فوج نه ايندي نه ئي مارشل لا لڳندي، عدليه جمهوريت جي حامي آهي: وزيراعظم


اسلام آباد(آن لائن) وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عدليه جمهوريت جي حامي آهي، فوج نه ايندي نه ئي مارشل لا لڳندي، جيڪي اهو تاثر پيا ڏين ته ملڪ ۾ فوج ڪم پئي ڪري عوامي حڪومت ناهي،  اهي بيوقوفن جي جنت ۾  رهن ٿا، جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي. موجوده حڪومت مارشل لا جي نه پر عوام جي چونڊيل آهي، جيڪا پنهنجو مدو پوري ڪندي. ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ۾ وفاق ۽ صوبن 5 ارب روپيا جمع ڪرايا آهن. عيد ڏينهن سمورا وزير ۽ ميمبر ٻوڏ متاثرن سان وقت گذاريندا، هن  چيو ته ٻوڏ بدترين تباهي آهي ۽ اهڙي تباهي پهرين نه ٿي هوندي. موجوده حڪومت کي اقتدار ۾ ايندي بحرانن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، حڪومت هوشياري کان ڪم وٺندي بحرانن کي منهن ڏنو آهي، ٻوڏ سبب 2 ڪروڙ ماڻهو روڊن تي آهن. اهي  بي گهر ٿي چڪا آهن، هن ڏکئي وقت ۾ پوري دنيا پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. هن ڏکئي وقت ۾ به ڪجهه ماڻهن ڪوشش ڪئي ته اها ڳالهه مشهور  ڪئي ته حڪومت جي ساک خراب آهي ۽ عالمي برادري مدد نه ڪري، پر انهن جون ڪوششون ناڪام ٿيون، هن چيو ته مون انجلينا جولي کان پڇيو ته توهان کي ڪنهن پاڪستاني ساک جي باري ۾ ڪجهه چيو ته هن چيو ته مون کي چيو ويو هو پر اسين انهيءَ ڳالهه تي يقين نٿا رکون، جنهن کي  مدد ڪرڻي هوندي آهي اهو ڪندو آهي. هن چيو ته مون شهباز شريف  کي فون ڪري ڊزاسٽر اوور سائيٽ مئنيجمينٽ لاءِ نالا گهريا آهن پر هن چيو آهي ته وڏو ميان صاحب ميانوالي ويل آهي، جيئن ايندو نالا ڏنا ويندا. هن چيو ته  هاڻي ماڻهن کي اسان جي ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ گهرجي، پيپلز پارٽي جي بيٽ رپورٽرز سان هڪ ويهڪ ۾ وزيراعظم چيو ته  حڪومت وٽ ڪڻڪ جو وڏو مقدار موجود آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين جيڪي انقلاب ۽ فوج کي دعوت جون ڳالهيون ڪندا هئا انهن کي سمجهه اچڻ گهرجي، اسين اڍائي ٽن سالن تائين ته نه ويا آهيون موجوده  جمهوري حڪومت کي برداشت ڪرڻ گهرجي، جن ماڻهن سال 2008 وارين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، اهي ننڍن چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، هن چيو ته سمورا ڪم صوبن جي صلاح سان ڪنداسين، انهن تي فيصلا نه مڙهيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اياز امير خريداري جو بندوبست ڪري هو پنهنجا ڪوٽ ۽ ٽائيون وڪڻڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته هو افتخار محمد چوڌري  جي سياستدان طور نه پر چيف جسٽس آف پاڪستان طور عزت ڪري ٿو ۽ موجوده حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل ڪري رهي آهي.