ٻوڏ متاثرين مختلف بيمارين ۾ ورتل

 عبدالقيوم ميمڻ


                ضلعي ٺٽي ۾ آيل ٻوڏ کان پوءِ متاثرين پاران تعلقي گولاڙچي جي مختلف علائقن ۾ اچي پنهنجون جانيون بچايون ۽ ڪجهه ڏينهن تائين کين هر سهولت ملندي هئي پر جڏهن سجاول ۽ جاتي شهرن ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيو ته اتي جا به شهري گولاڙچي، ڪڙيو گهنور، ترائي، کورواهه جي رليف ڪيمپن ڏانهن اچڻ جو سلسو شروع ڪيو، ڪيمپن ۾ پهرين ته سهولتون جام هيون پر آهستي آهستي انهي سهولتن ۾ گهٽتائي اچڻ سبب ڪيمپن ۾ مختلف بيمارين منهن ڪڍيو جنهن ۾ گيسٽرو، مليريا، ملهي جي بيمارين ٻارڙن ، عورتن ۽ مردن کي لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 17 ٻار ، مرد ۽ عورتون پنهنجون  جانيون وڃائي چڪا آهن. جنهن ۾ الهه بخش ، 18 ساله سڪينه، 12 سال صائم بلوچ، الله بخش جتوئي، 5 سالن جي صائم کوکر سميت 17 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا جڏهن ته تعلقي ۾ قائم بوائز هاءِ اسڪول، گرلز هاءِ اسڪول، نيشنل ڪاليج، مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ ٻين سرڪاري اسڪول توڙي عمارتن ۾ قائم رليف ڪيمپن ۾ گيسٽرو جي وبائي صورت اختيار ڪري ويو آهي. جنهن سبب تعلقي گولاڙچي ۾ قائم رليف ڪيمپن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙن سميت 180 کان مٿي ٻار عورتون ۽ مرد گيسٽرو جهڙي وبائي خطرناڪ بيماري جي ور چڙهي ويا آهن پر افسوس سان چوڻو پئجي ٿو ته تعلقه اسپتال ۾ نه بيڊ ملي ٿو نه ئي دوا جي ڪا سهولت ملي ٿي جڏهن ته ڪجهه عورتن ، مرد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال ۾ ڪا به  سهولت نه آهي جڏهن ته اسپتال ۾ به ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري اسان کي  لائين ۾ بيهي انتظار ڪرڻو پوي ٿو پر افسوس جو ڊاڪٽر ڪلاڪن کان پوءِ اچن ٿا ۽ ابرو سڀرو ڏسي هڪ دوا جي شيشي ۽ ٻه ٽي گوريون ڏئي روانو ڪري ڇڏين ٿا. پر هتي 180 مريض گسٽرو جا آهن پر اڃا تائين ڪا به ميڊيڪل ٽيم نه پهتي آهي ، انتظاميه اگر ڇو ايتري لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. ٻوڏ متاثرين کي حفاظت لاءِ کڻي ته آئي آهي پر هن جي سار آخر ڇو نه ٿا لهن. انتظاميا ٻوڏ متاثرين کي محفوظ جڳهين تي رکيو ته ڇو جو  هنن کي ڪو نقصان نه ٿئي پر انتظاميا کي اها خبر نه آهي ته گيسٽرو ، مليريا ۽ ٻين بيمارين هن وقت تائين 17 جانيون ڳڙڪائي چڪيون آهين پر انتظاميا هنن لاءِ ڪجهه     ڏسو صفحو 6

به نه ڪيو آهي ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اگر هن غريبن ۽ مسڪينن ماڻهن کي پنهنجي گهرن مان ڪڍي رليف ڪيمپن ۾ ۽ روڊ رستن تي بي يارومددگار بڻائي ڇڏيو آهي گهٽ ۾ گهٽ حڪومت کي گهرجي ته هن غريب مسڪين ماڻهن کي هر ممڪن سهولت مهيا ڪري ڏئي.