|
تعليم کاتي جا سمورا زير تعمير منصوبا ترت مڪمل ڪيا وڃن:منظور وساڻ ڪراچي(پ ر) ورڪس ۽ سروسز جي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته پراونشل بلڊنگس شعبي جي سمورن واسطيدار آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته صوبي اندر سمورن زير تعمير تعليمي ادارن جا سمورا منصوبا اوليت جي بنياد تي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن انهن تعليمي ادارن ۾ ٻار تعليم حاصل ڪري سگهن، پنهنجي آفيس ۾ کاتي پاران سنڌ ۾ تعمير ٿيندڙ اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻين کاتن جي زير تعمير منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي هن وڌيڪ چيو ته موجوده جمهوري حڪومت عوام جي ووٽ ذريعي اقتدار ۾ آئي آهي، ان لاءِ عوام جي ڀلائي وارن منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ تعليم جي شعبي کي خاص اوليت حاصل آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت صوبي ۾ 199 اسڪيمن جي منظوري ڏني وئي آهي، جن ۾ 140 تي ڪم هلي پيو، جڏهن ته 432 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي مزار واري منصوبي جو تفصيل سان جائزو وٺڻ بعد ان تي اطمينان ظاهر ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته انهيءَ منصوبي لاءِ 400 ملين روپيا جاري ڪيا ويا آهن، جن مان 350 ملين ان تي خرچ ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير منظور وساڻ واسطيدار آفيسرن کي چتاءُ ڏيندي چيو ته 25 مارچ تائين منصوبي جو رهيل ڪم مڪمل ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته تعميراتي ڪم ۾ معيار تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ غير معياري ڪم ڪندڙ آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي. |