مصيبت جي گهڙي ۾ وفاقي حڪومت  هر مدد ڪندي: وزيراعظم


اسلام آباد  (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني خيبرپختونخواهه ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪالهه جمعي ڏينهن مختصر دوري تي پشاور پهتو، پشاور ايئر پورٽ تي خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ امير حيدر خان هوتي، سينيئر صوبائي وزير رحيم داد خان ۽ اي اين پي جي سربراهه اسفنديار ولي کانسواءِ اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني خيبرپختونخواه جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرين ماڻهن ۽ صوبائي حڪومت کي مڪمل خاطري ڪرائي آهي ته مصيبت جي هن وقت ۾ وفاقي حڪومت ساڻن گڏ آهي ۽ متاثرين جي مڪمل مدد ڪندي اها ڳالهه هن ڪالهه جمعي جي ڏينهن پشاور جي مختصر دوري دوران صوبي جي اطلاعات واري وزير ميان افتخار حسين پٽ جي قتل تي ساڻس تعزيت ڪئي.