سکر ضلعي جي ٻوڏ متاثرين مان 25 ٻارڙن ۽ 7 عورتن سميت 38 ڄڻا مختلف بيمارين سبب فوت


سکر: سکر جي ڪئمپن تي مختلف ادارن يونيسڪو ۽ ٻين ادارن جي انگن اکرن موجب 13 هزار ڳورهاريون عورتون ترسيل آهن. ٻئي طرف آرمي رليف ڪئمپ تي 3 عورتن، پاڪستان نيوي رليف ڪئمپ تي 7 عورتن ٻارن کي جنم ڏنو آهي. سکر بلڊ بئنڪ اسپتال ۾ 37 عورتن ٻارن کي جنم ڏنو جن مان 7 عورتن جو وڏو آپريشن پڻ ڪيو ويو. ساڳي اسپتال ۾ 20 ڏينهن دوران 6737 مريضن جو علاج ڪيو ويو جن مان ڪئمپن تان پهتل چمڙيءَ جا 1692، ڊائريا جا 2225،  ملريا جا 1379، گيسٽرو جا 156، شگر جا 137، نڪ ۽ ڳلي جا 470، گرمي لڳڻ سبب متاثر ٿيل 468 مريض پهتا. جڏهن ته غير سرڪاري انگن اکرن موجب سکر ضلعي ۾ گيسٽرو، ڊائريا صحيح پاڻي نه ملڻ سبب 38 ڄڻا فوت ٿيا جنهن ۾ 25 ٻارڙا، 7 عورتون، 4 مرد شامل سول اسپتال ۾ گيسٽرو جا 350 مريض داخل ٿيل. انور پراچاه اسپتال ۾ 50 مريض، ڀٽي اسپتال ۾ 80 مريض داخل ٿيل آهن. جڏهن اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر طارق دريشاڻي جي دعويٰ آهي ته هن مهل تائين ڪئمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرين هڪ لک 28 هزار مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي.