|
گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين وگهي ڪيمپن تي 10 کان 15 ماڻهو فوت ٿيا سکر: سکر ۾گيسٽرو وگهي ۽ ٻين بيمارين سبب فوت ٿيلن جا صحت کاتي جي عملدارن وچ ۾ انگ اکرن تي اختلاف ان ڏس ۾ ضلعي صحت کاتي آفيسر طارق دريشاڻي جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ 10 کان 15 ماڻهو فوت ٿيا آهن. جن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي سکر ۾ 3 روهڙي ۾ هڪ پنوعاقل ۾ 2 ۾ صالح پٽ ۾ هڪ موبائيل ميڊيڪل ٽيم ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته 80 رليف ڪئمپن تي جدا ميڊيڪل ٽيمون آهن. هن ٻڌايو ته هن وقت تائين هڪ لک 8 هزار مريضن جو علاج ڪري چڪا آهيون. ٻئي طرف جي ايم سي سول اسپتال سکر جي ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار شيخ عبرت سان ڳالهائيندي چيو ته سول اسپتال جا 400 بيڊ ٻوڏ متاثرين جي ٻارن عورتن ۽ مردن سان ڀريل آهن. جن ۾ اڪثريت گيسٽرو ۽ ويم وارين عورتن جي آهي. هن ٻڌايو ته هن مهل تائين 5 کان 7 ٻارن جو گيسٽرو سبب موت ٿيو آهي. جڏهن ته سنڌ گورنميٽ انور پراچا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نويد احمد شاهه جو چوڻ آهي ته هنن جي اسپتال ۾ هڪ ٻار گيسٽرو سبب مئو آهي روزانو او پي ڊي ۾ 50 مريضن اچن ٿا. گيسٽرو ڦهلجڻ جو سبب خراب پاڻي آهي کاڌ خوراڪ صحيح نه ملڻ آهي. |