏهن ته اولهه پاسي کان ٽنڊو محمد خان شوگر ملز آهي. هن مل جي ڪمال ۽ زوال جو وڏو داستان آهي. هيءَ مل صدر پاڪستان جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ قائم ٿي، جنهن ڪمن جا نوان نوان ولايت مان ٻج آندا، زراعت ۾ وڏو انقلاب ۽ آبادگارن ۽ خوشحالي جو دور آيو. پاڻي جي فراهمي لاءِ چينل واهه، پڃاري واهه، گاجا واهه نوان کوٽائي وڏا ويڪرا ڪيا ويا، پاڻي ايترو زياده موجود هو، جو ان جي نيڪال لاءِ سم نالا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ تيار ڪرايا ويا. ڪمند آبادگار ايترو وافر انداز ۾ پوکيو جو انڊٽ ملڻ مشڪل ۽ محال ٿي ويو!! مل مالڪان ۽ آفيسرن جا وارا نيارا ٿي ويا، ڪمند ڪميٽين جو قيام، اي سي ٽنڊو محمد خان جي سرپرستي ۾ قائم ٿيو، انڊٽ بليڪ تي وڪامڻ لڳا، آفيسرن کي سچا گيهه، ماکيون ملڻ لڳا، انڊٽ وٺڻ لاءِ آبادگارن جا وڏا وڏا ٽولا وفد پريشان هوندا هئا. ان وقت جو منظر هڪ شاعر هن ريت پيش ڪيو. ڪمند کان چڱو پوکيان ها چيٽ، ڪو نه ملي ٿو يار انڊيٽ، سڏي اوڌر لئي ڏسو صفحو 7 آڪڙمان سيٺ، ڪو نه ملي ٿو يار انڊٽ !! زال چوي توکي مٺا لڳا ٻوڙ ، روز انڊٽ لئي آهي ڊوڙ، گهر ۾ اٽو، ناهي تيل ۽ ميٽ، ڪو نه ملي ٿو يار انڊٽ !! مل چمني جي ڇاري:- ٽنڊو محمد خان شوگر مل جي ڪاري ڇاري شهرين واسطي آزار ۽ عذاب بڻيل آهي، چمڪندڙ چهرا، گهرن جا اڱڻ، بسترا ۽ برتن، پاڻي جون ٽانڪيون، دلا ۽ مٽ، سڀ ڪڙا ٿي وڃن ٿا. عورتن جا ميڪ اپ، سرها صابڻ ۽ سينٽ، بخمل جا قيمتي چلڪندڙ ڪپڙا، چهرا چمڪ وڃائي ويهن ٿا. بيماريون:- ڪاري ڇاري جي وسڻ ڪري دم، ٽي بي، ڪاري سائي۽ ٻيون مهلڪ وڇڙندڙ بيماريون عوام کي اجل جو لقمون بنائي چڪيون آهن. حيدرآباد بدين ريلوي جو نظام:- حيدرآباد کان بدين ريلوي مفاصلو (60) سٺ ميل آهي. برطانيه دور جي سال 1882ع ۾ پهريون فيس ون ريلوي جو تعمير ٿيو. ريلوي اسٽيشن بلڊنگ ٽنڊو محمد خان جو بنياد 1908ع ۾ قائم ٿيو. ايڏو معياري سچو پڪو ڪم ٿيل آهي جو بلڊنگ اڃا به هڪ سئو سال کان (1996ع ۾ روزانه جا گاڏيون اپ ڊائون هلنديون هيون) مٿي وقت گذرڻ بعد به مضبوط ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جڏهن ته هن دور ۾ مورين، بلڊنگن ۽ عمارتن جي ڄمار 10، 15 سال به نه آهي ۽ نه وري ڪا گارنٽي ۽ پڪ آهي. تفريح گاهه :- ٽنڊو محمد خان جي ريلوي اسٽيشن هڪ خوبصورت حسين تفريح گاهه آهي. شام جو بيمار، ٻوڙا، دل جا مريض واڪ ڪرڻ لاءِ، هوا بدلائڻ لاءِ ريلوي پليٽ فارم تي اچي ڪٺا هوندا آهن. ان سان گڏ فقير ، لاوارث مرد ۽ ليڊيز به ٿڌي هوا ۾ اچي آرام ڪندا آهن. رانديون ۽ ملاکڙا :- ريلوي اسٽيشن جي خالي پيل گرائونڊ تي ملاکڙن، ڪرڪيٽ راندين جا منظر به مقدس ڏهاڙن تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ريلوي سفر ۽ تعليم :- جڏهن حيدرآباد جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو ڪو انتظام نه هو، تڏهن ڳوٺ نظرپور، نظام سمون، قبول ڪيريو، ماتلي ۽ بدين، ٽنڊو محمد خان جا نوجوان اسٽوڊنٽ ريلوي جو سستو سفر پورو ڪري تعليم حاصل ڪندا هئا. جيڪڏهن حيدرآباد کان بدين ريلوي هلندڙ نه هجي ها، ته هزارين شاگرد تعليم جي نعمت کان محروم رهجي وڃن ها. ريلوي سفر جي ناڪامي جا اسباب :- جڏهن کان ڪوچ ڪوسٽر، آفريدي پٺاڻن جون بسون آيون، تڏهن هنن ريل سان مقابلا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، ريل سفر کي ريل جي ڊرائيورن، بابو، مسترين ريل جي رفتار گهٽائي بيل گاڏي بنائي ڇڏيو، مستري واٽ تي ريل بيهاري ماڻهن کان ڪڪڙ، ڪاٺيون، گاهه ماکيون وٺڻ لڳا، ٽڪيٽ جا پئسا ريلوي پوليس وارا وٺڻ لڳا، هٿرادو ريل سفر کي ناڪاره ۽ ناڪام بنايو ويو !! پسينجر نوڪرين وارا ڊيوٽي تي پهچڻ لاءِ ڪوسٽرن کي اهيمت ڏيڻ لڳا، ريلوي جا گاڏا خالي ٿي ويا !! انصاف پسند آفيسر صاحبو !! منهنجي حالات حاضره جو خاڪو ۽ نقشو هيٺ ڄاڻايل نظم ۾ جهاتي پائي ڏسندا، نئين سال جي بجيٽ ۾ منهنجا ترقياتي ڪم شامل ڪندا ته مشڪور رهندس. عنوان: - شوڪت ڪالوني چون ٿا ! جتي رستا ٽٽل ۽ ڀڳل لڳن ٿا، ان کي شوڪت ڪالوني چون ٿا، جتي گٽر اٿلن ٿا، ٻار ٻڏن ٿا، ان کي شوڪت ڪالوني چون ٿا. جتي نالا اُلٽا، اُبتا وهن ٿا، نمازين جا ڪپڙا ناپاڪ ٿين ٿا، جتي اسڪوٽر، تيز ڀڄن ٿا، ، ان کي شوڪت ڪالوني چون ٿا. جتي بجلي جو بحران آهي، جتي ننڍو وڏو پريشان آهي، جتي مڇرن جا ميلا مچن ٿا، ، ان کي شوڪت ڪالوني چون ٿا. جتي صاف پاڻي ملڻ مشڪل آهي، جتي گھٽين ۾ بدبو متل آهي، جتي پوڙها، گوڏن ڀر ڪرن ٿا، ان کي شوڪت ڪالوني چون ٿا. جتي نوناري، لغاري مهيري، پٺاڻ رهن ٿا، جتي جروار، مگسي، کوسا، ميمڻ رهن ٿا، جتي گاڏين جا هارن هنيون ڦاڙ وڃن ٿا، ، ان کي شوڪت ڪالوني چون ٿا. جتي چوهاڻ، چانڊيا، سيد، پير، ڪنڀار، ڪلهوڙا، پنجابي،ملاح رهن ٿا، جتي حسينين جا ٽولا ٽلن ٿا، ، ان کي شوڪت ڪالوني چون ٿا. جتي هر جماعت جا جهنڊا لڳن ٿا، جتي تبليغ لئي ٽولا اچن ٿا، جتي ٽالپر خوبصورت رهن ٿا، ، ان کي شوڪت ڪالوني چون ٿا. منهنجا ماڻهو وفادار آهن، ڪي خوشبو دار ڪي خدمتگار آهن، ڪي مخمور مرڪي ملن ٿا، ، ان کي شوڪت ڪالوني چون ٿا. |