|
ڪهاڻي سَار اختر حفيظ وڻندڙ ٽهڪ ڪنهن جو آهي؟ هن جو جنهن کيس اڪيلو ڪيو؟ نه نه اها نه هوندي دل کي مطمئن ڪري ٿو وري ٽهڪ جو آواز هن جا ڪن جهپين ٿا.کيس لڳي ٿو ته ڪومل آسپاس آهي ڪنڌ ڦيري ڏسي ٿو پريان اها ئي بيٺل آهي. ڪنهن سان آهي؟ڪنهن ڇوڪري سان آهي. هُو شهر جي ويران رستي تي هلي رهيو آهي،ٻنهي پاسي بتيون روشن آهن،پريان گاڏين جو گوڙ هن جي ڪنن تائين پهچي رهيو آهي،ڪاراڻ ۾ ٻڏل رات ۾ زرد بلب اونداهي سان مقابلو ڪري رهيا آهن،روڊ تي خاموشي....کيس سڀ بلب تڪي رهيا آهن...اڪيلائيءَ جو احساس .... چهري تي ٿڪاوٽ ...مايوسي،آسمان تي نگاهه وجهي ٿو ،سڄو اُڀ تارن سان ڀريل آهي...ستارا تمام پري .. ايترو پري جيترو هوءَ پري ٿي چڪي آهي.سندس ذهن ۾ به ايتريون يادگيريون جيترا آسمان تي تارا... ٻئي هٿ پينٽ جي کيسي ۾ ..... آهستي آهستي وکون کڻي پيو پر سوچن جو سلسلو تمام تيز آهي.هي شهر هن لاءِ دلبر شهر... سڄو جهان هتي اٿس. رات به سندس سست وکن وانگر وڌي رهي آهي،هو رستي تي پيل ننڍڙي دٻي کي ٿڏو هڻي ٿو، اهو هن کان اڳيان نڪري ٿو وڃي،آواز آسپاس گونجي ٿو.... ڄڻ ته خاموشي جي چهري تي چماٽ،وري ٿڏو هڻي ٿو ائين جيئن ڪومل سندس پيار کي ٿڏي ڇڏيو...پيار ڇا آهي؟ سندس ذهن ۾ سوال اُڀري ٿو. سوين جواب ذهن ۾ جنم وٺن ٿا پر سڀئي جواب ڄڻ ته هن لاءِ ڪجهه ٻيا سوال... سگريٽ ڪڍي دُکائي ٿو...ڊگها ڊگها ڪش .... ماضي کي دونهن ۾ مٽائي وسارڻ چاهي ٿو پر نٿو وسري، دونهن رڳو فضا ۾ پکڙي ٿوماضي ڄور بڻجي سندس رت چُوسي رهيو آهي ....ڇو ڇڏيو هن مونکي؟ ڪهڙي اوڻائي آهي؟ سوالن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو.ذهن سوالن جي زنجير ۾ جڪڙيل.... ڪوبه جواب ناهي،بس هڪ سواليه نشان کيس سگريٽ جي دونهن ۾ نِظر اچي ٿو.هيڏي خوبصورت شهر ۾ اڪيلو.... سگريٽ روڊ جي سيني تي اُڇلي پير ڏئي اجهائي ٿو پر ماضي سندس سگريٽ جيان نٿو وسامي،ٻري رهيو آهي ماضي ۾..... ويران رستي تان ڪا گاڏي شور ڪندي گم ٿي وڃي ٿي، ڪئمپس وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿوپر ڪير آهي اتي،ڪومل ته ڪونه هوندي سڀ ڪک پن ٿي ويا پر شايد ڪجهه گهڙين لاءِ سڪون ملي. اڻپوري هجڻ جو احساس اڃا به من ۾ ڦري رهيو اٿس عرصو ٿيو فيڪلٽي ڪونه ويو آهي جتي سندس پريم ڪهاڻي شروع ٿي ۽ ختم به ٿي. ”مون کي وڃڻ گهرجي، سڀاڻي وڃبو“پاڻ کي مطمئن ڪري ٿو. هُو تڪڙيون وکون کڻندو ڪئمپس ۾ داخل ٿئي ٿو،ڪاريڊور ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪچهريون ڪندا پيا وڃن،رش،قدمن جا آواز....ڳالهائڻ ..ڪجهه ڪلاس هلن پيا ڪي خالي آهن.هر شيءِ کي غور سان ڏسي ٿو.ڪجهه تبديلي،ڪئمپس جي ڀتين تي ڪجهه تصويرون ۽ نقش چٽيل ...سندس دور ۾ ڪونه هئا.لان ۾ اچي ويهي ٿو جتي هن جا يار دوست ويهندا هئا ٽهڪ،مستي،کل ڀوڳ.... سڀ ڪجهه ياد اٿس.اها جاءِ به ڪير ڪٿي ڪٿي ويهندو هو.ذهن جي ڪئمرا سڀ منظر رڪارڊ ڪري چڪي آهي.ڪنهن دوست جي ڳالهه ”اڙي تنهنجي عشق ۾ اڙجي وئي آهي،مري ٿي مري،ڏس ڪيئن نه تڪيندي پئي وڃي“چهري تي مُرڪ،جهٽڪو ڏئي ٿو ذهن وري ٿو اچي.اتان هلي ٿو پنهنجي ڪلاس ڏانهن هلي ٿو، ڪلاس خالي آهي.... خاموشي،ڪرسين کي ڏسي ٿوڪنهن جي ڪهڙي ڪرسي هئي سڀ ياد اٿس ڊائيس تي نظر وجهي ٿو.ماضي جو هلڪو اولڙو اڀري ٿو ڊائيس تي بيٺو آهي سڄو ڪلاس ڀريل آهي،ڪومل پهرين قطار ۾ ويٺل،چهري تي مُرڪ اٿس آواز ڪمري ۾ وڌندو سڀني جي ڪنن تائين پهچي پيو،سڀ کيس غور سان ٻڌن پيا،ڳالهائڻ جو انداز زبردست هر شاگرد پنڊپهڻ ٿي ٻڌي پيو. هُو ڳالهائي بس ٿو ڪري،سڄو ڪلاس تاڙيون ٿو وڄائي.هال ۾ تاڙين جي گونج سندس چهري تي خوشي.. يار دوست ملن ٿا واهه واهه ڪن ٿا.پر هاڻي ڪير به ناهي سڄي ڪلاس ۾ ديوارن سان اڪيلو بيٺو آهي.هر شيءِ کيس تڪي پئي.ڪاريڊور ۾ اها جاءِ جتي ڪومل جو انتظار ڪندو هو.وقت ڏئي ڪونه آئي هئي.هو بيٺو رهيو ڄڻ ته انهي وقت کان وٺي اڄ تائين بيٺو آهي.ڪجهه وکون اڳتي وڌائي ٿو هڪ ٻي ياد سندس گس جهليو بيٺي آهي. اُهي چاڙهيون جتي ڪومل سان ويهندو هو.ذهن جي ماضي ڏانهن ڇڪ.... ڪومل سان ويٺل آهي، ٻنهي جي چهري تي نه ختم ٿيندڙ خوشي... چهري تي مُرڪ....نظم ٻڌائي رهيو آهي.هوءَ غور سان نظم ٻڌي پئي هُوءَ سندس هٿ چُمي ٿي چُميءَ جو نشان اڃا به کيس محسوس ٿئي ٿوپر اڄ اهي چاڙهيون خالي آهن ڪير ناهي سواءِ هن جي ماضي جي.. سڄي فيڪلٽي گهمي ٿو.هر ياد سنڀاليل. فيڪلٽي مان نڪري ٿو. هر چهرو هن لاءِ اوپرو پر يونيورسٽي هن کان آشنا...يادگيريون ميڙڻ لاءِ لائبريري پهچي ٿو.اها جاءِ جتي ويهندا هئا.... هتي ئي هُن ڪومل جي پيشاني چمي هئي...اها ئي جاءِ جتي ڪومل هن سان پيار جو اظهار ڪيو هو،هُو خوشي ۾ ٻهڪي پيو هو.هر وقت هٿ جهليندي هئي..هڪ ٻئي کي نه ڇڏڻ جا وچن... واعدا پر هاڻ سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو....ڪنهن کي ٻڌائي ته پيڙا ڇا آهي؟اڃا به سندس عشق جي ڏور ڪومل جي وجود ۾ اٽڪيل پر هو بي پرواهه ڪٿي آهي ڪا خبر ناهي ... ڳولا ڪنهن جي ڳولا؟ هن جي يا پنهنجي ڳولا اٿس... خبر ناهي ڪڏهن ڳولا ختم ٿيندي هُو يادگيرين جو خانه بدوش ٿي رهجي ويو آهي.هلندي هلندي اُتي پهتو جتي کيس ڪومل اڪيلو ڇڏي وئي پٺيان مڙي به ڪونه ڏٺائين هن سڏ ڪيا ...آواز هن جي ڪنن تائين پهتو پر قدم نه بيٺا،سندس آوازگم ٿي ويو.هر جاءِ ڏسي ورتائين جتي جتي يادگيرين جي پناهگاهه هئي.هلڻ جو فيصلو ڪري ٿو،عذاب ساڳيو اٿس،ڪنهن جي ٽهڪ جو آواز ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳي ٿو.ٽهڪ ڄاتل سڃاتل ...وڻندڙ ٽهڪ ڪنهن جو آهي؟ هن جو جنهن کيس اڪيلو ڪيو؟ نه نه اها نه هوندي دل کي مطمئن ڪري ٿو وري ٽهڪ جو آواز هن جا ڪن جهپين ٿا.کيس لڳي ٿو ته ڪومل آسپاس آهي ڪنڌ ڦيري ڏسي ٿو پريان اها ئي بيٺل آهي. ڪنهن سان آهي؟ڪنهن ڇوڪري سان آهي.... هن جي چهري تي مرڪ ... هُو ملڻ لا ءِ هن سان، اڳيان وڌي ٿو چاڙهين تان لهي هيٺ اچي ٿو پر ڪومل سندس نظرن کان اوجهل ٿي وڃي ٿي.مايوسي هن جي چهري تي لهي ٿي اچي سڄي يونيورسٽي صحرا جيان ويران لڳي ٿي ۽ هُو وري ماضي جو عذاب کڻي هن جي ڳولا ۾ نڪري ٿو پوي. akhtar2117@yahoo.com |