”نه اڀريو چنڊ ڪو دل تي“

مشتاق ڦل


سوئيڊش شاعر پيٽر ڪُرمين جون ڄام جماليءَ طرفان ترجمو ڪيل هي سٽون مون کي ۽ منهنجي اندر ۾ سمايل شاعر کي لوڏي ۽ ڌوڏي وجهن ٿيون ته:

هڪ شاعر ڇا ٿو ڪري سگهي؟

ڇا اڪيلو شاعر جنگ خلاف جنگ ڪري سگهي ٿو؟

مان چوان ٿو:

ها هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو.

شعر حياتي کسڻ جون گوليون ناهن،

شعر ته جيون بخشڻ جون گوليون آهن

شاعر جڏهن اهي اوهان تي هلائي ٿو،

هو اوهان جي سوچ کي وڌائي ٿو،

شعر بي ساخته انهن حقيقتن کي پڌرو ڪري ٿو،

جيڪي اڻڄاڻائي جي اوندهه ۾ لڪل آهن،

ڇو ته،

اسان جي اندر ۾ ڳجها جهان سمايل آهن

شعر اوهانجي زندگيءَ ۾ لازمي تبديلي آڻين ٿا،

۽ اوهان جي دل جي ڌڙڪن وڌيڪ تيز ڪن ٿا

تنهنڪري اي دنيا جا شاعرو، گوليون هلايو!

پنهنجي امن جي گولين سان جنگ کي مات ڏيو،

توهان جا لفظ فوجُن کي بي هٿيار ڪندا. (پيٽر ڪُرمين)

پيٽر ڪُرمين جون مٿيون سٽون پڙهڻ کانپوءِ فياض چنڊ ڪليريءَ جي غزل جون هي سٽون پڙهي مان سوچيان ٿو واقعي شاعرن جي ڪائنات ئي الڳ آهي، هنن جو سوچن جو محور، هُنن جي سوچڻ جو انداز، هنن جي اندر جي ڀوڳنا، هنن جي پيار ڪرڻ جو Style، هنن جي زندگيءَ گذارڻ جا ڍنگ ۽ لوازمات ڏاڍا پيچيده ۽ بي سمجهه ماڻهن جي نظر ۾ اجايا هندا آهن، پر جيڪڏهن واقعي ئي دل سان سوچجي، دماغ کي استعمال ڪجي ته پار هن دنيا جو نقشو ئي تبديل ٿي وڃي.

موت سپنا نه ماري سگهي ٿو ڪَوي!

درد جيون سنواري سگهي ٿو ڪَوي!

مينهڙا، ڏينهڙا ياد وانگي وسن

ڪو ته سڏڪي سنڀاري سگهي ٿو ڪَوي!

گهنڊ ڄڻ گهاءَ جان رات وڄندو رهيو

حوصلو سج اڀاري سگهي ٿو ڪَوي!

آءٌ هاڻي سَکي! مينهن جي بوند جيئن

هي هجر باهه ٻاري سگهي ٿو ڪَوي!

ڪيڏو نه درد آهي، هنن سٽن ۾، کوڙ شاعر درد ۽ پيڙا جي ڪيفيتن کي زندگيءَ تان هٿ ڌوئڻ واري رستي ڏانهن وٺي وڃڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر فياض جي درد پويان هڪ حوصلو، هڪ جرئت ۽ هڪ نياپو آهي، اهڙو نياپو جيڪي زندگيءَ جي ڏُکن ڏولاون ۽ تڪليفن، زماني جي بيحسين ۽ بي پرواهين هٿان مات کائڻ بدران جيون سنوارجڻ جو منفرد پيغام ٿو ڏئي. فياض پنهنجي ذات جي گهرائي جيان پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ کي ڪارائتو ۽ لاڀائتو ڪرڻ لاءِ جيڪو قلم جو هٿيار کڻي هڪ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، سچ پچ ته مون کي ڏاڍو حوصلو ٿي ڏئي ته خاموش رهڻ کان وڙهندو ۽ رڙهندو رهڻ ڏاڍو چڱو ڪم آهي.

ڪتاب ”نه اُڀريو چنڊ ڪو دل تي“ سنگت سنڌ پاران ڇپرايو ويو آهي، نالو پڙهڻ کانپوءِ مون کي محسوس ٿيو ته اُداسين، نراسين، شڪايتن ۽ نااميدين سان ڀرپور هي شعري مجموعو پڙهڻ کانپوءِ ڪٿي منهنجو جيءُ نه جهوري وجهي، وري سندس پاران لکيل ٻه اکر پڙهي منهنجو من ڀُڄڻ ۽ ڀُرڻ لڳي ٿو ته جيڪر فياض جي شاعري پڙهڻ بدران سندس پاران لکيل هي نثري سٽون ورائي ورائي پڙهان، سچ پچ ته فياض پنهنجي طبيعت، مزاج، قربائتي لهجي جي ڪري مون کي ته اڳ ۾ ئي ڏاڍو وڻندو آهي، پر سندس زندگيءَ جي المين، دوستن جي بيحسين ۽ بي پرواهين جي ڪهاڻي پڙهي مون کي هُن تي اڃا به وڌيڪ پيار اچڻ لڳو آهي ته هن شخص ڪيڏو نه ڀوڳيو آهي، يتيميءَ جو درد کڻي به هن سماج ۾ ٿيندڙ غلط ڪارين ۽ ڏاڍاين کي ڪيڏو نه گهرائي سان محسوس ڪندي، نفيس ۽ نازڪ انداز ۾ شاعريءَ جا رنگ ڀري اسان تائين پهچايا آهن.

هونئن به فياض پاڻ ئي چوي ٿو ته ”جڏهن ادب جي تصور کي داخلي اوٻر ڪڍڻ يا اڻپورين خواهشن جو پرچار ڪرڻ بدران، علم جي درد جي ڪيفيتن ۽ گهرائيءَ کي پنهنجي ڪيفيتن سان هم آهنگ ڪرڻ جو هڪ لازوال ذريعو سمجهي تخليقي عمل منجهان گذرنداسين، تڏهن ئي اسان پنهنجي منصب ۽ فرض سان ايمانداري ڪري سگهنداسين.

شيڪسپيئر جي ان جملي جيان ته:

”جيڪڏهن توهان هر ڪنهن جي خوشي تحرير ڪرڻ وارو قلم نٿا ٿي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙو عمدو رٻڙ ٿيڻ جي ڪوشش ڪيو، جيڪو هر ڪنهن جا ڏک مٽائيندو آهي.“

خواب خوشبو سچائي سلامت هجي

ديس تولئه وفائي سلامت هجي

ڪا ڪهاڙي نه ان جي بدن کي ڪڇي

جنهن محبت نڀائي سلامت هجي

پنهنجي ٻوليءَ جي جنهن لڄ قائم رکي

ٿڃ امڙ جي ملهائي سلامت هُجي.

فياض جي شعر جي سٽ سٽ بامعنيٰ ۽ بامقصد هجڻ سان گڏ هڪ نئون اتساهه، نئون ڀروسو، نئين تمنا، هڪ نئين آرزو، جستجو ۽ منزل تي رسڻ جا نوان گس ۽ ڏس ٿي ڏئي.

سوچ سنديس ڪر، خواب تعبير ٿئي

دوستي اڻ مُلهي پيار جاگير ٿئي

يا خدا! خيال کي وسعتون ڪر عطا

وقت جو ڄڻ ته سڏ، منهنجي تحرير ٿئي

ڪاش منهنجو ڪُلهو هُن جو ڪنڌڙو هجي،

هوءَ جڏهن هيڪلي يا ته دلگير ٿئي.

مون ڪيترن ئي دوستن جي واتان ٻُڌو آهي ته فياض نظم جو سٺو شاعر آ، ڪي چون ته فياض جو نثر ته غصب جو آ، پر سچ پچ مون سندس ڪتاب ۾ شامل غزل وارو حصو جڏهن پڙهيو آهي ته منهنجي لاءِ پڻ هي ڄڻ نئون انڪشاف آهي ته فياض غزل به ايترو سٺو، سُريلو ٿو لڳي، هڪ اڌ غزلن ۾ وزن جي هلڪي ڦلڪي ڪمي ڪوتاهي نظر اچي ٿي، ٿي سگهي ٿو ته اها به مُباده پروف جي غلطي هجي، پر سندس فڪري پرواز، خيال جي پختگي، تجذين، تمثلين، استعارن ۽ عڪسن جو استعمال جهڙي نموني فياض پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي، سچ پچ ته اهو ڏاڍو وڻندڙ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.

غزلن کانپوءِ جڏهن فياض جي نظمن تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته هن وٽ هر نظم ۾ هڪ الڳ موضوع، الڳ خيال ۽ عجيب رواني آهي. سندس سڀ نظم ساهه ۾ سانڍڻ توڙي سنگت کي ٻڌائڻ جهڙا ۽ پڙهڻ جهڙا آهن.

’يتيمي ڪيستائين‘، ’زندگيءَ ڏانهن‘، اڪيلائي ۽ ’سنڌو درياهه جو نوحو‘ جهڙا نظر پڙهڻ کان پوءِ ان چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته فياض تي واقعي ئي ڏات جي ديوي مهربان آهي. نموني طور سندس نظم Stop Violence مان ڪجهه سٽون اوهان آڏو پيش ڪيان ٿو، ان مان سندس خيال، فن ۽ فڪر جي مضبوطي ۽ اُڏار سڀني جي سامهون اچي ويندي ته:

هٿيارن جي ڊوڙ نه گهرجي!

لاشن جا انبار نه گهرجن،

ناگا ساڪي شاهد آهي

لولا لنگڙا ٻار نه گهرجن

خوف وڪوڙيل پيار نه گهرجن

خاموشي ٿي روئي دانهين

شهرن ۾ ڪو گوڙ نه گهرجي

هٿيارن جي ڊوڙ نه گهرجي

بم ڌماڪا وحشت واڪا

بک افلاس مٽائي سگهندا

دنيا جا دورنگي ماڻهو

وحشت جن جي فطرت آهي

دهشت جن جي عادت آهي

تنهن جي منهنجي گهر جو چلهو

سي ٻارندا؟ ممڪن ناهي

سي بس ماڻهو ماري سگهندا

سندر جيون کاري سگهندا.