سنڌو درياءَ ۾ 10 لک ڪيوسڪ پاڻي داخل، ميانوالي ٻڏڻ جو خطرو، سنڌ ۾

 سمورا بند ڪمزور قرار، وڏي تباهي اچڻ جو خطرو، هنگامي حالتون لاڳو


اسلام آباد/لاڙڪاڻو/سکر/ڪنڌڪوٽ (بيورو رپورٽ/نمائندن وٽان) خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ اچڻ کان پوءِ دريائي وهڪرا به ٻوڏ واري صورتحال تائين پهچي ويا آهن. سنڌو درياءَ ۾ به خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سنڌو درياءَ ۾10 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي ميانوالي وٽ رات گذري رهيو هو. جنهن سان ميانوالي شهر ٻڏڻ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي به خطرو لاحق ٿي ويو آهي. انتظاميا اتي هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. ميانوالي وٽ جناح بئراج ۾ 1976ع ۾  6 لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذريو هو ۽ رات اتي 10 لک ڪيوسڪ پاڻي جو ريلو گذري رهيو هو، جنهن ڪري اتي درياءَ تي وڏو دٻاءُ پئجي ويو آهي. جناح بئراج کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ ميانوالي بند روڊ کي ٽن هنڌن تان ڌماڪي سان ٽوڙي درياءَ جي پاڻي جو رستو ڏنو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌو درياءَ جو وڏو وهڪرو ڪالاباغ ڊيم وٽ پهچڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ اتان هن وقت 6 لک ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهو وڌي 8 لک ڪيوسڪ ٿي ويندو. آبپاشي ذريعن جو چوڻ آهي ته جناح هائيڊرو پاور پراجيڪٽ بچائڻ لاءِ ميانوالي بند روڊ کي ٽن هنڌن تان ڊائناميٽ ذريعي ٽوڙي پاڻي جو 7 لک ڪيوسڪ ڇڏيو ويو آهي. جيڪو اڄ ڪالاباغ ڊيم وٽان گذرندو. ڪالاباغ وٽ ڪچي ۾ قائم سموريون آباديون لڙهي ويون آهن. پوري ميانوالي ۾ وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. سنڌو درياءَ ۾ ايندڙ 8 لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو چشما وٽان گذرندي 4 آگسٽ ڌاري گڊو وٽ پهچندو. جتان 5 ۽ 6 آگسٽ جي وچ ۾ اهو پاڻي جو وهڪرو سکر بئراج تي پهچندو. ٻڌايو پيو وڃي ته 12 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو پاڻي جو وڏو وهڪرو 4 ۽ 5 آگسٽ جي وچ ۾ گڊو وٽ پهچندو. سنڌ ۾ به انهي پاڻي جي پهچڻ کان پوءِ وڏي ٻوڏ اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي بئراجن، بندن، ڪئنالن، واهن ۽ شاخن تي  هاءِ الرٽ ڪندي ملازمن کي 24 ڪلاڪ چوڪس رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته امڪاني ٻوڏ جي صورت ۾ فوج ۽ رينجرز کي طلب ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ غوثپور بند، ڪي ڪي بند، گهوڙا ٻاري، ايس ايم بند، فريد آباد، ٺارو شاهه، سڪرنڊ، ڀاڻوٺ بچاءُ بند، ڪنڊيارو. عاقل آگاڻي بند جي مرمت نه ٿيڻ ڪري انهن جي ٽٽڻ ۽ وڏي تباهي اچڻ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي. گڊو وٽ ڪالهه پاڻي جو وهڪرو وڌي اڍائي لک ڪيوسڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته سکر وٽ اهو وهڪرو 2 لک ڪيوسڪ هو، انهي سان سکر ۾ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي درياءَ جي بندن تائين پهچي ويو آهي. جنهن ڪري سکر ۾ بندر وال جي اندرئين حصي ۾ رهندڙ سوين ماڻهن کي ٻن ڏينهن اندر پنهنجا گهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. هوڏانهن گڊو کان سکر وچ ۾ ٽن بندن سان پاڻي ٽڪرائجي ويو آهي، جنهن ڪري 20 کان مٿي ڳوٺن جي ٻڏڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن گهوٽڪي، سکر، شڪارپور، ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچن ۾ به پاڻي پهچي ويو آهي، جنهن تي ماڻهن خوشي جو اظهار ڪيو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سنڌو درياءَ جي پنج هنڌن کي انتهائي حساس قرار ڏئي اتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. حساس قرار ڏنل بندن تي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورو سامان پهچايو ويو آهي، جڏهن ته وائرليس سسٽم به نصيب ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب 10 سالن کان سنڌ ۾ دريائن جي بندن جي مرمت جو ڪو به ڪم نه ٿيو ۽ درياءَ ۾ چاڙهه جي صورت ۾ اهي بند وڌيڪ دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندا، جنهن ڪري سنڌ ۾ به وڏي تباهي اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڪي ڪي بچاءُ بند، ناهڙ، ڪارڙا ۽ مياڻي سميت 5 بچاءُ بند حساس قرار ڏنا ويا آهن، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري 18 رليف ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. ضلعي انتظاميا ضرورت اچڻ جي صورت ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان فوج جي مدد وٺڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي. آبپاشي ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ڪچي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو سروس ۽ ٻيڙيون اتي پهچائڻ جو به ڪم جاري آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته  گڊو کان لاڙڪاڻي تائين سنڌوءَ جي 18 کان وڌيڪ بندن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊي سي او ڪشمور سيد عابد علي شاهه جي صدارت ۾ هنگامي گڏجاڻي به ٿي، جنهن ۾ چيف انجنيئر سکر ڊويزن، رينجرز جي ڪرنل، ڊي پي او، اي ڊي او صحت، اي ڊي او روينيو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. انهي اجلاس ۾ ضلعي ۾ بندن تي هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو. خيرپور جي ڪچي ۾ 6 سالن کان پوءِ سنڌو درياءَ جي پاڻي جو وڏو وهڪرو پهچي ويو آهي. جيڪو ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ خطرناڪ حد تائين پهچي ويندو. ڊي سي او خيرپور ۽ چيف انجنيئر سکر بئراج محمد هارون ميمڻ سنڌو درياءَ جي بندن جو معائنو ڪيو. جنهن کان پوءِ درٻار حال ۾ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ خيرپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. چيف انجنيئر سکر بئراج ٻڌايو ته الرا جاگير بند، فريد آباد بند، راضيديرو بند سڀ کان وڌيڪ ڪمزور آهن، جن تي ڪم جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻوڏ جي صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ رپڙي ريگيوليٽر کي هيڊڪوارٽر بڻايو ويندو. پوليس کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گمبٽ، ڪنگري ۽ سوڀوديرو تعلقن ۾ امدادي ۽ طبي ڪيمپون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

سکر/ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آبپاشي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو، آبپاشي سيڪريٽري شجاع جوڻيجو ۽ لائيو اسٽاڪ جي عملدارن شرڪت ڪئي، وڏي وزير سمورن ڊي سي اوز کي ڪچي ۾ آباد سمورن ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته ڪمزور بندن جي فورن مرمت ڪري پڪو ڪيو وڃي. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ دوران بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ گشتي ٽيمون جوڙيون وڃن. وڏي وزير چيو ته ضرورت پوڻ تي سول حڪومت جي مدد لاءِ فوج کان به مدد طلب ڪئي ويندي. وڏو وزير اڄ گڊو بئراج جو دورو ڪندو. جتي هو آبپاشي عملدارن کان ٻوڏ جي امڪاني صورتحال بابت بريفنگ وٺندو. وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪالهه شام جو سکر پهتو ته آبپاشي کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. گڊو جي دوري کان پوءِ وڏو وزير شام جو ڪراچي روانو ٿيندو، جتي شام جو 7 وڳي ڪراچي ۾ ڪابينا جو خاص اجلاس گهرايو ويو آهي. جنهن ۾ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال تي غور ڪري  ڪو اهم فيصلو ڪيو ويندو.