بلوچستان جي ٻوڏ وارو پاڻي سنڌ جي سرحدن تي پهچي ويو،بندن جو معائنو


لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) بلوچستان جي علائقن جھل مگسي، جعفرآباد ۽ گنداوا سميت ٻين علائقن ۾ برساتن سبب آيل ٻوڏ کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي بارڊر ايف پي بند تي پاڻي پهچي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه  قبو سعيد لڳ ڪچي پل ڀرسان ايف پي بند تي رينجرس جي عملدارن ۽ اريگيشن جي آفيسرن پهچي ايف پي بند جو معائنو ڪيو ۽ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. ان ڏس ۾ اريگيشن جي عملدارن پاران ايف پي بند کي پڪو ڪرڻ لاءِ مشينون پڻ گھرايون ويون آهن.