نوڪريءَ جو مدو وڌڻ جي خواهش نه اٿم:جنرل طارق مجيد


اسلام آباد(آن لائن)جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل طارق مجيد چيو آهي ته  نوڪريءَ جو مدو وڌرائڻ جي خواهش نه اٿم، آئون مدو پوري ٿيڻ تي رٽائرمينٽ ئي وٺندس، اها ڳالهه هن آءِ ايس پي آر ذريعي جاري ٿيل بيان ۾ چئي، آءِ ايس پي آر جي ان بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنرل طارق مجيد جي مدي ۾ واڌ بابت شايع  ٿيل مضمون سندس ڪردار کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جنرل طارق مجيد سندس مدو پورو وٺڻ جي سلسلي ۾ سندس مان ۾ رکيل موڪلاڻي واري پارٽي ملتوي ڪرڻ ۽ پارٽي لاءِ رٿيل پئسا ٻوڏ سبب متاثر ٿيلن جي امداد لاءِ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.ب