|
ڦلجي لڳ سکان کڻي ويندڙ ڊاٽسن ڪلٽي، روڊ تي ڪريل ڄاڃين مٿان ٽرالر چڙهي ويو، 5 ڄڻا فوت ڦلجي اسٽيشن/دادو (ن-ع/ڊ-ر) ڦلجي ڀرسان ڳوٺ ڪمال پنهور جي رهواسي گهوٽ وسيم پنهور جي ڄڃ کڻي پيارو ڳوٺ مان ڪنوار کڻي واپس موٽندڙ ڊاٽسن انب موري وٽ سامهون ايندڙ ٽرالر کان بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊاٽسن جي ڇت تي ويٺل 5 مڱڻهار فقير روڊ تي ڪري پيا، جن مٿان ٽرالر چڙهي ويو، جنهن سبب 3 مڱڻهار دادن، محبوب ۽ سارنگ ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته زخمي ٿيل ڄاڃي فرحان پنهور ۽ الطاف پنهور اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته حادثي ۾ انيس پنهور ۽ بخشل سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي پڻ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، واقعي بعد ٻن ڄاڃين جا لاش ڳوٺ ڪمال پنهور ۽ 3 مڱڻهارن جا لاش دادو نيا ويا، حادثي بعد شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽرالر ڊرائيور فتح پنجابي، عمران ۽ ڪامران کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو، هوڏانهن فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ڳوٺ ڪمال پنهور ۾ شادي جي خوشي بدران سوڳ ڇائنجي ويو.غ |