|
چوڌري شجاعت ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاسي پيو، ماڻهن کي مرندي ڏٺو، امدادي ڪارروايون نظر نه آيون:شجاعت پشاور (آن لائن) مسلم ليگ (ق) جو صدر چوڌري شجاعت حسين نوشهره ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ قافلي سميت وڃي رهيو هو ته پشاور چارسده روڊ تي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاسي پيو، هن وڏي مشڪل سان ٽرڪ تي چڙهي جان بچائي. شجاعت جو چوڻ آهي ته هن ماڻهن کي مرندي ڏٺو آهي، امدادي ڪارروايون نظر نه آيون، هن چيو ته موت کي مون انتهائي ويجهي کان ڏٺو آهي. |