ڀريا سٽي ڀرسان ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي،35 مسافر زخمي


ڀريا(ت ر)ڀريا سٽي ڀرسان ڳوٺ حاجاڻي وٽ قومي شاهراهه تي ڪراچي کان سوات صوبه سرحد ويندڙ مسافر ڪوچ نمبر سي 1049 مهران شاهد ڪوچ تيز رفتاري سبب غلط اوورٽيڪ ڪندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار مسافر نواب علي ، عبدالصمد، اقبال، رضا خان، عزيز الله، معصوم ٻار عدنان عمر 3 سال، ناديه عمر 9 سال، لائبا عمر 7 سال، عبدالرحمان عمر 3 سال، شازيه عمر 9 سال، ڪائنات عمر 5 سال، سونيا عمر 6 سال، نازيه زوجه عبدالصمد،  مسمات بادشاهه زين ۽ ٻيا سخت زخمي ٿي پيا جن مان سونيا، نازيه ۽  اقبال جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته بس جي زخمي مسافرن کي آس پاس جي ڳوٺاڻن ۽ موٽروي پوليس امدادي ڪارروائيون ڪندي بس مان ڪڍي فوري طور ڀرياسٽي اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جڏهن ته ڀرياسٽي اسپتال م ڊاڪٽرن پاران ايمرجنسي لاڳو ڪندي فورن عملي کي گهرائيندي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏني، جڏهن ته بس ۾ سوار مسافرن ميڊيا کي ٻڌايو ته بس تيز رفتاري سان وڃي رهي هئي، ڊرائيور پاران غلط اوورٽيڪ ڪرڻ سبب بس ڪلٽي ٿي آهي.ب