منڇر ۾ هنگامي حالتون آهن، اسان جو سمورو ڌيان اوڏانهن آهي:ڌاريجو


سيوهڻ(ن ع) صوبائي وزير آبپاشي ڄام سيف الله ڌاريجي چيو آهي ته منڇر ڍنڍ ۽ ان جي حدن ۾ ايمرجنسي واري صورتحال آهي، جنهنڪري اسان جو سڄو ڌيان هاڻي منڇر طرف آهي ۽ اسان هتي سينيئر آبپاشي عملدار مقرر ڪري سموري مشينري منڇر پهچائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙو اظهار هن منڇر ڍنڍ ۽ ايم اين اي ڊرين جي زيرو پوائنٽ وٽ ايف بي بند کي ڏنل ڪٽ واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان جي منڇر ڍنڍ ۽ سنڌو درياءَ جي سطح کي چڪاسي رهيا آهيون، پر اها خوشخبري جي ڳالهه آهي، منڇر جي پاڻي جو درياءَ ۾ اڙل واهه ذريعي ڇوڙ شروع ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هڪ طرف منڇر جو پاڻي وڌي پيو ته ٻئي طرف درياءَ به لهي رهيو آهي، جنهن بعد ان ۾ منڇر جو وڌيڪ مقدار ۾ پاڻي درياءَ مان ڇوڙ ٿي سگهندو،  باقي اڙل واهه جي دروازن ۾ خطري جي ڪا به ڳالهه ناهي، سڀ خير ٿي ويندو. هن چيو ته ٻوڏ جي پاڻي مان خطرو ته هر هنڌ آهي پر ايم اين وي کي کاٻي پاسي کان ڪو گهارو پيو ته دادو سميت سڄي علائقي کي خطرو ٿيندو پر واپڊا وارن پنهنجي ڪا به ذميواري ادا نه ڪئي آهي، جنهنڪري اسان کي واپڊا کان شڪايتون آهن، هن چيو ته واپڊا وارن جو ڪم به اسان سنڀالي ورتو آهي ۽ ايم اين وي جي کاٻي ڪپ تي مشينون بيهاري ان جي چوڪسي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن خدا نه خواسته ايم اين وي کي کاٻي پاسي واري بند کي کنڊ پوي ٿو ته ان کي بند ڪرڻ لاءِ سمورا حفاظتي اپاءَ مڪمل ڪري رکيا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ آبپاشي وزير چيو ته ايف بي بند کي منڇر ڏانهن ڪٽ ڏيڻ سان فائدو پوندو ۽ ان سان مٿان کان پاڻي جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. ان کان اڳ صوبائي وزير آبپاشي ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ جي لعل باغ وٽ اڙل واهه جو دورو ڪري منڇر جي پاڻي جو درياءَ ۾ ٿيندڙ ڇوڙ جو معائنو ڪيو ۽ آبپاشي عملدارن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون.آ