نواز ليگ جي ٻن ميمبرن سميت 3 اسيمبلي ميمبرن جون ڊگريون جعلي قرار،ٻيهر چونڊ جو حڪم


اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي مدثر قيوم ۽ ايم پي اي ياسر ملڪ جي نااهلي خلاف داخل اپيلن واريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون جڏهن ته بلوچستان جي ايم پي اي ظهور حسين کوسو جي ڊگري جعلي ثابت ٿيڻ تي سندس چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏئي اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا ۽ ان جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي. گذريل ڏينهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ جسٽس غلام رباني ۽ جسٽس خليل الرحمان رمدي تي ٻڌل 3 رڪني بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ياسر ملڪ پاران سندس وڪيل وسيم سجاد پيش ٿيو جسٽس خليل الرحمان رمدي چيو ته درخواست گذار جي جڏهن اصل ڊگري گم ٿي وئي ته کيس نقل حاصل ڪرڻ گهرجي ها. عدالت وسيم سجاد جا تفصيل ٻڌڻ کانپوءِ اپيل خارج ڪري ڇڏي.ب