|
صالح پٽ ۾ ٻوڏ متاثر بي يارومددگار ديوان سڪندر صالح پٽ جتي ٻوڏ بعد گيسٽرو، وگهي معصوم ٻارڙا مرڻ لڳا آهن. اتي حڪومت جي دعويٰ جي ابتڙ هتي آيل ٻوڏ متاثر بي يارومددگار آهن. ضلعي سکر ۾ صالح پٽ لاءِ اعلانيل 7 ميڊيڪل ڪيمپن مان هڪ به ڪيمپ نظر نٿي اچي. ابتو صالح پٽ ۾ صالح پٽ ، رياض آباد ۽ جنوجي شفاخانو جيڪي 3 صحت مرڪز هئا، انهن مان صالح پٽ کان علاوه ٻه مرڪز بند ڪري ڊاڪٽرن کي سکر موڪليو ويو آهي. صالح پٽ صحت گهر ۾ اسٽور ڪيپر مرضي جو مالڪ بڻجي ويو. 12 بجي اسٽور بند ڪري گهر هليو وڃي ٿو. اهڙي شڪايت بي ايڇ يو صالح پٽ جي ميڊيڪل آفيسر، پي پي ايڇ آءِ ضلعي سکر جي انچارج ڊاڪٽر نجيب الله چاچڙ کي ڪئي جنهن سنڌي طرح نوٽي وٺڻ بجاءِ اسٽور ڪيپر کي وضاحت لاءِ چيو آهي. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هتي پوري تعلقي ۾ صحت جون ڪي به سهولتون ناهن ڳوٺ وينجهڪو ۾ 5 ساله ظهران ڌي محبت بالڪاڻي گسٽرو وگهي فوت ٿي وئي. 15 کان وڌيڪ ٻارڙا ڪالهه تائين گيسٽرو ۾ ورتل هئا. ٻئي طرف سيد عنايت حسين شاهه جي حوالي ڪيل راشن پڻ ٻوڏ متاثرين کي ناهي ملي سگهيو. هاءِ اسڪول ۾ قائم ڪيل ڪيمپ جي 15 خاندانن کي فقط بسڪٽ ۽ راشن مليو آهي. جڏهن ته هن علائقي ۾ اربن رپين جي زمين مالڪ هجڻ باوجود سيٺ لڌومل ، سيد احسان علي شاهه، نالي ماتر پنهنجي مدد پاڻ تحت انهن متاثرن جي امداد ڪئي آهي. جڏهنن ته باقي ڪنهن به ماڻهو کي خوف خدا نظر نٿو اچي، غوثپور، ڪنڌ ڪوٽ، گهوٽڪي توڙي ٻين علائقن مان لڏي آيل ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پيارن جي وڇڙڻ جو داستان ٻڌائين ٿا. اتي هڪ داستان ظهران ڌي محبت جو روئاريندڙ هئو جنهن جي ڏاڏي ۽ چاچي ٻوڏ وهڪري ۾ لڙهي وئي. سندس ٻن سالن جو ڀاءُ گسٽرو وگهي مرڻ ڪنڌي تي هئو ۽ جڏهن هو مري وئي ته ڪنهن کيس پراڻي ڪپڙي جو ڏئي کيس دفن ڪيو ويو. اتي مون کي هڪ مثال ياد اچي ٿو ته حضرت ابوبڪر رضه کان روايت آهي ته هن هڪ دفعي چيو ته جيڪڏهن مان مري وڃان ته مون کي پراڻي ڪپڙي جو ڪفن ڏجو. نئين ڪپڙي جي حاجت ڪنهن غريب مسڪين کي متان هجي، اهو ڪپڙو ان کي ڏجو ته ڇا اڄ اسان جي ڏسو صفحو7 معاشري ۾ ايتري به نه هجي جو ڪنهن مري ويل فرد جي لاءِ ڪفن جو بندوبست ڪجي يا اڃا اسان صحافين کي اهڙيون رپورٽون لکڻيون پونديون ته هاڻي ڪفن به نٿا ملن !!! هتي روينيو کاتي ڪيترن اميرن کي فقير ۽ فقير کي امير بڻائي ڇڏيو آهي. هتان جي ڀنڀرا سردار لائق خان ڀنڀرو جي زمين برادريءَ جي هڪ وڏيري جي حوالي ڪرڻ سميت هڪ شخص کي اڄ هزارين ايڪڙ جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو مختيارڪار ٻن بيواهن عورتن جي 2 ڪروڙ جي زمين وڪرو ڪري ڇڏي اخبارن ۾ خبرون رپورٽ ٿيڻ بعد مختيارڪار عورت جي ڀاءُ وڏيري الاهي بخش ۽ پٽ سيمت 4 ڄڻن خلاف ٻڪري چوريءَ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو ۽ صحافين لاءِ هٿيار بند گهرائي ڌمڪائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. صالح پٽ پوليس بنا جاچ جي بيوه عورتن جي ڀائرن کي ٻڪري چوريءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ پڻ مذمت جو ڳو عمل آهي. ڇا انهن عورتن کي پوليس ۽ مختيارڪار ڏاڍاين خلاف انصاف پلئه پوندو؟ مري ويل ماڻهن کي ڪفن نصيب ٿيندو؟ اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو !!. |