|
سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه ۽ امڪاني ٻوڏ سبب ڪچي ۾ ايمرجنسي لاڳو، ڪئمپون ۽ ڪنٽرول روم قائم سکر (بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي چاڙهه ۽ امڪاني ٻوڏ سبب ڪچي جي علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي ٽن تعلقن ۾ امدادي ۽ طبي ڪيمپون ۽ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي. اهڙو فيصلو امڪاني ٻوڏ جي صورتحال جي جائزي لاءِ ڊ ي سي او گهوٽڪي عبدالعزيز عقيلي ڪوٺايل اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي هن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته تعلقو اوٻاوڙو ۾رورل هيلٿ سينٽر ڄام خان سميجو ويجهو فون لانڍي وستي جيوڻ شاھ، رورل هيلٿ سينٽر رونتي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول وستي جيوڻ شاھ، تعلقو گهوٽڪي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول وستي عنايت شاھ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڄام محب علي لکڻ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول قادرپور، گورنمينٽ پرائمري اسڪول گيمڙو ۾ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن |