|
آمريڪا پاران پاڪستان ۾ افغان ڪارروائي جو مطالبو رد،وڪي ليڪس رپورٽ تي ڪاوڙ، جاچ جو اعلان نيويارڪ/واشنگٽن(آن لائن)آمريڪا پاڪستان ۾ افغانستان پاران ڪارروائي ڪرڻ واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ فوجي موڪلڻ جو ڪو به ارادو نه آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پي جي ڪرائولي واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪاررواين مان مطمئن آهيون پر ان کي هاڻي فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻي پوندي، آمريڪا پاڪستان جي معاشي مدد جاري رکندو، ٻئي طرف آمريڪا جي دفاع واري وزير رابرٽ گيٽس وڪي ليڪس رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رپورٽ سان خطي ۾ آمريڪي مفادن لاءِ خطرا پيدا ٿي ويا آهن، دستاويز منظر عام تي آڻڻ جي جاچ لاءِ ايف بي آءِ کان مدد طلب ڪئي وئي آهي،پريس ڪانفرنس دوران رابرٽ گيٽس اعتراض ڪيو ته هزارن جي تعداد ۾ دستاويز اڃا گم آهن، منظرعام تي اچڻ وارن دستاويزن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو، هوڏانهن آمريڪي فوج جي سربراهه ايڊمرل مائيڪ مولن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ پاڪستان جي ڳجهي ايجنسي جو طالبان سان رابطن جو انڪشاف ناقابل قبول آهي، آءِ ايس آءِ کي پنهنجي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي پاڪستان سان اهو معاملو اٿاريندا رهيا آهيون، هن چيو ته پاڪستان اعتماد جي بحالي واري عمل مان گذري رهيو آهي، اهو اعتماد اڃا بحال نه ٿيو آهي، گذريل ڏيڍ سالن ۾ پاڪستان جا 18 کان وڌيڪ دورا ڪيا آهن ۽ جنرل اشفاق پرويز ڪياني سان 24 کان وڌيڪ ملاقاتون ڪيون آهن،جڏهن ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عبدالله حسين هارون رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته رپورٽ لکڻ وارن کي افغان ايجنٽس غلط معلومات فراهم ڪئي، اهي پاڪستان خلاف ڪم ڪن ٿا، دستاويز ظاهر ٿيڻ پاڪستان خلاف مهم جو حصو آهي، هن چيو ته منظرعام تي آيل دستاويزن ۾ به ڪيتريون ئي خاميون آهن.ب |