|
دربدرين ۽ محرومين جي مند ۾ آيل عيد محمد بخش ڏاهري هاڻي اهي عيدون اسان کان وسري ويون آهن، جيڪي دلين جا اڱڻ خوشين سان ڀري ڇڏينديون هيون. اوسيئڙن جي پلصراط تان پار ٿي جڏهن ان ڏڻ ملهائڻ لاءِ ميلا مچندا هئا، ته دليون جهومي پونديون هيون. دل جا درد دور ٿي ويندا هئا، خوشي جواهڙو سما قائم ٿي ويندو هو جو دلبر جو ديد محسوس ٿيندو هو.عيد جو چنڊ ڏسڻ لاءِ لکين نگاهون سرمائي سانجهه جو سپنو بنجي وينديون هيون. سنڌ تڏهن به غربت ۾ گهيريل هئي، پر احساس جا ديپ اجهامي نه سگهيا هئا. سنڌ طويل تباهه ڪارين جي باوجود پنهنجو ڀرم برقرار رکيو هو. ارغونن ، ترخان، مغلن، ڊچن، پورچيگيزن جيتوڻيڪ سنڌ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، پر سنڌ جي جهول ۾ پوءِ ڌرتي تي وسندڙ نسلن لاءِ خوشيون جا اڻ کٽ خزانا موجود هئا. ڪڌين رسمن جي گرهڻ به سنڌ جو ڪجهه بگاڙي نه سگهي . ڦورن لٽيرن نه فقط سنڌ وطن تي راتاها هنيا، کيس نيست نابود ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو. سنڌ ۾ ڪئين مڪليون آباد ٿي ويون، پر سنڌ ختم نه ٿي سگهي. ڦورو ماڻهن نه فقط سنڌ کي لٽي تباهه ڪيو ، پر ڪڌيون رسمون به رائد ڪيون، جيڪي اڃان اسان جو پيڇو ڇڏي نه سگهيون آهن. جيتوڻيڪ آزاد وطن جون هوائون هوشوءَ جي للڪار جي باوجود به خاموش ٿي ويون، پر سنڌ لاءِ سکن جو ڪو سورج اڀاري نه سگهي آهي. اڄ سنڌ جا ماڻهو ڏتڙيل ننڌڻڪا، ويڳاڻا، پنهنجي پاپن ۾ پورا ٿي ويا آهن. غربت جي زندهه تصوير بنجي ويل سنڌ کان خوشين جا ڏينهن رسي ويا آهن. وسيلن سان ڏسو صفحو 6 مالامال سنڌ جا غريب ماڻهو هاڻي عيد کي ياد نه ٿا ڪن. هو ان ڏينهن تي لڙڪن جي بارش ۾ ڀڄندا رهن ٿا. اهو ڏينهن ايندي سوين سور سندن سامهون ٿين ٿا. طويل ناانصافين جا ستايل سنڌ جا ماڻهو اڄ به مقدر تي ڀاڙين ٿا. سندن واڳ ڌڻين 63 سالن کان نا انصافين ۽ محرومين جي ڊگهي تاريخ لکي ڇڏي آهي. ڏکن ڏوجهرن سان جنگ جوٽيندڙ اسان ماڻهن کي ڪا خبر ناهي ته تيل جا وڏا ذخيرا سنڌ ۾ آهن، ٿر نه فقط ڪارونجهر جي حسن سان رڱيل پر وڏي ڪوئلي جي ذخيرن سان به مالا مال آهي. گيس به سنڌ ۾ ملي ٿي. آبپاشي جو نظام به هن صوبي ۾ آهي. هي اهي دولتون آهن، جنهن سان هميشه وفاق قسمت بدلائي آهي، پر سنڌ جي انهن وسيلن جي مالڪيءَ جو اختيار سنڌ کي نه ڏنو آهي. سندن وس پڄي ته اهي وسيلا وڏي صوبي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏين. پر فطرت جي قانون ۾ اهو ممڪن ناهي. جيتوڻيڪ فطرت سان مزاق ٿيندي رهي آهي. ڊيمن جي بهاني سنڌوءَ جو پاڻي روڪيو ويو. سنڌ جي ڊيلٽا تباهه ٿي. تمر جا ٻيلا ويا. ڪچي جا ٻيلا وڍيا ويا آهن. درياهه ۽ ڪئنالن جي ڪناري بيٺل ٽالهي ، ٻٻر ۽ سرنهه جا وڻ وڍيا ويا. اقتدار جي حوس ۾ مبتلا يافته طبقي تي نت نيون نوازشون ڪري کين علائقا اسٽيٽ جيان ورهائي ڏنا. جتي انهن پنهنجا قانون رائج ڪيا، جرڳائي جهان جوڙيو. موهين ولين جي اجڙيل سنڌ جي اڱڻ تي جڏهي هيءَ عيد موٽي آئي آهي. تڏهن سنڌوءَ جي پاڻي ۾ ٻوڙيل سنڌ دربدرين جي جهان جي مهمان بنجي وئي آهي. پنهنجي وطن ۾ جلاوطن ٿيل لکين ماڻهو هڪ پناهه گير جيان ڪيمپن جا مهمان بنجي وياآهن. هر اڀرندڙ سج ٻوڏ سٽيل ماڻهن لاءِ اذيتون کڻي اچي ٿو. پاڻي ۾ اسان جي گهرن جا اڱڻ ته ڇا پر دليون به لڙهي ويون آهن. من جون آسون پاڻيءَ جي نظر ٿي ويون آهن. خواب ڏسندڙ هنن اکين ۾ لڙڪن جون اڻ مندائتيون برساتون جاري ٿي ويون آهن. هي عيد تڏهن آئي آهي، جڏهن ٻوڏ ۾ لڙهي ويل پنهنجي وڇوڙي تي دل جي اڱڻ تي سوڳ جو تڏو وڇايل آهي. غمزده ماڻهو ڪهڙي عيد ملهائين. محرومين جا ماريل هي هيڻا ماڻهو دل جي دفتر جي فرياد ڪنهن کي ڪن، جڏهن کائن وجود عيد جو سوال پڇن ٿا. ڇنل چپل پاتل ميرا ڪپڙا پهريل هي ماڻهو سنڌ جي ان ڌرتي جا آهن ، جنهن هميشه امن آشتي اهنسا جي پودي کي پاڻي ڏنو آهي. ملڪ ۾ طويل آمريتين سندن ساهه ضم ڪري ڇڏيو آهي. جياپي لاءِ سرگردان هنن ماڻهن کان عيد جو خوشيون ته ڪڏهن ڪو رسي ويون آهن. آسن اميدن جا خواب ڏسندر هي دليون هاڻي آهستي آهستي مرجهائي رهيون آهن. کائن عيد برات ته وسري وئي آهي، پر سندن حصي جي خوشين جا سانگ به سجايا نه ٿا ٿين. جنرل ضيا جي مارشل لا کان وٺي سنڌ مسلسل ٽياس تي ٽنگيل آهي. مهانگائي ، بدامني، غير يقيني ، لاقانونيت، رشوت ،سفارش جي سٽيل سنڌ جي ماڻهن جا خوبصورت خوابن جا تصور به ڌنڌلا ٿي ويا آهن. ڪيترن سالن کان سنڌ ڪا به عيد ناهي ملهائي. هن سال ته ٻوڏ سنڌ ۾ جيڪي تباهه ڪاريون ڪيون آهن، تن سان اسان جي دلين جا اڱڻ اجڙي ويا آهن. ڪيمپن ۾ قيد اذيت سهندڙ سنڌ جا ماڻهو عيد کي ڪيئن ياد ڪن، جيڪي بدانتظامي سبب بکن ۾ پاهه ٿي پنهنجي تقدير کي ڏوراپو ڏين ٿا، سندن ڏري ويل ڏيل ۾ اها سار ڪو مڙي سجاڳ ٿي پئي ٿي، جيڪا عيد برات ايندي سندن چمن ۾ چاهه پيدا ڪندي هئي، عيد جي ديد ۾ ڪئين چنڊ اڀري پوندا هئا، دل جي اڱڻ تي خوشين جا مور نچندا هئا. مٺاڻ سان مٺو ڪيل وات ڪيئن ڪهڪشائن جو پرتو ٿي پوندو هو. خواب جاڳندا هئا. دلين جا ڪئين اڱڻ آباد ٿي ويندا هئا. هر چهري تي مرڪن جا گلاب ٽڙي پوندا هئا. هر ماڻهو سڪ ۽ اڪير ۾ سلهاڙ جي ڀاڪرن ۾ ڀرجي ويندو هو ٽهڪن جا پڙاڏا خوبصورت سما جو منظر بنجي ويندا هئا. قدرت جي ڪائنات جو حسن هو وستي واهڻ ڳوٺ شهر ۾ جلوا پسائڻ جو مظهر بنجي ويندو هو. سنڌ جاڳندي هئي. خوشين جي هندوري ۾ ڪئين ڪائناتون تخليق ٿي وينديون هيون ماضي جي منظرن تي سنڌ به ڏکاري آهي ته اسانجا نيڻ به آلا آهن سنڌ پنهنجي جهول ۾ هيلوڪي عيد ان وقت جهلي آهي. جڏهن اسان جي اکين جا ڳوڙها به سڪي ويا آهن. اسانجي وجودن سان هي سنگين مذاق قدرت ۽ فطرت نه ڪيو آهي، پر هي اشرافيه طبقي کي نوازڻ جو اهو اثر آهي، جنهن خبقي محدوديت جي دائري ۾ انسانيت کان منهن موڙي، فطرت کان انڪار ڪري، احساس لاءِ مقتل گاهه سجائي سنڌ کي پنهنجي ئي وسيلن کان محروم ڪري ڪروڙين ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي. هن ننڌڻڪائي ۾ اسين هر سال ڏسون ٿا ته هڪ ئي طبقو عيد ملهائي ٿو. ڦورو، چور لٽيرو طبقو، رشوت خور، بدعنوان، ذخيرااندوزي ڪندڙ هاڻي نڪ جا به پڪا ٿي ويا آهن. روبوٽ نما هن مخلوق کي ڪا پرواهه ناهي ته اسين ٻڏون يا ترون. ان طبقي کي تر جيترو به احساس ڪونهي ماڻهو جي اندر ۾ دل به ٿيندي آهي. پوءِ اهي ٽوڙي بند ٽوڙين يا سورجاڻي بند کي گهارو هڻن کين ڪير چوندو؟ انهن کي ڪهڙي ڪل ته ٻوڏ ۾ رڳو ڳوٺ شهر نه پر ماڻهو گهر گهاٽ قبرستان ۾ محبتون لڙهي وينديون آهن. جيءَ جياريا جدا ٿيندا آهن. اڱڻ اجڙي ويندا آهن. ڪئين قيامتون برپا ٿينديون آهن. جڏهن ٻوڏ جون پاڻي اڃا به آدم بوءِ ڪندو وسنديون اجاڙڻ لاءِ آتو آهي. خيرپور ناٿن شاهه ٻڏڻ کانپوءِ جوهي، ميهڙ پاڻي جي گهيري ۾ آهن. پاڻي سيوهڻ کان ٿيندو دادوءَ طرف ڌوڪيندو ٿو اچي. ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ آهي. جيتوڻيڪ انهن شهرن کي مون اکين سان ٻڌندي نه ڏٺو آهي، پر جڏهن انهن جي ٻڏڻ جي منظر جو تصور ڪريان ٿو ته لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. جيتوڻيڪ منهنجو ڳوٺ سرهاري ٻوڏ سٽيل علائقن کان پري آهي، پر ٻوڏ جي تباهه ڪارين منهنجي اندر کي به جهوري وڌو آهي، آئون هتي پهتل ٻوڏ سٽيل متاثر ڳڙهي خيرو جي مانهن کي ڏسي نه ٿو سگهان ، ميرا ڪپڙا پهري اڃن بکن جي ستايل هنن ماڻهن کي ڏسندي دردوندي دل ڏري پئي ٿي. سندن اڻڀن وارن سان ڦرندڙ ٻار ان درد کان بي خبر آهن. جيڪو سندن نصيب ۾ لکيو ويو آهي. هنن کي نه عيد ياد آهي، نه رمضان ، شوال بک جي بڇڙي ٽول هنن کي ديوانو بنائي ڇڏيو آهي. هو پهرين سيپٽمبر تي زورداربرسات ۾ پڌر تي ٻارين ٻچين پسندا رهيا، ان رات کين ماني به نه ملي. سندن ان درد جي ڪٿا لکندي قلم ڪنبي وڃي ٿو. دربدرين جي هن ديس ۾ ڪيمپن ۾ موجود ماڻهو جڏهن عيد جو چنڊ ڏسندا، تڏهن سندن چاڪ چڪي پوندا، هو اوڇنگارن ۾ ڇٽڪي پوندا، پر کين پرچائڻ وارو ڪير به نه هوندو. هو پنهنجي گهر کي ياد ڪندا. اڀري سڀري حال ۾ ملهايل عيد جي ساروڻين کي ساريندا، جڏهن کين عيد جي خرچ پکي لاءِ قرض ملي ويندو هو، جنهن ۾ هو سڄو سال لوڙيندا به هئا، پر اها اذيت سندن ٻچن جي خوشين کان مٿي ته ڪانه هئي. هن عيد تي ته مقدر جو ڪاتب ئي رسي ويو آهي ته اهي خوشيون ڪٿان اچن، جيڪي طبقاتي سماج ڳڙڪائي ويو آهي. اسان ماڻهن ڪڏهن اهو سوچيو آهي، ڪيمپن جي دربدري ۾ پلجندڙ معصوم ٻار سڀاڻي انهن محرومين کان ڪيئن آجا ٿيندا، جيڪي هو ڪيمپن ۾ ڏسي رهيا آهن. هڪ نسل کي ٻوڏ تباهه ڪيو آهي، ٻئي نسل لاءِ محروميون منتظر آهن. هي سلسلا ڪيستائين هلندا آئون سمجهان ٿو هيءَ عيد هڪ عام ڏينهن جيان گذري ويندي. اسان جي محرومين ۾ اضافو ڪري ماضيءَ جي آغوش ۾ قيد ٿي ويندي، پر هن ڏينهن کي ڏسندڙ اکيون تاريخ کي ضروري مياري ڪنديون. خزائن جي مند ۾ آيل عيدون سنجوڳ جو سبب بنجي نه سگهنديون آهن. ڏتڙيل سنڌ کي المناڪ حالتن ۾ بدحال ماڻهو پنهنجي من جي محرومين تي ماتم ڪندي هيءَ عيد گمنامي ۾ گذاري ڇڏيندا. اسان ماڻهن لاءِ وقت جا وارا نيارا الائي ڪڏهن ايندا جو دربدرين محرومين کان آجا ٿي عيد جو ڏينهن پنهنجي ساءِ کل خوشي ۾ گذاريون. مون ڪنهن مفڪر جو قول پڙهيو هو ته جيڪا قوم ماضي کي وساري ڇڏيندي آهي. ان کي حال ۽ مستقبل تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. شايد اسان به ماضي کي وساري پرائي دهل تي احمق نچي واري ڪار ڪندي مٺڙي ملڪ جي مفادن جو سريلو راڳ ٻڌي تاريخ جا ئي انڪاري بنجي ويا آهيون جو عيدون به اسان لاءِ دربدرين جو جهان کڻي اچن ٿيون. ڪيمپ ۾ موجود ماڻهو جيتوڻيڪ عيد جي ڏينهن ڏکارا ٿيندا جو هو پنهنجي گهرن اجهن کان محروم ٿي ويا آهن، اسان سنڌ واسي جيڪڏهن همت ڪري نڪري پئون ۽ پنهنجي حال سارو انهن ڏکويل ماڻهن جي پرگهور لهون ته آئون سمجهان ٿو ته اذيتن ۽ تڪليف کي منهن ڏيندڙ هي ماڻهو پنهنجا غم وساري ڇڏيندا ۽ منجهن اهو احساس پيد ٿيندو ته مصيبتن جي گهڙين ۾ اهي اڪيلا نه آهن، ۽ سندن جوان ٿيندڙ نسل ۾ اهو حوصلو پيدا ٿيندو ته اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي، متان ايئن سمجهيو مئا مور سارا اسين سنڌو واسي مڙي مٺ ٿي انهن جو ڀرجهلو ٿي پئون ته اهي سرڪاري امداد جي آسري بکن ۾ پاهه نه ٿيندا ۽ نه وري کين من سلوا جو آسرو ٿيندو. هيءَ عيد تقاضا ڪري ٿي ته اجڙيل سنڌ جي نصيب ۾ خوشين کان خالي هيءَ عيد انهن ماڻهن سان گڏ ملهايون ، جيڪي اسان جي همدردين ۽ آٿت جا طلب گار آهن. |