گيسٽرو ۾ ورتل ٻوڏ ستايل بکين ٻارن جون زندگيون بچائڻ ڪنهنجي ذميواري آهي ؟؟

 نور سنڌي


                سنڌ جو ٻوڏ تباهه ڪارين سان گڏ مختلف وبائي بيماريون خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويون آهن. جن ۾ خطرناڪ خارش، چمڙي جون ٻيون بيماريون، مليريا ، بخار، گيسٽرو ۽ ٻيون بيماريون شامل آهن. ليڪن گيسٽرو ته ٻوڏ متاثرن مصيبت ماريلن لاءِ موت جو راڪاس بنجي آيو آهي. ميڊيا تي ايندڙ رپورٽن موجب هزارين وڏي ڄمار ۽ لکين ٻارڙا گيسٽرو ۾ ورتل آهن. گيسٽرو ورتل مريضن مان روزانو 50 کان 100 تائين مري رهيا آهن. ٻوڏ تباهه ڪاريون شروع ٿيندي ئي صحت تي ڪم ڪندڙ عالمي ادارن پاران اها وارننگ ڏني هئي ته ٻوڏ جي ڪري گيسٽرو خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويندو ۽ لکين ٻارن جون زندگيون خطري ۾ هوندي ان لاءِ صحت کاتو بنا دير گيسٽرو کان بچاءَ ۽ بنا دير اعلان جو مناسب انتظام ڪري پر سنڌ جي صحت کاتي ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ گيسٽرو ٻوڏ متاثرين لکين ٻارن تي پنهنجا چنبا اچي کوڙيا ته به صحت کاتو ان طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ ۽ انتطامات لاءِ پريس بيان جاري ڪرڻ ۽ رڪارڊ جي خانه پوري ڪرڻ لاءِ گڏجاڻين مٿان گڏجاڻيون ڪرڻ ۾ مصروف هئا. ليڪن گڏجاڻين ۾ ڪيل فيصلن تي ماضي وانگر هن هنگامي حالتن ۾ به عمل نه ڪرايو ويو. صحت کاتي جي اهڙي ڪارڪردگي تي صحت تي ڪم ڪندڙ عالمي ادارن تشويش ظاهر ڪئي ۽ صحت کاتي جي اهڙي ناقص ڪارڪردگي ۽ گيسٽرو وگهي بروقت علاج نه ٿيڻ ڪري مرندڙ ماڻهن خاص طور ٻارن جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد صحت کاتي پاران ٻوڏ ستايل جي علاج معالج لاءِ انتظام شروع ڪيا. ليڪن شروع ڪيل انتظام اڄ به اڻ پورا آهن. شايد ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ ٻين ادارن وانگر عام چواڻي ته ”آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ وانگر“، صحت کاتو ٿيندڙ تنقيد ۽ صحت جي عالمي اداري پاران تشويش جي ڪري بس خانه پوري ڪرڻ لاءِ عملي ڪم گهٽ پر نمائشي ڪم وڌيڪ ڪري رهيا آهن. صحت جي ماهرين موجب اهي بيماريون خاص طور گيسٽرو گندگي، صاف پاڻي نه هئڻ، هٿ صابڻ سان ڌوئي ماني نه کائڻ، هڪ هنڌ تي گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جي رهڻ ڪري ٿي رهيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ٻوڏ ستايل ٽن وقتن جي ماني لاءِ ۽ سر لڪائڻ لاءِ پريشان آهن. هنن جو سڀ          ڏسو صفحو7

ڪجهه پاڻي ۾ لڙهي ويا جيڪي چار ڏوڪڙ کيسي ۾ هئا اهي به هنن وٽان ختم ٿي ويا آهن ته اهڙي صورتحال لاءِ انهن بيمارين خاص طور موت جو راڪاس بنجي ايندڙ گيسٽرو کان بچڻ لاءِ هو صاف پاڻي ، هٿ ڌوئڻ لاءِ صابڻ ڪٿان آڻن هو پنهنجي گهرن ۾ نه آهن . هو ته دربدري واري زندگي گذارين پيا ته پوءِ صاف ماحول ڪٿان آڻين صاف پاڻي ڏيڻ. متاثرين وارن علائقن ۾ صفائي ۽ هٿ ڌوئڻ لاءِ صابڻ ڏيڻ جو انتظام ڪرڻ ته حڪومت جي ذميواري آهي. هن ڏکئي وقت ۾ حڪمرانن کي متاثرين کي بي يارومددگار نه ڇڏڻ گهرجي. متاثرين کي انهن وبائي بيمارين کان بچائڻ ۽ علاج معالج جو بهتر سهولتيون ڏيڻ حڪمرانن جي ذميواري آهي.افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته ٻوڏ سان امڪاني بيمارين کان عوام کي بچائڻ لاءَ کين علاج جون بهتر سهولتون ڏيڻ لاءِ حڪمرانن کي خاص طور تي صحت کاتي کي اڳواٽ پلاننگ ۽ بهتر انتظام ڪرڻ گهربا هئا. ليڪن انهن تي ڪهڙي ميار جن ايندڙ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان بچڻ لاءِ ڪو به بهتر انتظام ڪرڻ بجاءِ عوام کي پاڻي جي صحيح انگ اکرن ۽ صحيح صورتحال کان آگاهي نه ڏئي رهيا هئا. جي ٻوڏ جي خطري ۽ امڪاني تباهه ڪارين کان بچڻ لاءِ ڪا پلاننگ ڪا حڪمت عملي جوڙي ان تي عمل ڪن ها ته اڄ قوم کي هنن مصيبت جو منهن ڏسڻو نه پئي ها. ايڏي پيماني تي نقصان نه ٿئي ها. اهڙي ريت ٻوڏ سان صحت جي حوالي سان امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ به اگر بهتر پلاننگ ڪري ڪا حڪمت عملي جوڙي ان تي عمل ڪيو وڃي ها ته مختلف بيمارين خاص طور گيسٽرو سان هيڏي انگ ۾ موت نه ٿين ها. لکين ٻار متاثر نه ٿين ها ۽ هاڻ ملڪ جو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به 35 لکن کان وڌيڪ ٻارن ۽ وڏن ماڻهن جون زندگيون گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين جي ڪري داءَ تي لڳل آهن ۽ هن حڪومت اڪيلي سر سهولتون پوريون نه ڪري سگهڻ ۽ اڳواٽ خبرداري جو نظام جوڙڻو پوندو، واري ڳالهه به ڪئي آهي. اسين وزيراعظم پاران اڳواٽ خبرداري وارو نظام جوڙڻ واري اعلان جو خير مقدم ڪريون ٿا پر جيڪڏهن وزيراعظم ٻوڏ کان اڳ امڪاني ٻوڏ ۽ ٻوڏ بعد امڪاني بيمارين اچڻ اکن اڳ ڪري ها ته سون تي سهاڳو هو پر سندس بيان ”سڀ ڪڇ لٽاڪي هوش ۾ آئي تو ڪيا“ وانگر آهي، پر دير سهي پر درست وانگر هاڻ جڏهن حڪومت اهڙو نظام آڻڻ چاهي ٿي ۽ اهڙو نظام رائج ٿيو ته مستقبل ۾ اسان موجوده خطرناڪ جهڙي صورتحال کان يقينن بچي سگهنداسين. پر ايئن نه ٿئي جو ٻوڏ تباهه ڪارين بعد حڪمران اهري بهترين عمل تي عمل ڪرڻ کان اڳ انهن اعلانن کي وساري ڇڏين. دنيا جا ترقي يافته ملڪ نه صرف امڪاني خطرن وقت اڳواٽ خبرداري وارو نظام آهي پر هو انهن امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام ضروري انتظام ڪندا رهيا آهن. ان ڪري حڪمرانن پاران اهڙي اعلان تي عمل ٿئي.

اسين صدر پاڪستان ، وزيراعظم، وزيراعليٰ سنڌ کي اهو چونداسين ته جيستائين عالمي ادارن پاران بيمارين ۾ وڪوڙجي موت جي منهن ڏانهن ويندڙن لاءِ ڪا طبي امداد پهچي اسان پنهنجي ملڪ ۾ اگر اسان وٽ موجوده وسيلن کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪريون ۽ صحت کاتو صرف خانه پوري ڪرڻ لاءِ آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ وارين روايتن  کي ختم ڪري انهن بيمارين خلاف ميڊيڪل جا هٿيار کڻي بيمارين ۾ وڪوڙيلن جي بروقت طبي مدد ڪن ته به اسين بيمارين ۾ ورتل لکين ماڻهن جون زندگيون بچائي سگهون ٿا. ڳالهه آهي نيت جي جيڪڏهن صحت کاتي جي نيت صاف آهي ۽ هو عملي طور هن سلسلي ۾ ميدان تي اچن ٿا ته ان جا بهترين نتيجا سامهون ايندا پر جيڪڏهن حڪمرانن هنن بيمارين ڏانهن توجهه ڏين ۽ ان صورتحال کي هنگامي حالتن ۾ منهن نه ڏنو ته پوءِ لکين ماڻهو مري ويندا. حڪمرانن تي قانوني توڙي اخلاقي فرض عائد ٿو ته هو اعلانن، ڳالهين ، عالمي ادارن ڏانهن نهارڻ بجاءِ ٻوڏ ستائلن ، مصيبت ماريل ماڻهن تي ٻوڏ بعد بيمارين پکڙجڻ وارن سببن کي ختم ڪيو وڃي. ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي پهچائڻ لاءِ انتظامات ڪيا وڃن ٻوڏ وارن علائقن ۾ بيمارين جي جراثيمن کي ختم ڪرڻ وارا اسپري ڪرايا وڃن. ٻوڏ ستايلن کي هٿ ڌوئڻ لاءِ سستي وارا ئي صحيح صابڻ ڏنا وڃن ۽ کين بيمارين کان بچڻ وارن حفاظتي اپاءَ وارن نڪتن تي عمل ڪرائڻ لاءِ هنن ۾ هيلٿ ايجوڪيشن شروع ڪئي وڃي. اسان سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ انهن اين جي اوز کي به گذارش ڪنداسين ته هو به هنن متاثرين کي انهن بيمارين کان بچائڻ لاءِ کين صحت صفائي جي اهميت ۽ انهن بيمارين جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ کين صاف پاڻي ۽ هٿ ڌوئڻ لاءِ صابڻ ڏنا وڃن. عام حالات ۾ اهي اين جي اوز لکين رپيا خرچ ڪري 5 اسٽار هوٽلن کان وٺي ننڍن ڳوٺن تائين ماڻهن ۾ صحت صفائي بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ پروگرام ٿيندا رهيا آهن ۽ عام جاين تعليمي ادارن ۾ وڃي ٻارن ۾ مفت ۾ صابڻ واري فوٽو  ۽ فوٽيج تي ڪڍرايو  پر قوم تي آيل هن ڏکي گهڙي ۾ اهڙا عمل ڇو نه ڪري رهيا آهيو هنن حالتن ۾ جتي لکين انسانن جون جانيون خطري ۾ هجن اتي پاڻ هنن کي وڌيڪ موثر انداز ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي.هن وقت اعلانن ، دعوائن ڳالهين ڏيکاءَ وارين ڳالهين جو نه آهي. هي وقت عملي ڪم ڪرڻ مصيبت ماريل مظلوم بنيل ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جون آهي. بيمارين ۾ ورتل متاثرين جون زندگيون بچائڻ لاءِ صحت کاتي  کي ضمير موجب ايمانداري ۽ عملي طور ڪم ڪرڻ گهرجي، پرائيويٽ ڊاڪٽرن ، هوميو فزيشن ، حڪمين کي به  هن خطرناڪ صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري انسانيت ناتي پنهنجو فرض نڀائڻ گهرجي ۽ آخرت سٺي ڪرڻ گهرجي.