منڇر ڍنڍ ۾ خطرناڪ حد تائين چاڙهه، ڀر وارا ڪيترائي ڳوٺ خالي ٿيڻ شروع ٿي ويا


ڪوٽڙي (رپورٽ: دلدار جانوري) ٽوڙي بند کي لڳل گهارن ۽ جابلو علائقن ۾ وسيل مهينن جو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ پوڻ سبب ڍنڍ جي پاڻي ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي آهي، پاڻي جي سطح 113 آر ايل کان وڌي وئي آهي، ايم اين وي ڊرين جو پاڻي تيزي سان ڍنڍ ۾ شامل ٿيڻ سان سطح ۾ روزانو 3 کان 5 انچ واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ايم اين وي ڊرين کي ڪمال موريءَ کان منڇر ڍنڍ جي زيرو موري تائين کاٻي پاسي کان ڳوٺ صالح جمالي، عدل سيهڙو ۽ مير محمد سيلرو وٽان مختلف هنڌن تان روڻيون پئجي ويون آهن، جنهن مان پاڻي سيمو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته بوبڪ، آراضي، واهڙ، سيوهڻ آس پاس جي علائقن جي رهواسين ۽ انتظاميه کي هوشيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، انتظاميه ڳوٺ خالي ڪرڻ لاءِ وارننگ پڻ ڏني آهي، جڏهن ته ڳوٺ خيرو پنهور، بارائي، وڏا ڀنڊ، خدا آباد، يارو جو کوهه، مشتاق جمالي ۽ ٻين ڳوٺن مان وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي آهي، منڇر ڍنڍ جي چاڙهه سبب علائقن ۾ سخت ڊپ ڇائنجي ويو آهي، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته 1994 ع ۾ منڇر ڍنڍ ۾ 177 آر ايل پاڻي اچڻ کانپوءِ ريڊ الرٽ قرار ڏنو ويو هو ۽ 120 آر ايل تي منڇر جو بند ٽٽي پيو هو ۽ جنهن سبب تباهي اچي وئي هئي، ٻي پاسي درياءَ ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب منڇر ڍنڍ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو امڪان آهي، ٻي پاسي حمل ڍنڍ جو پاڻي جيڪڏهن منڇر ڍنڍ تائين پهچي ويو ته خطرناڪ ٻوڏ ايندي جيڪا ڄامشورو، دادو ضلعن کي متاثر ڪندي.ظ