سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر نصرپور

 عالم ڪاڪيپوٽو


                سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر نصرپور هن وقت انيڪ مسئلن جي وري چڙهيل آهي. اڳوڻي ارباب دور ۾ هن شهر سان هڪ ظلمي ۽ قهري ڪاررائي ڪري، ٽنڊي الهيار ضلعي ۾ شامل ڪرڻ بدران نصرپور کي ضلعي مٽياري ۾ شامل ڪيو ويو. جڏهن ته مٽياري نصرپور کان 30 ڪلوميٽر ۽ ٽنڊوالهيار 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. مٽياري وڃڻ لاءِ نصرپور کان ڪابه ٽرانسپورٽ ناهي جڏهن ته ٽنڊوالهيار وڃڻ لاءِ رات ڏينهن سروس موجود آهي. نصرپور شهر پ پ پ جو مضبوط قلعو رهيو آهي هن وقت به پ پ پ ايم اين اي شمشاد ستار بچاڻي ۽ ايم پي اي امداد علي پتافي هتان چونڊيل آهن. هنن اليڪشن دوران عوام سان اهو واعدو ڪيو هو ته پ پ پ حڪومت اچڻ بعد ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ شامل ڪيو ويندو پر پ پ پ سرڪار جا پوڻا ٽي سال گذرڻ جي باوجود به اڃا تائين نصرپور مٽياري ضلعي ۾ شامل آهي. جڏهن ته ٽنڊوالهيار ۾ شامل ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي ٿيڻ جو انتظار آهي. اصل حقيقت اها آهي نصرپور جي چاليهه هزار آبادي کي تعلقي ڪائونسل پيئڻ جو پاڻي به فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. شهري واٽر سپلاءِ جو پيئڻ لاءِ پاڻي هفتي ۾ ٻه ڀيرا صرف 15-15 منٽ ملي ٿو. جيڪو اڻپورو آهي. نصرپور شهر جي اٺين وارڊ ۾ موجود کڏ ڪني پاڻي پوڻ جي ڪري بدبوءِ ڪري ويئي آهي کڏ جي سامهون وارا ڪيترائي گهر بدبوءِ جي ڪري ماني به نٿا کائي سگهن. شهر ۾ صفائي جو نظام پڻ اڻپورو آهي ان کان سواءِ بلديه جي هر ننڍي وڏي ڪم لاءِ مٽياري جا چڪر ڪٽڻا پون ٿا. اسٽريٽ لائيٽ بند آهي شهر اندر ٺلها ٽاور لڳا پيا آهن. شهر جي جانورن جي اسپتال مان ماڻهن کي ڪوبه لاڀ حاصل ڪونهي. جانورن جي اسپتال ۾ ٻاهريان ماڻهو ڊاڪٽرن جي ڪوارٽرن تي قبضا ڪري ويٺل آهن. شهر جي زرعي فيلڊ آفيس مٿان پڻ ناجائز قبضو ڪيو ويو آهي. شهر جو  وڊ ورڪنگ سينٽر سنڌ سمال انڊسٽريز جي لاپرواهي سبب بند آهي. ان کان سواءِ سنڌ جو وڏي ۾ وڏي ڪاشي جو سرامڪ سنيٽر حڪومتي عدم توجهه سبب بند ٿيڻ وارو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مني آرڊر تي پوسٽ آفيس عملو هڪ سو کان ٻه سو تائين ڪٽوتي ڪري رهيو آهي. هيلٿ سينٽر نصرپور ۾        ڏسو صفحو 7

دوائن جي کوٽ مسئلو بڻيل آهي. ايڪسري پلانٽ اٺن سالن کان بند پيل آهي. هيلٿ سينٽر جي ايمبولينس گذريل ڪيترن سالن کان سرن تي بيٺل آهي رات جو ۽ شام واري شفٽ ۾ اڪثر ڪري ڊاڪٽر ۽ عملو ڊيوٽي تي موجود نه هوندا آهن.

اڪثر عملو عطائي ڊاڪٽر بڻيل آهي. ايم ايس نصرپور طرفان هڪ سو ڏهه عطائي ڊاڪٽرن جي لسٽ اي ڊي او هيلٿ مٽياري کي موڪلي وئي پر انهن خلاف قدم نه کنيو ويو آهي. راندين ۽ تفريح لاءِ ڪوبه ميدان نه آهي. ڪرڪيٽ رانديون قبرستان ۾ پيون ٿين. قبرستان مٿان ناجائز طور قبضا گيرن جا قبضا ٿيل آهن جن تي پوکي ۽ اڏاوتون پڻ ٿيل آهن. خانداني منصوبابندي جو کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، يوٽيلٽي اسٽور ڇهن مهينن کان نصرپور مان بند ڪري الهڏني ساند ۾ کوليو ويو آهي واپارين جو من مستيون عروج تي آهن. مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي برائين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مٽياري پوليس مڪمل طور ناڪام آهي. نصرپور ۽ ان جي آس پاس ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪ اڻ اعلانيل بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. واپڊا طوفان بجلي جا اوور ريڊ بل ڏنا ٿا وڃن. ان کان سواءِ ڊڊڪشن بلن جو پڻ آزار متل آهي. ايتري قدر مسجد دارالقفا کي هڪ مهيني جو 13 لک رپيه پڻ ڏنو ويو آهي. شهر ۾جر جو پاڻي ڪڙو ٿي ويو آهي پاڻي جي سطح پڻ ڏهن فوٽن تائين ڪري ويئي آهي. شهر ۾ ناجائز قبضاگيرن ڪيترن ئي سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪري وري اهي لاکون رپين ۾ وڪيا ويا آهن. نصرپور، ٽنڊوالهيار روڊ ۽ نصرپور تاجپور روڊ جي حالت خسته آهي نصرپور شهر جو باءِ پاس پڻ تباهه ٿي چڪو آهي. مذڪوره روڊن جي مرمت ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي. ڊي سي او ثاقب سومري سيمت سموري ضلعي انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. اهو ئي سبب آهي جو نصر پور ۽ ان جي آس پاس ۾ عومي مسئلا وڌيڪ ويا آهن. ٻي طرف نصرپور پوليس جو من مستيون پڻ عروج تي آهن. نصرپور شهر ۾ مال پڙي جي ٺيڪيداري وٺڻ لاءِ ڪانٽي جو مقابلو آهي. هن وقت مين پڙي جو ٺيڪو مهيني جو ٽي لک روپيه نصرپور پوليس وصول ڪري رهي آهي. نصرپور زراعت جو مرڪز هئڻ جي ناتي پڻ مشهور آهي. بصر جي نصرپور ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڊي قائم آهي پر آبادگارن کي گهربل سهولتون موجود نه آهن ايتري قدر جو بصر جي وڪري لاءِ سرڪاي منڊي به نه آهي. هاڻي اهي سمورا مسئلا ڪير حل ڪندو ان جو نصر پور جي چاليهه هزار آبادي کي انتظار آهي.