|
ڪئمپن تي ڦهلجندڙ وبائي بيماري ۽ ملندڙ کاڌ خوراڪ خالد ٻانڀڻ سکر ۾ آمريڪا جون امدادي ٽيمون جنهن ۾ يو ايس ورلڊ پروگرام، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن سان گڏ آمريڪي ڪائونسل جنرل وليم مارٽن ٻه دفعا سکر جي ڪئمپن جو دورو ڪري چڪو آهي. هن وقت متاثرين کي وڏي ۾ وڏو ٿريٽ وبائي بيماريون آهن. جيڪي تيزيءَ سان ڦهلجن پيون، خوفائتي حالت اها آهي ته يو ايس ايڊ ورلڊ پروگرام وارا خطرناڪ ڪالرا جي بيماريءَ جي ڦهلجڻ جا خدشا ڏيکاري چڪا آهن. گيسٽرو ۾ پهريان ئي ڪيترن ٻارن جون جانيون هليون ويون آهن سکر جي اسلاميه ڪاليج ۾ پهريان 5 سالن جو ڀاءُ بعد ۾ 2 سالن جي ڀيڻ بينظير چاچڙ جان تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن. ڪئمپن ۽ کلي آسمان هيٺ 45 کان مٿي عورتون ٻارن کي جنم ڏئي چڪيون آهن. اسان لاءِ اهو ڇرڪائيندڙ لمحو هيو. جڏهن سکر باءِ پاس تي ڪئمپن کان هٽي ڪري وڻن هيٺان ويٺل هڪ ڳورهاري عورت کي سور ٿيا. ڀر پاسي ۾ ويٺل عورتن چوڌاري بچائي آندل کٽون رکي ۽ انهن کي رليون ڏئي ٻار کي جنم ڏياريو. پر ٿوري فاصلي تي ضلعي صحت کاتي ان کان ٿورو پر ڀرو پاڪستان ايئرفروس جي ميڊيڪل اسپتال ۽ هڪ ڪلوميٽر تي يو اين جي ميڊيڪل ڪئمپ سان گڏ اسپتال موجود آهي. پر هن ٻار ڄڻيندڙ عورت طرف ڪنهن به توجهه نه ڏني. جڏهن ڪئمپن جي حالت جي باري دانهون ميڊيا ۾ زور پڪڙي ويون ته ان بعد هاڻي ڪئمپن کي مختلف فورسن ورهائي کنيو آهي. هڪ ڪئمپ آرمي، رينجرز ٽئي، ايئرفورس چوٿين يو اين وارن جي قبضي هيٺ هجڻ، چوڌاري ٽينٽ هڻي باقي ماڻهن جي داخلا بند ڪئي وئي آهي. هڪ سرڪاري ڪارندي کان پڇڻ تي جواب مليو ته ٻوڏ متاثرين جي آڙ ۾ٻيا ماڻهو اچي امداد وٺن ٿا. اسان چاهيون ٿا متاثرين جي رجسٽريشن ڪري شفاف نموني امداد ڏئي سگهون. پر هتي ته ميڊيا وارن کي روڪيو پيو وڃي واري سوال جو هن وٽ ڪو جواب نه هيو. اسڪولن، روڊن جي ڪنارن سان قائم ڏسو صفحو 7 ڪئمپن جي اندر توڙي ٻاهر پهتل سکر ۾ 2 لک ٻوڏ متاثرين جي اڪثر ٻارن جي جسم تي پورا ڪپڙا به پاتل ناهن سکر جا چونڊيل نمائندو چون ٿا هو روزانو 500 سو قورمي جون ديڳيون 7 هزار نان بچائي ڪئمپن تي پهچائين ٿا. ٻئي طرف هيئن به ٿي رهيو آهي ته هر يو سي ۾ 50 کان 60 ديڳين جي جاءِ تي 2 ديڳيون وڃن ٿيون ۽ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪندي 120 گرام واري نان جي جاءِ تي 70 کان 80 گرام جو نان بچايو پيو وڃي. مون کي اهڙيون خبرون ميونسپل اسٽيڊيم ۽ مهراڻ ڪلچر هال ۾ پچندڙ سرڪاري کاڌي جي دوري دوران پيون. قورمي کان علاوه 5 سو ديڳيون چانورن جون پڻ ڏين ٿا. ڪئمپن تي بيماريون ڪيئن نه ڦهلجن اتي گندگي سان گڏ ڏينهن جو مڻ مکين جا رات مڇرن جو آزار وڌيل آهي بجلي جو ڪو نالو نشان نظر نه ايندو اهڙين حالتن ۾ ماڻهو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن. ڪنهن در دانهن ڏين ڪنهن کي پنهنجو مسيحا سمجهن سال 2010 جي ٻوڏ فصل، کاڌي جو سامان انفرا اسٽريڪچر سان گڏ ٽرانسميشن لائينون، ڳوٺ گهر شهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن. پر وڏيون جانيون به هليون ويون آهن. سنڌ ۾ ٻوڏ ايترو قيمتي جانين سان ناهي کيڏيو جيترو وقت جي حڪمرانن جي ناقص پاليسين سبب ڪئمپن تي ٻار عورتون، مرد روزاني جي حساب سان مري رهيا آهن ۽ حڪمرانن جي بي حسي به ڏسڻ وٽان آهي. تڏهن ته يو ايس ايڊ وارا چون ٿا هر امداد جي مد ۾ آيل هڪ هڪ ڊالر جو حساب وٺندا ۽ وٺڻ به گهرجي گهٽ ۾ گهٽ هن مشڪل گهڙيءَ ۾ غريبن جو پئسو غريبن جي پيٽ تائين پهچڻ گهرجي هاڻي وقت جي حاڪمن کي گذارش آهي ته جيڪي پنهنجا گهر ٻار رلائي فقيرن جي حالت ۾ اچي ويا آهن ڪٽورا هٿن ۾ کڻي قطارون ٺاهي بيٺل هي ماڻهو جن تي فورس جا ڏنڊا به اڀا آهن. جن جا ٻار ضرور پنهنجن گهرن ۾ موجودگي دوران ڪيڏا نه انگل ڪندا هوندا ماني تي ڪيئن ڪاوڙبا هئا. پر هاڻي اهي نٽهڻ اس ۾ ڪنهن وڻ جي اوٽ بي يارو مددگار ويٺل آهن هنن جون ڪي به خواهشون ناهن شيءِ وٺڻ لاءِ امڙجي پلئو ۾ هڪڙو روپيو به ناهي. ملڪ ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ تباهي جا انگ اکر هن وقت ملڪ ۾ آيل ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آهي ان جو اندازو صرف هن مختصر انگن اکرن جي جهلڪ سان ڪري سگهو ٿا. چئني صوبن ۾ 476251 لک گهر تباهه ٿيا آهن سنڌ ۾ 211375 لک گهر آهن. خيبرپختونخواهه ۾ 178493 گهر، گلگت بلتستان جا 2820 آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 6870 گهر ڪري پيا آهن جن ۾ وڌيڪ تعداد ڪچن گهرن جو آهي. ساڳي ريت 10963 ڳوٺ پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويا. پنجاب جا 2132 ڳوٺ سنڌ جا 4295 ڳوٺ هن وقت تائين ٻڏا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي جو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي پر خيبر پختونخواهه ۾ 581 ڳوٺ بلوچستان جا 2584 ڳوٺ گلگت بلتستان ۾ 371 ڳوٺ به شامل آهن ان سان گڏ پاڻ جيڪڏهن انفرا اسٽريڪچر جو جائزو وٺنداسين ته پاڪستان جو هاءِ وي 2433 ملين تائين ريلوي نظام 3508 ملين تائين تباهه ٿي ويو آهي. هاءِ وي کاتي کي 158 ملين ۽ ريلوي کاتي کي 131 ملين جو نقصان ٿيو آهي بلڊنگون تباهه ٿيڻ سان هڪ بلين ڊالر جي نقصان جو اندازو ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف زراعت ۾ جيڪا تباهي ٿي آهي ان جي جهلڪ هيءَ آهي ته زراعت جي کاتي ۾ ملڪ کي 2.9 بلين ڊالر جو نقصان پهتو آهي جنهن ۾ 7 لکن ايڪڙن تي پوکيل وونئڻن جو فصل 2 لک ايڪڙ تي پوکيل ڪمند جو فصل ۽ 2 لک ايڪڙ سارين جو فصل ۽ 5 لک ٽن پيل ڪڻڪ سان گڏ 3 لک ايڪڙن تي جانورن جي گاهه لاءِ پوکيل فصل تباهه ٿي ويا آهن. اندازو نه ٿا ڪري سگهون هن مهل تائين ٻه لک جانور پڻ ٻوڏ جي ور چڙهي مري ويا آهن 10 هزار ٽرانسميشن لائينون ختم ٿي ويون آهن جنهن ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر، فيڊر، پاور هائوس شامل آهن جنهن جي ڪري ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ ۾ 3.135 ميگا واٽ بجلي جو شارٽ فال آيو آهي. هن وقت تائين اقوام متحده پاڪستان کي 460 ملين ڊالرن جي هنگامي بنيادن تي امداد ڏئي چڪي آهي. تقريبن ملڪ جي 36 ضلعن جا 9 لک 50 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته ان تباهي ۾ سنڌ جي 23 ضلعن مان هن وقت 17 ضلعا ٻوڏ جي لپيٽ هيٺ آيل آهن سنڌ ۾ 2 لک ايڪڙ وونئڻن جو فصل 5 لک ايڪڙ سارين جو فصل تباهه ٿيو آهي. |