متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو !!

مخمور مهيري


ڪيمپن طرف تڪڙا هلو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو،

عيد مبارڪون تحفا ڏيو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.

پنهنجي گهرن کان دور آهن، مدد جا مستحق ۽ مجبور آهن،

گڏجي ساڻن خوش ٿي کلو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو،

سوين صدمن جا ستايل آهن، بخارن اندر بکايل آهن،

سندن وڌايو همت حوصلو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.

عيد تي غمناڪ آهن، ننڍا وڏا چاق ناهن،

خوش ٿي ڪريو ڀائرن جو ڀلو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.

ڪپڙا رانديڪا وٺو، حلوا، مٺايون به کڻي هلو،

اڳيان عجيبن جي رکو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.

واٽون اوهان جون ڏسندا هوندا، ملڻ لئي هو به ترسندا هوندا،

عزت ڏيو ۽ عزت وٺو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.

هٿن ساڻ گهارا هڻائي، برباد سنڌ کي جن ڪيو،

نالا تن جا به ياد رکجو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.

هڪڙا ٻوڙيا ٻوڏ پاڻي، ٻين کي پنهنجن وڌو گهاڻي،

اليڪشن ۾ ڪجهه فيصلو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.

نا اهلي ساڻ ڳوٺ ٻڏا، ڪيمپن اندر ٿيا جهيڙا ڦڏا،

ڪنهن ڪنڌ، ڪنهن ڪٽيو گلو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.

ٻيڙيون اٿليون ماڻهو مئا، هيبتناڪ ٿيا حادثا،

انتظام ٿي ويو ابتو الٽو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.

ووٽر ٿي ويا دربدر، وڏا ساڻن ٿيا حشر،

عزت ساڻ نه مليو اٽو، لٽو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.

 عوام جي خدمت عبادت، ان ساڻ رسي ٿي روح کي راحت،

مخمور هن هدايت تي هلو، متاثرين ساڻ محبت ساڻ ملو.