|
ڄامشوري لڳ سنڌو ۾ وهنجندي 3 نوجوان ٻڏي ويا، هڪ ڄڻي جو لاش هٿ ڄامشورو(رپورٽ: عرفان برفت) سنڌو درياءَ ڊائون اسٽريم وٽ پڪنڪ ملهائڻ لاءِ آيل ڪوٽڙي جي علائقي خدا جي بستي جا 3 رهواسي نوجوان سنڌو ۾ وهنجندي ٻڏي ويا، خبر موجب سنڌو درياءَ جي ڊائون اسٽريم وٽ گهمڻ آيل 3 نوجوان سونو ولد ڪريم انصاري، عمران انصاري ۽ ارسلان انصاري سنڌو ۾ وهنجندي ٻڏي ويا، جڏهن ته ٽوٻن هڪ ٻئي سوني انصاري جو لاش هٿ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته باقي ٻن ڄڻن جا لاش هٿ اچي نه سگهيا آهن، جنهن لاءِ ڳولا جاري آهن، اهڙو اطلاع ملڻ تي نوجوانن جا وارث پهچي ويا.م |