پنجاب حڪومت تندورن تي خرچ ڪرڻ بدران ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري: بابر اعواڻ


ڪالا شاهه ڪاڪو (آن لائن) قانون واري وفاقي وزير بابر اعواڻ چيو آهي ته پنجاب حڪومت 46 ارب روپيا تندورن تي خرچ ڪرڻ بدران ٻوڏ متاثرن جي مد ڪري اڳوڻي ايم پي اي حاجي مشتاق احمد گجر جي رهائشگاهه تي ڪارڪنن ۽ وڪيلن کي خطاب ڪندي هن چيو ته افسوس آهي جو پنجاب ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري آهن پر صوبائي ڪابينا جو اجلاس ناهي ٿيو، قبضا گروپن کي نوازڻ لاءِ اڍائي لک ايڪڙ زمين جو ناني ويڙهو ڪيو ويو،پنجاب ۾ اڃا صحت واري وزير جو عهدو خالي آهي، عوام سان ناانصافي برداشت نه ڪنداسين.ظ