جيڪب آباد ۾ لڙهي ٻڏي ويل پوليس اهلڪار جو لاش هٿ، سکر ۾ تدفين


سکر(بيورو رپورٽ) جيڪب آباد جي سيدپور ٻرڙي واري علائقي ۾ مرزاپور واهه کي لڳل گهاري مان ٽپندي 3 ڏينهن اڳ لڙهي ويل پوليس اهلڪار الهداد چنو جو لاش هٿ اچي ويو آهي، پوليس لاش سکر ۾ ترسيل ٻُڏ متاثر سندس وارثن حوالي ڪيو، جنهن کي سکر ۾دفن ڪيو ويو.ر