|
صوبن ڏانهن ادارن جي منتقلي 30 جون تائين مڪمل ٿيندي، اجلاس ۾ نه ايندڙ وزير 18هين ترميم جي ڀڃڪڙي پيا ڪن:رضا رباني اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽ چيئرمين سوالن جوابن واري وقفي دوران اڪثر وزيرن جي غير حاضري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي قائد ايوان سيد نيئر حسين بخاري ۽ پورهئي ۽ محنت واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه کي هدايت ڪئي ته هو اهو معاملو وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻي ته وزير ايوان ۾ نه ٿا اچن، هي ايوان ۽ قوم سان زيادتي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران چيئرمين مختلف وزيرن جي غير حاضري جو سخت نوٽيس ورتو ۽ ٻڌايو ته وزيرن کي ايوان جي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ گهرجي. هن قائد ايوان سيد نيئر حسين بخاري ۽ محنت ۽ پورهئي واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد کي هدايت ڪئي ته هو وزيراعظم کي ڄاڻ ڏين ته وزير ايوان ۾ نه ٿا اچن. اجلاس تي عوام ۽ حڪومت جو پسئو خرچ ٿي رهيو آهي جيڪڏهن ڪو به وزير پنهنجا سوال آخر ۾ ڪرڻ چاهي ٿو ته هو اجلاس کي گهٽ ۾ گهٽ 48 ڪلاڪ پهرين لکت ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ کي ڄاڻ ڏي. جيڪڏهن ڪو وزير نٿو اچي اهو ايوان ۽ قوم سان زيادتي ڪري رهيو آهي. سيد خورشيد شاهه چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ سڀئي وزير قومي اسيمبلي جي طرح سينيٽ آڏو جوابده آهن. هو هي معاملو وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزيرن جي نوٽيس ۾ آڻيندا سين. سينيٽر رضا رباني چيو ته 18 هين ترميم جي تحت هاڻي وزير سينيٽ آڏو به قومي اسيمبلي وانگر جوابداه آهن. ادارن کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو عمل 30 جون 2011ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. جيئن جيئن معاملا طئه ٿيندا ويندا، ادارا وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويندا. جيڪڏهن ڪو به وزير سينيٽ جي اجلاس ۾ شرڪت نٿو ڪرڻ چاهي ته اهو 18 هين ترميم جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته بينڪنگ ڪمپنيز آرڊيننس جي شق 27 بي جهڙن ڪارن قانونن جي خاتمي جو واعدو اسان جي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو ڪيو هو،انهن قانونن کي ختم ڪيو ويندو. ان کان اڳ سينيٽر رضا رباني اعتراض واري نقطي تي چيو ته بينڪنگ ڪمپنينز آرڊيننس جي شق 27 بي هڪ ڪارو قانون آهي، حڪومت ان جي خاتمي جي لاءِ قانون سازي ڪري . هن چيو ته پي آءِ اي جي ڪپتانن کي سڀئي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، پر ننڍن ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ نٿي ڪئي وڃي، ان جو به نوٽيس ورتو وڃي. هن چيو ته 60 سال جي عمر ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ پائليٽن جي نوڪري ۾ ٻه سال واڌ ڪرڻ جو به نوٽيس وٺڻ گهرجي.سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي. |