|
شاهه جي شاعري ۾ عشق ۽ محبت جو تذڪرو حيدري چانڊيو هن سائنسي ترقي يافته دؤر جو انسان، هن ڌرتيءَ تي لوڀ ۽ لالـچ جي اُڃ اجهائڻ لاءِ دغا ۽ دولاب جي رُڃ پويان نهايت حيران ۽ پريشان نظر اچي ٿو، انساني سماج ۾ هي موجوده ڇڪتاڻ ۽ مارڌاڙ علم ۽ تجربي جي کوٽ سبب ڪين آهي، پر هن عالمي بيچيني جو مکيه ڪارڻ لوڀ ۽ لالچ ۾ لڙهي وڃڻ جو آهي، نتيجي ۾ انسانيت مصيبت جو شڪار ٿئي ٿي، اهڙي طرح تاريخ انساني تمدن جي بهتري ڀلائي جي تصوير پيش ڪرڻ بجاءِ خونريزيءَ، مارڌاڙ، بک ۽ بدحالي جا دل ڏاريندڙ داستان ٻڌائي ٿي، اهڙن ڏکين وقتن تي سنڌ ۾ ڪيترائي عالم، صوفي، بزرگ آيا، جن سچ جي صدا ۽ حق جو هوڪو ڏيندي چيو ته تو ۾ آهيان مان، مون ۾ آهين تون! پاڻ ٻئي هڪ آهيون. تن جو چيو، صبر جي شيشي سان ڪيني کي قتلام ڪرڻ جو چئي امن امان جي ڳالهه ڪئي، ٺلهن اکرن اُجارڻ بدران، اندر اُجارڻ جو چيو، سڄڻ ۽ ساڻيهه وسارڻ واري کي اڻاسو چيو، هلو هلو! ڪورين، جت پسجي نينهن! چئي محبت جي تلاش لاءِ چيو رنڍا روڙڻ ۽ چرخي چورڻ جو چيو، ٻنين ۽ ونين کي پنهنجي ڪرڻ جو چيو، لوئي جي لـڄ بچائڻ جي لاءِ سرگهورڻ جو چيو، اهڙن عظيم بزرگن ۾ شاهه عبداللطيف جي عظمت هڪ حقيقت آهي، سنڌ جي هن ادبي تاج جي لاثاني گوهر جو جنم 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي، هالا ويجهوءِ ڀئي پور“ هالا ”حويلي“ ۾ ٿيو. سندس شروعاتي پالنا سندس والد بزرگ شاهه حبيب جي دست شفقت سان ٿي، عام ماڻهن جي اها راءِ آهي ته شاهه سائين ڪنهن وٽ ظاهري تعليم ڪانه ورتي هئي پر پوءِ به سڀني علمن ۽ فنن جو وڏو ڄاڻو هو. کيس دنوي علمن تي قدرت حاصل هئي، جنهن کي خدائي ڏات چيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ سندس واضع لفظن ۾ هي گواهي آهي ته ”ڪي اڻ پڙهيائي پڙهيا ٿيا جن کي پڙهائي پاڻ ٻيا ڪوڙين ڪتابن ساڻ هونئين وتن هلندا“ شاهه هن مان معلوم ٿو ٿئي ته کيس علم جي عنايت خودخدا کان ٿي هئي. جنهن کي ڄمندي ڄام چئبو آهي، شاهه سائين جو رسالو 33 سـُرن تي مشتمل آهي، سندس هر هڪ سـُر ۾ مضمون جي لحاظ کان ڪونه ڪو پيغام پوشيده آهي. سندس هر هڪ سـُر، هر هڪ سـُر جي هر هڪ سٽ بلڪه هر هڪ حرف حرف ۾ وڏي معنيٰ جا موتي ملندا، شاهه سائين جون ست سورميون آهن، جن ۾ هن پنهنجي شخصيت پلٽي پڌري ڪئي آهي ۽ سندس سورميون سندس جدا جدا روپ آهن، هو وڏو شاعر وڏو محبتي ۽ وڏو عاشق هو، سندس سورمين جي ستن سرن ۾ خاص طرح عشق ۽ محبت جي سڀاءُ جا جام ڇلڪندي نظر ايندا. آئون هتي انهن سبق آموز عشق محبت جي ڪردارن متعلق وت ۽ وس آهر مختصر عرض ڪندس: شاهه سائين پنهنجن سورمين کان اهو ثابت ڪرايو آهي ته ءِ عشق محبت“ کي ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ ان دوربيني جي درڪار ٿي پوي جيڪا انساني ڳوڙهن جي ٺهيل هجي ڇو ته انساني اکين جو آب ئي آهي، جيڪو آدمي کي عشق محبت جي رنگين انڊلٺ ڏيکاري ٿو! جنهن زمين جي انساني ڳوڙهن سان آبياري ٿئي ٿي. ان مان سچ جا سـُٺا سلا اڀري سگهن ٿا، حقيقت ۾ اهي ڏک ئي آهن جيڪي سکن جو سير ٿا ڪرائين، عشق ۽ محبت جي راهه ۾ ڏک ڏسڻا ٿا پون، ڏکن ڏسڻ کان سواءِ عشق محبت جو معراج ٿي نٿو سگهي. جهڙي طرح سونارو سون جي سچائي کي پرڻ لاءِ کيس باهه ۾ وجهندو آهي، تهڙي طرح عاشق کي به محبت لاءِ ڏکن مان گذرڻو پوي ٿو. ڏک ئي سکن جي سونهن آهن، ڏکن کان سواءِ سک بيڪار آهن. شاهه سائين عشق محبت وارن کي ٻڌائي ٿو ته اوهان کي محبتي هجڻ جي آزمائش لاءِ ڏکن عذابن جي آگ مان گذرڻو پوندو! ان لاءِ شاهه سائين پنهنجي دل جي ڪيفيت اجهو هن طرح بيان ڪئي آهي چوي ٿو ته: ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ريءَ يا جي تون ڪالهه مئي، ته ڪالهه ئي گڏي سپرينءَ کي ڪڏهن ڪا سئي، ته ڪا سگهي گڏي سڄڻين اهڙي طرح شاهه سائين عشق محبت ڪندڙ کي عشق محبت جي راهه ۾ ڏکن سورن جي آگاهي ڏيڻ کان پوءِ کين اڳواٽ تيار ٿيڻ جي تلقين ڪئي آهي، چوين ٿو ته عشق محبت ڪا ٻاراڻي راند ڪانه آهي، سر جو سانگو لاهي سسي نيزي تي چاڙهڻ جو چيو آهي، عشق جي ميدان ۾ ڪـُڏي ڪاهي پوڻ جو چيو آهي، عشق ڪرڻ کي نانگ جي ڏنگن سان مشابهت ڏني اٿس ۽ اها خبر عشق جي نانگ کاڌل کان وٺڻ جو چيو اٿس پاڻ عشق جي ڏنگيل جي حيثيت سان عشق محبت سان هن طرح سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته: عشق نه آهي راند، جيئن کيڏن ڳڀرو سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي. يا محبت جي ميدان ۾، ڪڏي پئو ڪاهي، ڇڏ تون سانگو ساهه جو، لاهوتي لاهي، عشق نانگ آهي، خبر کاڌن کان پوي. شاهه سائين جي نظر ۾ ”محبت“ جو درجو نهايت بلند آهي، ان جي مقابلي ۾ دنيا جي ٻي ڪابه چيز برابري ڪري نٿي سگهي، هن دنيا جون سڀ شيون محبت جي سهاري هيٺ تڳن ٿيون، سڀني شين جي پشت پناهي محبت ڪري ٿي، محبت جي طفيل ئي زمين ۽ آسمان قائم آهي، سج، چنڊ تارا محبت جي ڪري ئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيٺا آهن. محبت جي ڪري ئي هي ڪائنات قائم ٿي! محبت هڪ هڪ نادر چيز ۽ هڪ بي بها جوهر آهي، محبت هڪ پاڪ جذبو آهي جو هر نفس جي دل ۾ خدا جي خاص وديعت آهي، محبت فراخ دلي ۽ پاڪيزگي آهي، محبت نفس جي تقدس جو ٻيو نالو آهي، محبت جي تڪميل انسانيت آهي، آسمان کان زمين ڏي ايندڙ سڀني شين مان محبت سڀ کان وڌيڪ معصوم شيءَ آهي، محبت هڪ ازلي بشارت آهي ۽ ان جي خوشي پڻ ابدي آهيءِ محبت“ جي شاهه راهه کي ئي ”صراط مستقيم“ چئجي ٿو. محبت جو راڳ زباني ۽ نغمه غيرفاني آهي. محبت روح جي خواهش آهي، محبت ئي ڪونين جي تخيل جو سبب آهي. هن ساري دنيا جو قيام ۽ بقا محبت تي ئي ٻڌل آهي، الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق کان سواءِ محبت جي ٻيو ڪجهه نٿو گهري، رڳو محبت محبت پيو ٿو چوي، ڪهڙي نه افسوس جي ڳالهه چئبي جو اهڙي پاڪيزه ۽ لطف اندوز شي کان انسان غافل رهي ٿو، جڏهن ته عجب اهو آهي ته محبت جو چشمو سندس ئي اندر ۾ موجود آهي! انهيءَ چشمي تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن ڪشالي ڪڍڻ جي ضرورت نه آهي، نه ڪنهن وڏي محنت ڪرڻ جي ڪا ضرورت آهي، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته محبت جي شمع جيڪا قلب جي اندر موجود آهي ان کي روشن رکڻو آهي، شاهه سائين پنهنجي محبوب کي مخاطب ٿيندي کيس چوي ٿو ته تون منهنجي اکين ۾ ٿي ويهه ته اکيون ٻوٽي بند ڪري توکي لڪائي ڇڏيان، ته جيئن توکي ڏيهه وارا نه ڏسن نه وري آئون توکان سواءِ وري ٻي کي ڏسان! ٻي هنڌ چوي ٿو ته منهنجا محبوب تو جيئن اڳ ۾ اکيون اکين ۾ ملائي گهوري نهاريو هو ڄڻ اکيون اکين ۾ کپي ويون هيون، تيئن وري به اکيون اکين ۾ ملاءِ ۽ اها اکين ملائڻ جي عادت توڙ تائين نڀائجان! مون ۾ ته گهڻا ئي عيب آهن، پر تو ۾ ڪو عيب ئي ڪونهي! شاهه سائين پنهنجن لفظن کي پنهنجي جادو بياني سان معنيٰ جي معراج تي هن طرح پهچايو آهي چوي ٿو ته: اکين ۾ ٿي ويهه، ته توکي واري ڍڪيان، توکي ڏسي نه ڏيهه، نڪي آئون پسان ڪي ٻيو! يا جيئن کوڙي کنيون هـُئي، تيئن وري به کوڙ اها عادت اکين جي، نئين نڀائج توڙ مون ۾ عيب ڪروڙ، تو ۾ حرف ۾ ڀايان هڪڙو! شاهه سائين عشق محبت جا ٻه قسم بيان ڪيا آهن، هڪڙو مجازي عشق ۽ ٻيو حقيقي عشق، مجازي عشق اهل دنيا وارن جو عشق آهي، حقيقي عشق خدا جي طالبن جو عشق آهي، ظاهري طرح مجازي عشق کي گهڻي اهميت ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اها عشق جي پهرين منزل آهيءِ المجاز قنطره الحقيقت“ عشق ٻئي ڀلا آهن، پر شرط اهو آهي ته انهن ۾ ڪابه لالچ نه هجي، محبت محض محبت جي خاطر ڪرڻ گهرجي، سرڏي سروٺ سودو سرو بدر هجي! انهي لاءِ ته ان جي ابدي فضا ۾ مالڪ حقيقي جي محبت جو نغمه ڪڏهن به خاموش ٿي نه وڃي، اهڙي قسم جي محبت ئي حقيقي محبت ٿي سگهي ٿي تنگدل انسان محبت نٿو ڪري سگهي، محبت بلند ترين انسان صفت آهي، جنهن ۾ جانثاري ۽ نفس جي قرباني جي ضرورت هوندي آهي، پر جيڪڏهن محبت مان مراد ڪنهن شيءَ جي حاصل ڪرڻ جي لوڀ لالچ آهي ته پوءِ ان کان وڌيڪ ذليل شيءِ ٻي ڪانه آهي، بس اهو ئي سچي محبت ۽ ڪوڙي محبت ۾ فرق آهي سچي محبت ۾ ڪابه لالـچ وغيره نه هوندي آهي. سسئي عشق ۽ محبت جي جدوجهد جو بلند ڪردار آهي. پنهل جي پٺيان جبل جهاڳيندي حال کان بي حال ٿي ڪري مري رهي هئي ۽ عزرائيل سندس ساهه وٺڻ لاءِ پهتو ته هڪدم سرت ۾ اچي وئي. سجهائين ته پنهل ماڻهو موڪليو آهي، سو عزرائيل کان پڇائين ته ڇا توکي پنهل موڪليو آهي!؟ شاهه سائين پنهنجي مفڪرانه بيان لهجو هن طرح ڪيو آهي. ”اچي عزرائيل، ستي جا ڳائي سسئي ٿي ڊوڙائي دليل، ته پنهون ماڻهو موڪليو. (شاهه) يا منڪر ۽ نڪير کي جڏهن ڏٺائين، اچي اڳيان ان جي پنهون پڇيائين. ادا اتائين، ڪو آيو ساٿ سڄڻ جو (شاهه) هن دنيا ۾ عجيب و غريب رنگ برنگي گوناگون خوبصورتي ۽ ڪشش نظر ايندي، جنهن کي ڏسي انسان خودبه خود ان طرف مائل ٿي وڃي ٿو. اهو انهي ڪري جو هي ڪائنات ۽ انسان کي ٺاهڻ وارو هڪ ئي آهي، انهي ڪري ئي انهن ٻنهين شين جو پاڻ ۾ گهرو ۽ گهاٽو تعلق آهي، انهيءَ خالق دنيا ۽ انسان ۾ محبت جو جذبو پيدا ڪيو آهي. انهي محبت جي صدقي ئي هي دنيا قائم آهي دنيا ۽ انسان جي ٺاهڻ وارو خود هڪ مجسمه ڏسو صفحو 7 محبت آهي، انسان انهي خالق مالڪ جو هن دنيا ۾ نائب ٿي آيل آهي تنهنڪري پنهنجي خالق جي صفت ان ۾ پڻ موجود آهي الله تعاليٰ خود محبت آهي ۽ پنهنجي دنيا ۾ محبت ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو انسان محبت جو حامل ٿي ڪري محبت ڀري دنيا جي طرف ڇڪجي وڃي ٿو. سنڌ جو ناميارو حاڪم ڄام تماچي نوري جي سهڻي سيرت ۽ سهڻي صورت تي موهجي سندس محبت ۾ اچي ساڻس شادي ڪري کيس پٽ راڻي بنائي ٿو ۽ هر وقت ساڻس گڏ ٿو رهي. ايتري قدر جو مڇي جو شڪار به نوري نماڻي سان گڏجي ٿو ڪري يعني محبت جي ڪري نوري جي منزل ڄام تماچي آهي ۽ ڄام تماچي جي منزل نوري آهي ۽ ٻئي محبت ۾ هڪ ٿي ويا هئا، نوري ٻيڙي ٿي هلائي ته ڄام تماچي ڄار هٿ ۾ ڪري هوبه هو مهاڻن وانگر مڇي جو شڪار ٿي ڪيو خبر ئي ڪانه ٿي پئي ته هو هڪ مڇي مريندڙ مهاڻو آهي يا ان وقت جو سنڌ جو بادشاهه آهي، اهڙي طرح محبت ۾ سالن جا سال گذريا آخر دنيا فاني آهي ڄام تماچي جا ڏينهن پورا اچي ٿيا ۽ دنيا ّمان موڪلائڻ وارو هو جنهن تي نوري ڏاڍي پريشان ٿي ۽ ڄام تماچي جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون ٿي گهريائين ۽ ڏک ۾ ڀرجي چيائين ٿي ته منهنجا کلڻا ور تون ته نه مر منهنجي اکين جو ٺار آهين مون کي اڪيلو ڇڏي نه وڃ، ڪو وقت ته ڪينجهر ۾ رهه ته محبت ۾ گڏجي گذاريون! شاهه سائين نوري نماڻي جي محبت جي منظر نگاري هن طرح ڪئي آهي چوي ٿو ته: مئي هٿ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هو. شاهه يا سرسلامت سپرين، مرڪڻ تون ۾ مريج آهين ٺار اکين جو، وٽان م وڃيج. تماچي تڳيج، ڪو ڏينهن ڪينجهر ڪنڌئين! شاهه عشق محبت انسان جو فطري جذبو آهي، هر ماڻهو محبت ضرور ڪري ٿو، محبت هڪ روشن صبح آهي جنهن جي شام پيدائي ڪانهي ٿي. محبت آب حيات جي اها بوند آهي، جيڪا مرده دلين کي زنده ڪري ٿي، محبت زندگي جي سڀ کان پاڪ ۽ مبارڪ برڪت آهي. محبت هڪ قدرتي اڪسير آهي جو دل ۾ شگفتگي ۽ تازگي پيدا ڪري ٿو، محبت اهو نشو آهي جنهن سان دل کي اهڙو سڪون ملي ٿو جو دنيا جا سڀئي خوف خطرا ختم ٿي وڃن ٿا، ٿر ڄائي مارئي کي پنهنجن ٿري ماروئڙن سان دلي محبت هئي هن عصمت جي زره چاڙهي رکي هئي جنهن ڪري عمر بادشاهه جي هرچيز کي نوڪرائي ڇڏيو هو. عمر بادشاهه آخري حربو هلائيندي کيس دڙڪا دهمان ڏئي پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مارئي کيس مخاطب ٿي چيو اي عمر بادشاهه! تون منهنجي جسم کي چيري لوڻ وجهي ڇڏ پوءِ به تنهنجي ڪانه ٿينديس. ڇو ته مون اهڙو گندو ڪم نه ڪيو آهي نه هاڻ ڪنديس، جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهه آهي تيستائين پرت پنهوار سان آهي، شاهه سائين مارئي جي لاثاني لڇڻ کي اجهو هن طرح بيان ڪيو آهي، چوي ٿو ته: جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم مون ڪر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم، جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوارسين. شاهه عشق يا محبت فطرت آهي، جيڪا شيءَ فطرت کي پنهنجو ڪري ٿي. اهائي دائم قائم رهي ٿي، جيڪا شيءَ فطرت کان بي پرواهه رهي ٿي، سا هميشه خطري ۾ رهي ٿي، انسان هن دنيا ۾ خدا جو خليفو آهي. سندس خلافت تڏهن قائم رهي سگهي ٿي جڏهن مالڪ حقيقي جي. قانون (فطرت) کي قائم رکندو اهو قانون سواءِ محبت جي ٻيو ڪونهي. انهيءَ محبت جي باعث دنيا جون سڀ شيون پنهنجي نائب جي حوالي ڪيون آهن، تنهن ڪري اهو سندس نائب ايستائين سندس منظور نظر رهي سگهي ٿو جيستائين هو سندس محبت جي قانون کي پوري طرح هلائي ٿو، پر انسان اهڙو ته ڪج فهم آهي، جو فطرت جي قانون کان منهن موڙي غافل ٿو رهي ۽ ائين ڪرڻ سان پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ ڪري ٿو پوي، انسان هوڏانهن چاهي ٿو ته کيس آرام نصيب ٿئي ۽ سڪون قلب حاصل ٿئي ۽ کيس معلوم به آهي ته اهي سڀ ڳالهيون فطري اصول محبت جي ذريعي ئي حاصل ٿي سگهن ٿيون، پر پوءِ به هي نادان جنهن محبت جي ٻيڙي ۾ سوار آهي، انکي سوراخ ڪري پاڻ ته ٻڏي ٿو پر ٻين کي به ٻوڙي ٿو! اها آهي ماياجي موهه جو چوي ٿو اڃان به کپي! هي جهيڙا جهڳڙا نفرتون ۽ مصيبتون سڀ جو سڀ انهيءَ غلطي جو نتيجو آهن، جو انسان محبت جو دامن ڇڏي ڪلفت ۾ ڪاهي، پيو آهي، مڙني مصيبتن جو ڇوٽڪارو شاهه سائين جي ڏنل محبت جي پيغام ۾ موجود آهي جيڪو اهل سنڌ سان گڏ بني نوح انسان لاءِ راهه هدايت جي حيثيت رکي ٿو شاهه سائين مهان محبتي هوهن ”سنڌ جي خوشحالي ۽ سڪار لاءِ دعائون گهريون ۽ ان سان گڏ ڪل ڪائنات لاءِ دعا خير گهري، ان جو مثال پوري عالمي ادب ۾ ڪونه ٿو ملي، شاهه سائين اٿاهه محبت جي جذبي ۾ اچي اکيون بند ڪري ٻئي هٿ آسمان طرف، کڻي چيو ته: "سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين! آمين ثم آمين عشق سلامت سدا سلامت! |