گجو لڳ زرعي فارم تي چڙهائي، فائرنگ، ملازمن کي اغوا جي ڪوشش


گهارو (ن-ع) گجو لڳ آغا اسد پٺاڻ جي زرعي فارم تي 6 کان وڌيڪ هٿياربندن چڙهائي ڪري هوائي فائرنگ ڪئي ۽ فارم تي موجود ملازمن کي اغوا ڪري زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي ته چوڪيدارن جي جوابي فائرنگ بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، گهارو پوليس اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي وئي پر ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي، ٻي طرف فارم مالڪ آغا اسد جي فرياد تي گهارو ٿاڻي تي نور نبي شاهه، جمن ذوالفقار جوکيو، پوڙهو جاکرو، صالح محمد يعقوب، عرفان جوکيو خلا ف ڪيس داخل ڪرايو ويو، زرعي فارم جي مالڪ آغا اسد عباس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نور نبي شاهه ۽ سندس ساٿي ماڻهن جي زمينن تي قبضه ڪري جعلي کاتن ذريعي وڪرو ڪندا رهيا آهن ۽ هنن جي فارم تي به قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. غ