رليف ڪيمپن ۾ ۽ متاثرين جي ٻيهر بحالي لاءِ ڪهڙا اُپاءَ ورتا وڃن

 پروفيسر ڀائي خان ”هالار“ سولنگي


                هي غريب ، اٻوجهه مسڪين ٻوڏ جا ستايل ماروئڙا سنڌ ڌرتي جي وجود جو اثاثو، سڃاڻ ۽ سونهن آهن. هي ٻوڏ واري آفت منجهان مصيبت مهل ڪيئن سر بچائي اتان نڪتا آهن. اهي جڏهن سنڌ گريجوئيشن ايسوسئيشن (سگا) ۽ سنڌ ڊولپمينٽ ايسوسئيشن (سدا) جي نمائندن الهورايو خاصخيلي، ڊاڪٽر محمد مجاهد صديقي، محمد هاشم لغاري، محمد ابراهيم شيخ ، پروفيسر سريش ڪمار، پروفيسر اعجاز قريشي، غلام سرور ابڙو، نذير ميمڻ، پروفيسر سعيده بشير، پروفيسر ڀائي خان سولنگي ۽ ٻين کي جڏهن پنهنجون ڪيمپن ۾ درد ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا، تڏهن اکين جي سمنڊ جا بند ٽٽي پون ٿا ۽ جيءُ جهري پوي ٿو. جن پنهنجن گهرن کي هٿن سان ٺاهيو، اهي پاڻي جي لهرن ۾ ڪرندي ڏٺائون، پٽ ۽ نياڻيون جن جي شادين جون تياريون هيون انهن منجهان ڪو گهوٽ ته ڪا ڪنوار دريا جي ڇولين ۾ لڙهندي ڏٺائون، ڏاج ڀريل ڪپڙن جون پيتيون ۽ سونا زيور ڪيڏانهن ٻڏي ويا. چوپايو مال ڀاڳوندن جو  سنڌو جي تيز وهڪرن جي ور چڙهي ويو، فصل سمورو تباهه ٿي ويو. ڪن کي ٿورو گهڻو سامان کڻڻ لاءِ هٿ آيو ڪن کي نه آيو، ٽرڪن ۾ جانورن جيان سٿجي جڏهن مسافري ڪيائون تڏهن پاڻيءَ لپ ۽ مانيءَ ڳڀي لاءِ ڏينهن منجهند جو اهي ٽرڪون حيدرآباد ۽ ڪراچي پهتيون تڏهن انهن جي جگر جا ٽڪرا انهن کان ڪيترائي وڇڙي چڪا هئا. دنيا جي عظيم منصفو ڪيمپن ۾ انهن کي آڻڻ وقت چوطرف اوڇنگارن ۽ روئڻ جو سڏڪندڙ آواز هو، پاڻي ۽ ماني هو نه پيا گهرن صرف ئي صرف پنهنجن پيارن جو ديوانن وانگي پڇندا رهن پيا. هي مفلس سانگيئڙا هن هيڏي وڏي ٻوڏ جي آفت کي اکين سان ڏسي آيا هن ۽ وري ڪيمپن ۾ احساس محرومي ، مايوسي ۽ بي وسي هڪ ٻئي آفت کي موقعو ڏيندي تنهن ڪري حڪومت تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هنن کي وڌيڪ ڪيمپن ۾ ڏکن بدران خوشيون ڏنيون وڃن.هنن جي زخمن جا ڇلڪا وري لاهي تازا نه ڪيا وڃن. هاڻي وري کنگهه، بخار، الٽي ۽ گيسٽرو وگهي سندن باقي اولاد جي جدائي هنن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي سڀني ٻوڏ متاثرين کي ترتيب وار رليف ڪيمپن ۾ رهايو وڃي، ڪوئي به ڪيمپن کان ٻاهر نه هجي. هرهڪ ٽينٽ ۾ هڪ خاندان کان وڌيڪ ماڻهو نه رهايا وڃن ۽ هڪ رليف ڪيمپ ۾ پنج هزار کان مٿي متاثرين کي نه رهايو وڃي ڇو ته انهن جي سنڀال بهتر نه ٿي سگهندي. سڀني ڪيمپن ۾ سرڪار پاران ڊاڪٽرس کي مقرر ڪيو وڃي جيڪي ڪيمپ ۾ اندر بيمار ٻارن، مردن ۽ عورتن جو طبي معائنو ڪندا رهن ۽ مفت اعليٰ معياري دوائون انهن تائين پهچائين. ليڊي هيلٿ ورڪرس کي انهن ڪيمپن ۾ موڪليو وڃي جيڪي اتي وڃي ميڊيسن استعمال ڪرڻ جون هدايتون ڏين. ڳوڙهارين عورتن کي ايمبولينس ۾ کڻي اسپتالن تائين پهچايو وڃي. سگا انهيءَ سلسلي کي برقرار رکندي ٽينٽ سٽي گلشن شهباز ڄامشور ۾ ڳوڙهارين عورتن جو الٽراسائونڊ  ۽ طبي معائنو ڪرائي، مفت دوائون تقسيم ڪندي حڪومت سان ٻانهن ٻيلي ٿي ڏيکاريو آهي. رليف ڪيمپن ۾ صاف پاڻي جي   ڏسو صفحو 6

 فراهمي لاءِ فلٽر پلانٽ لڳايو وڃي، جيڪو صحت مند معاشري جون پهريون مقصد آهي. سڀني رليف ڪيمپن ۾ اسڪول کوليا وڃن ۽ اتي ٻارڙن کي مفت ڪتاب ۽ ڊريسون ڏنيون وڃن. پنجويهه شاگردن تي هڪ استاد مقرر ڪيو وڃي، ڪيمپ جي اسڪول ۾ جيترا شاگرد هجن، انهيءَ شاگردن جي تعداد سان استاد مقرر ڪيا وڃن ته جيئن ٻارڙا بهتر تعليم پرائي سگهن. انهيءَ کان  پوءِ خوراڪ جو وٽان ۽ پروٽين وارو استعمال نه ٿين ڪري هن ويچارن جو ضعيف حال ٿي ويو آهي. روزانو چانور سو به پٽاٽن جو پلاءُ ڏينهن ۽ رات هنن جا معصوم ٻچڙا ڪيئن کائي سگهن.

اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته انهن کي پنهنجن ٻچن لاءِ جوس، کير، حلوو، چاشني، کيرڻي، رس مالٽي ۽ موسمي فروٽ جهڙوڪ صوف، ڪيلا، سردا، هنداڻا، چڪو، کهجور ۽ انگور مهيا ڪن ته جيئن هنن جو اولاد صحت مند ۽ تندرست رهي سگهي. روزاني صبح جو نيراني ڪيمپن ۾ هرهڪ خاندان کي صوف، انڊا، ڊبل روٽي ۽ کير مهيا ڪيو وڃي.

منجهند جو تازي مڇي، مرغي ۽ گوشت روزاني ترتيبوار فراهم ڪيو وڃي ۽ ان ڀاڄي ۾ ڳاڙهن مرچن ۽ آئل جو گهٽ استعمال ڪيو وڃي. رات جو کين کير، سبزي ، دال ۽ چانور ڏنا وڃن.

ٻوڏ متاثرين جي لاءِ روزاني هنن سڀني کاڌو خوراڪ جي شين جي استعمال جو جيڪڏهن ڪاٿو لڳايو ويندو ته ايترو خرچ ڪو نه ٿيندو جيترو غيرمعياري کاڌي جي استعمال سان بيماريون  پکڙجڻ ڪري روزاني فوتين جي انگ ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو. هي وقت حڪومت کي عوام آڏو ويساهه ڏيارڻ جو آهي، وس وارن جي قدم سان قدم ملائي سول سوسائٽيز، اين جي اوز، سگا، سدا ۽ عام پبلڪ ٻانهن ٻيلي بڻجي وڃڻ لاءِ هن وقت تيار آهن. وقت اچي ويو آهي ته صوبائي وزير ڪيمپن تي متاثرين سان گڏجي ڏک سور ونڊين، جمهوري حڪومت جي اها وڏي سوڀ هوندي جو صوبائي وزير ڪيمپن تي متاثرين  سان گڏجي عيد ملهائيندا ۽ عيد جو چنڊ ڏسڻ کان پهريائين متاثرين کي عيد جا ڪپڙا، ٽوپيون، اجرڪ ۽ شالون اوڍائيندا، تاريخ ان ڏينهن کي پنهنجي ڳل ۽ ڳچيءَ جو هار بڻائي ڇڏيندي. هن کي پنهنجي مٿان بار نه سمجهو، ڏکئي وقت ۾ ملڪ، قوم ۽ ڌرتيءَ جا هي ئي رکوالا آهن. سيهڙ ڳوٺ جا عبدالجبار ڪانڌڙو ۽ عبدالجبار ملاح سنڌ جا اهي وارث آهن جن ڏکين گهڙين ۾ جانين جو نذرانو ڏئي ويساهه ڏنو. هنن لالن جا لاش اڃا به بند ۾ پوريل آهن جيڪي درياهه بادشاهه کي پنهنجي مارن جي پارت ڪن ٿا. سنڌ جي هنن ٻن هيروز کي سرخ سلام ۽ قرباني ڀريو سلام هنن جي والدين کي جيڪي سندن دٻيل لاش بند مان ان ڪري نه ٿا ڪڍن ته متان گهارو لڳي وڃي ۽ ٻيا ڳڀرو پنهنجن مائرن کان جدا ٿي وڃن. يقينن هي سنڌ جا سپوت آهن هنن کي هٿين خالي نه سمجهو، هنن جا هٿ سونا هن. اڄ به هنن کي ڪيمپن اندر هنري سامان فراهم ڪري ڏنو وڃي، هي اوهان کي ڀرت، زري، ٽوپيون، ڳانا، مور، سڳيون ۽ اڳٺ ٺاهي، پنهنجي اوچي ڳاٽ سان فخر محسوس ڪندا. هنن کي رڳو اوهين روزگار جو موقعو ڏيو، هي پنهنجو پاڻ ملهائي ڏيکاريندا، حڪومت جو اولين فرض اهو ٿئي ٿو ته سنڌ جي نمڪ حلال فرزندن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پلاٽ ڏئي، گهر ٺهرائي، مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. جڏهن ته ڪراچي ۾ برمي، بنگالي ۽ پٺاڻ سڀئي رهن ٿا ته هنن ڌرتي ڌڻين جو به حق آهي ته هن کي سنڌ جي دل ڪراچي ۾ آباد ڪيو وڃي. هنن جي گهرن جون ڪالونيون ٺاهيون وڃن ۽ آرڪيٽيڪچرس ٻيهر پلان جوڙين ، ڏهن کان پندرهن گهر هڪ گهٽي ۾ ٺاهيا وڃن، جن جي Uniform height هجڻ گهرجي. هنن جي ڪالونين ۾ جيڪي روڊ، اسڪول، مسجدون ۽ هيلٿ يونٽ ٺاهيا وڃن انهن ۾ هنن کي مزدوري ڏني وڃي۽ روزانو شام جو هنن کي معاوضو ادا ڪيو وڃي. حڪومت پاران سڀني ٻوڏ متاثرين کي سرڪاري ادارن ۾ ڪارخانن ۾ مالهي، چوڪيدار ۽ ٻيون نوڪريون ڏنيون وڃن. هن ۾ جيڪي وڌيڪ پڙهيل آهن ته انهن کي بهتر نوڪريون ڏنيون وڃن. ان ڏس ۾ حڪومت انڊسٽريز کي پابند ڪري ته هنن ماروئڙن کي نوڪريون ۾ لڳايو وڃي. انڊسٽريز هميشه پنهنجو پاڻ سگهارو هنن مزدورن جي پورهئي تي ڪيو آهي. هاڻي انڊسٽريز کي پنهنجو فرض نڀائڻ گهرجي.