عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ عمر جي ڪا ضرورت نه آهي: شرجيل انعام


ڪراچي (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ميڊيا سيل جي انچارج ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف نااهلي جون واويلائون ڪرڻ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته دنيا ۾ تاريخي انقلاب آڻيندڙ ايراني اڳواڻ امام خميني انقلاب آڻي ثابت ڪيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي عمر جي حد مقرر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، پيپلز پارٽي ميڊيا سيل مان جاري بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير عوام جي بي لوث خدمت ڪري رهيو آهي، هو ڏينهن رات هڪ ڪري سنڌ جي مختلف هنڌن جا دورا ڪري عوام جي بهتري توڙي ترقياتي سرگرمين ۽ عوام کي پيش ايندڙ ڏکائين جو جائزو وٺي رهيو آهي، اهڙين سرگرمين کي ڏسي مخالف وائڙا ٿي ويا آهن، وڏي وزير کي نااهل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي پنهنجي پيشي سان انصاف ڪري پنهنجو فرض نڀائڻ گهرجي