صدر 2 ڀيرا، وزيراعظم ۽ آرمي چيف هڪ ڀيرو سکر پهتا


سکر: سکر بئراج، ٻوڏ ستايلن جي ڪئمپن تي ٻه ڀيرا صدر پاڪستان هڪ دفعو وزيراعظم پاڪستان، چيف آرمي اسٽاف، گورنر سنڌ، ڪورڪمانڊر سنڌ، برطانيه جو نائب وزيراعظم، (ن) ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف کان علاوه صوبائي، وفاقي وزير سکر اچي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، آبپاشي جو وزير ڄام سيف الله ڌاريجو، اطلاعات جو صوبائي وزير جميل سومرو هڪ هفتي کان سکر سرڪٽ هائوس ۾ڪئمپ هڻي ڏينهن رات پاڻ ٻوڏ جي صورتحال کي مانيٽر ڪندا رهيا. سنڌو درياهه ۾ آيل ٻوڏ سبب بچل شاهه مياڻي، باگڙجي، الف ڪچ ۽ شاهه ٻيلو جو سکر ضلعي سان لڳندڙ ڪچي جون سموريون آباد غير آباد زمينون ٻڏي ويون آهن.