خيبر پختونخواهه ۾ ٻوڏ نوشهره  ۽ چارسده کي مڪمل طور ٻوڙي ڇڏيو،

 فوتين جو انگ 460 ٿي ويو، پنجاب سان رابطو ڪٽجي ويو


پشاور/چارسده (مانيٽرنگ ڊيسڪ/آن لائن) خيبر پختونخواهه ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي. ٻوڏ جي پاڻي نوشهره ۽ چارسده کي مڪمل طور ٻوڙي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٻڏي فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 460 ٿي ويو آهي. برساتن کان پوءِ آيل ٻوڏ ۾ نوشهره، چارسده، مردان، صوابي، ڪرڪ، سوات، شانگله، ڊيرا اسماعيل خان، دير، ٽانڪ، بنون ۽ ڪوهاٽ ۾ 15 هزار کان مٿي گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن. مالاڪنڊ ۾  233، مردان ۾ 4، صوابي ۾ 4، ڪرڪ ۾ 28، هزاره، بٽگرام ۾ 50، ڪوهاٽ ۾ 39، چارسده ۾ 9، نوشهره ۾ 10 ۽ چترال ۾ 5 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، سوات ۾ گذريل 3 ڏينهن دوران 140 ماڻهو برسات ۽ ٻوڏ ۾ فوت ٿي ويا آهن. ٽال ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 11 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. مينگورا جي علائقي جاميل ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ ۽ هڪ ٻي واقعي ۾ 16 ماڻهو فوت ٿي ويا. خوازه خيلا ۾ 4 ماڻهو پاڻي ۾ لڙهي ويا، شانگلا ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب دٻجي ويل 24 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، ٻوڏ ۾ فوت ٿي ويلن ۾ عورتون، ٻار ۽ مرد شامل آهن، جڏهن ته 60 هزار کان وڌيڪ رڍون، ٻڪريون، مينهون ۽ ٻيا ڍور مري ويا آهن. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهر مڪمل طور ٻڏي ويا آهن، جنهن سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان به لڙهي ويو آهي. روڊ رستن ۽ ريلوي لائين کي سخت نقصان پهتو آهي. پوري صوبي ۾ وڏي تعداد ۾ پليون لڙهي ويون آهن. ميرپور آزاد ڪشمير ۾ جهلم درياءَ جي ڀرپاسي جا ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. پاڪ فوج انهن ڳوٺن مان 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ڪڍي ورتو آهي. پوري صوبي ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. ميرپور ۽ آزاد ڪشمير ۾ به ٻوڏ تباهي آندي آهي، تونسا درياءَ وٽ مٿين درجي جي ٻوڏ اچي وئي آهي. ماڻهن کي هاءِ وي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اتر وزيرستان ۾ 11 ۽ باجوڙ ايجنسي ۾ 6 ماڻهو ٻوڏ ۾ لڙهي فوت ٿي ويا آهن. بلوچستان ۾ وڌيڪ 40 ماڻهو فوت ٿيا آهن. آزاد ڪشمير ۾ 25 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. شانگلا جي علائقي اونگا ۾ جابلو ڇپ ڪرڻ سبب 49 ماڻهو دٻجي فوت ٿي ويا آهن، جن مان 16 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، ڪانا واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 9 ماڻهو دٻجي فوت ٿي ويا آهن، گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي. سموري صوبي جو ملڪ سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. گلگت ۾ وزير اعليٰ هائوس، گورنر هائوس، سي ايم سيڪريٽريٽ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. جڏهن ته باغ ويالا ۽ باغو چائن جا پڻ پل پاڻي جي وهڪري ۾ لڙهي ويا آهن، جنهن سان 6 هزار ماڻهو پنهنجن علائقن ۾ ڦاسي پيا آهن. ذريعن موجب جناح بئراج وٽ هڪ بند ٽٽي ويو، جنهن جو پاڻي هائيڊرل پاور پراجيڪٽ جي پاور روم ۾ داخل ٿي ويو، خوشحال ڳڙهه ڀرسان پل ٽٽڻ سبب پنجاب جو ڏاکڻي علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. پنجاب جي علائقن ميانوالي، گجرات ڊيرا غزي خان گجرانوالا ۾ ٻوڏ وڏي تباهي آندي آهي. وزريراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه جمعي ڏينهن  صوبي خيبرپختونخواه ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جو فضائي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ امداد، بچاءُ ۽ بحالي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم خيبر پختونخواه ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ جمعي ڏينهن ٻنپهرن جو پشاور پهتو هو. پشاور ايئرپورٽ  تي ٿوري دير رهڻ کانپوءِ وزيراعظم هيلي ڪاپٽر جي ذريعي ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي ڏکيائين ۽ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزيراعظم امدادي سرگرمين ۾ مصروف مختلف ادارن خاص ڪري پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽرن جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت متاثر ماڻهن جي امداد ۽ حفاظت لاءِ هر ممڪن مدد ڪندي. هن چيو ته ان قدرتي آفت جي صورتحال سان به انهي جذبي سان منهن ڏنو ويندو جنهن جو مظاهرو گذريل وقت ۾ عوام، مختلف ادارن ۽ عملدارن ڪيو هو.  هن چيو ته متاثر علائقن ۾ زندگي معمول تي آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششن جي ضرورت آهي. خيبر پختونخواهه جي سڌسماءَ جي وزير ميان افتخار چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ تاريخ جو  بدترين سيلاب آيو آهي،  جنهن ۾ 460 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. نوشهره  جي ٽي روڊ مڪمل طور تي ٻڏي ويو آهي، 17 هيليڪاپٽر هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، صوبي ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ آئي آهي. امدادي ڪارروايون تيزي سان جاري آهن، ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت به امدادي ڪارروايون ڪن. تربيلا مان ايندڙ وڏي ٻوڏ جو نشانو ڊيرا  اسماعيل خان بڻيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي ليول وڌي رهي آهي، اتي 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي اسان لاءِ وڏو خطرو آهي. ڊيم جا دروازا کوليا ويا ته پوءِ اهو ريلو ڊيرا اسماعيل خان کي ٻوڙي تباهه ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته گذريل رات برسات ۽ ٻوڏ چارسده ۽ نوشهره کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. ڪابل واري درياهه مان بيڪ فلو پاڻي اچڻ سان پورو نوشهره مڪمل طور ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي. اسان وٽ 25 هزار خيما موجود آهن، انهن مان 10 هزار خيما ڊيرا اسماعيل خان کي ڏينداسين. فوج به سڄو ڏينهن امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهي، ضلعن کي مليل فنڊ ٻوڏ متاثرن لاءِ خرچ ٿي رهيا آهن، هن چيو ته پوليس کي دهشتگردي روڪڻ واري ڪم تي لڳايو آهي. هن چيو ته پوري صوبي جو نظام تباهه ٿي ويو آهي. پنجاب سان اسان جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. 60 وڏون پلون ٻوڏ ۾ لڙهي ويون آهن، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ طرفان رليف فنڊ قائم ڪيو ويو آهي. نوشهره ڀرسان هن وقت 4 لک ڪيوسڪ پاڻي لنگهي رهيو آهي. مالاڪنڊ ڊويزن به هوريان هوريان تباهه ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. اهو اعتراف ڪيون ٿا ته امدادي ڪمن ۾ دير ٿي آهي.