|
خيبر پختون ۾ 300 غيرملڪي ٻوڏ ۾ ڦاسي پيا پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ڪوهستان واري علائقي ۾ 300 غير ملڪي ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڦاسي پيا آهن، هو ديبر هائيڊرو پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا هئا، ڪوهستان جو شهر ٻڏي وڃڻ کانپوءِ سمورا غير ملڪي پهاڙن تي چڙهي ويا آهن، انهن حڪومت کان مدد به گهري آهي ۽ چيو آهي ته هو بک ۽ اڃ کان بي حال ٿي ويا آهن |