سنڌ حۡڪومت سکر ضلعي ۾ پهتل ٻوڏ متاثرين جي سنڀال لاءِ 8 ڪروڙ 30 لک روپيا جاري ڪيا


سکر: سنڌ حڪومت سکر ۾ ٻوڏ سبب ترسيلن جي سنڀال لاءِ 8 ڪروڙ 30 لک روپيا جاري ڪري ڇڏيا ماني تي روزانو 40 لک روپين سميت 70 لک جو خرچ ڄاڻايو ويو. ماني جون ديڳيون وڌائڻ بجاءِ هڪ هزار مان گهٽائي 650 ديڳيون ڪيون ويون آهن. خبر موجب سڄي سنڌ مان وڌ کان وڌ ٻوڏ ستايل سکر پهتل آهن. جن تي ضلعي حڪومت طرفان روزانو 70 لک خرچ جو ڪاٿو ڄاڻايو آهي ضلعي کي سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن پهريان 8 ڪروڙ 30 لک روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن. سکر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۽ مهراڻ ڪلچرل هال ۾ روزانو 5 سو قورمي 5 سو چانورن جي ديڳين ۽ 70 هزار نانن تي 40 لک روپيا خرچ ڄاڻايو ويو آهي. ٻئي طرف اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ضلعي انتظاميه ٻوڏ متاثرين جي واپسيءَ جو سبب ڄاڻائي ديڳين جو تعداد هڪ هزار مان گهٽائي 650 ڪري 350 ديڳيون گهٽايون ويون آهن جنهن جو ٻيو سبب اهو ڏنو ويو آهي ته سکر ۾ ٻوڏ ستايلن جي سهائتا تي هڪ ڪروڙ خرچ ايندو هيو ان خرچ ۾ پڻ ڪمي ڪري 70 لک ڪيو ويو آهي جيڪو ضلعي جي 330 ڪئمپن تي ڪيو پيو وڃي.