ورسيءَ جي نسبت سان

سنڌ جو املهه ڪردار موهن ڀڳت

دولت رام کتري


اڄوڪي ڏهاڙي 10 مارچ تي سنڌ جو سدا بهار ۽ لطيف جو راڳي موهن ڀڳت وڇڙي ويو هو. موهن ڀڳت پنهنجي مُڌر آواز سان جيڪي لطيف جون وايون ڳايون آهن، ائين ٻئي ڪنهن فنڪار انهي انداز ۽ آلاپ سان نه ڳايون آهن. ڪبير جي شاعري هجي يا لطيف جون وايون هجن، موهن ڀڳت پنهنجي آواز ذريعي موسيقي جا جيڪي رنگ آلاپيا آهن، اُنهي آلاپ ۽ اُنهي انداز سنڌي موسيقي کي هڪ نئون جياپو ڏنو آهي. هو جڏهن لطيف جون وايون ڳائيندو هو تڏهن موهن جي مُڌر آواز ۾ هڪ ميٺاج هوندي هئي ۽ انهي جو مڌر آواز هر ڪنهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو هو. 1926ع ڌاري اسلام ڪوٽ ۾ اُميد رام جي گهر ۾ جنم وٺندڙ موهن ڀڳت جو شروع کان ئي موسيقي ڏانهن لاڙ هو. ننڍپڻ کان موسيقي سان لڳاءُ هجڻ سبب سندس چاچو امرو موهن ڀڳت کي ڳائڻ جي سکيا ڏيندو هو. ننڍي عمر ۾ ٻڪريون چاريندي موهن ڀڳت جڏهن پنهنجي منهن جهونگاريندو هو، تڏهن سندس مٺڙي آواز ذريعي هو ماڻهن جون دليون موهي ڇڏيندو هو. ننڍپڻ ۾ موهن جو موسيقي سان ايترو لڳاءُ ڏسي سندس والد، چاچي ۽ ڏاڏي هن تي وڌيڪ محنت ڪئي. 1957ع ۾ جڏهن موهن ڀڳت جو خاندان مٺيءَ لڏي آيو تڏهن موهن ڀڳت سنڌ جي لوڪ فنڪار مراد فقير سان پڻ گڏ ڳائيندو هو. موهن ڀڳت پنهنجي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل لطيف جون وايون جڏهن ڳائڻ شروع ڪيون تڏهن هو لطيف جو راڳي بڻجي ويو. انهيءَ جي انداز ۽ آلاپ کي سڄي سنڌ جا ماڻهو پسند ڪرڻ لڳا. 1968ع کانپوءِ جيتوڻيڪ موهن ڀڳت ريڊيو ۽ ٽي وي تي آيو پر مقامي سطح تي موهن ڀڳت شادين مرادين، مختلف ادبي پروگرامن، ست سنگر جي محفلن ۾ جڏهن ڳائيندو هو تڏهن کان ئي هو ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو هو. ست سنگر جي محفلن ۾ موهن ڀڳت اڪثر ڪبير جي شاعري ميران ٻائي جا ڀڄن ۽ جيوڻي ٻائيءَ جا ڪلام ڳائيندو هو. سندس موسيقيءَ جي خدمت عيوض ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن پر انهن ۾ 1980ع ۾ سهڻي ايوارڊ ۽ 1989ع ۾ لطيف ايوارڊ نمايان آهن.

هونءَ ته موسيقي جي دنيا تمام گهڻي وسيع آهي پر ٿر جي فنڪارن سنڌي موسيقيءَ کي حقيقي جياپو ڏنو آهي ۽ سنڌي موسيقيءَ جي اصل روح کي (چارم کي) زنده رکيو آهي. موهن ڀڳت جهڙو عظيم ڪلاڪار اسان جي سنڌي موسيقيءَ کي ارپيندڙ هن عظيم راڳي کي بدلي ۾ ڇا مليو، بي حسي، ڊاڪٽرن جا دڙڪا ۽ ثقافت کاتي جون سکڻيون همدرديون، جيتوڻيڪ منهنجو موهن ڀڳت سان سندس آخري ڏينهن ۾ تعلق جڙيو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ هو بيماريءَ جي بستري تي هو. هو ايترو سادو ۽ سٻاجهڙو ڪلاڪار هو جو بيماري جي بستري تي هوندي به سندس ڪير به وٽس لنگهي ايندو هو ته موهن پيار ۽ پاٻوهه سان ملندو هو ۽ دوستن جي فرمائش تي هو لطيف جون وايون آلاپيندو هو. موهن ڀڳت سنڌي موسيقيءَ جو سگهارو آواز هو، جنهن جي آلاپ ۾ درد هو. علڻ فقير ۽ موهن ڀڳت لطيف جي واين کي جنهن درديلي انداز ۾ آلاپيو ائين منهنجي خيال ۾ سنڌ جي ٻين فنڪارن انهيءَ انداز سان نه ڳايو آهي.

موهن ڀڳت جي فن کي زنده رکڻ لاءِ سندس پٽ شنڪر ڀڳت موسيقي جي دنيا ۾ اڳتي آيو آهي. موهن ڀڳت جي ڳايل لطيف جي واين کي هو اُنهي انداز ۾ زنده رکيو پيو اچي. موهن ڀڳت جي ڇڏيل تنبوري جي تارن کي جڏهن شنڪر ڇيڙي ٿو. تڏهن هن جو آواز ۽ آلاپ موهن جون يادون تازيون ڪري ڇڏي ٿو. پر افسوس جو موهن ڀڳت جهڙي راڳي جي خاندان جي سرڪاري سطح تي ڪابه سهائتا نٿي ڪئي وڃي. ثقافت کاتي سنڌ پاران موهن ڀڳت کي ملندڙ ماهوار وظيفو گذريل 15 سالن کان بند پيل آهي. وقت جي حڪمرانن موهن ڀڳت جي خاندان کي ماهوار وظيفو جاري ڪرائڻ جا سکڻا واعدا ته ڪيا پر موهن ڀڳت جي خاندان کي وظيفو نهآهي. پر گجراتي محلي جي نوجوانن کي 10 نوڪريون ڏيڻ وارو اعلان،  ملي سگهيو. ڪجهه مهينا اڳ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جي ڪوششن سان تعليم کاتي پاران گجراتي محلي جي هڪ اسڪول کي موهن ڀڳت جي نالي سان منسوب ڪيو ويو اڃان تائين اعلان ئي تائين محدود آهي. ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته موهن ڀڳت جي خاندان جي سرڪاري سطح تي سهائتا ٿيڻ گهرجي.