|
ساماري ويجهو گم ٿيل عورت جو مٺڙائو ڪئنال مان لاش مليو سامارو (ن ع) 4 ڏينهن اڳ ۾ سامارو ڀرسان ڳوٺ رياض جٽ جي رهواسڻ 55 ورهين جي شبانا زال اختر علي گهر وارن موجب اوچتو گهران گم ٿي وئي هئي، جنهن جو لاش ڳريل حالت ۾ مٺڙائو ڪئنال مان هٿ آيو آهي، لاش ملڻ جي اطلاع تي سامارو پوليس ۽ ڪنري پوليس جا اهلڪار لاش ملڻ واري جاءِ تي پهتا، جتي ڪنري ٿاڻي جي حد هجڻ سبب لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنري نيو ويو آهي. پراسرار طور فوت ٿيل عورت شبانه جي ڀاءُ حفيظ جٽ ۽ مڙس اختر جٽ ٻڌايو ته ڪنهن سان جهيڙو ڪو نه ٿيو هو ۽ هوءَ 4 ڏينهن اڳ ۾ اوچتو گهران گم ٿي وئي هئي. جنهن بعد اڄ انهي جو لاش مٺڙائو ڪئنال مان هٿ آيو آهي. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت کي قتل ڪري بعد ۾ لاش مٺڙائو ڪئنال ۾ اڇلايو ويو آهي ۽ فوتي عورت شبانا جٽ جي مڙس ۽ ساهرن سان سڱاوتي مامري تان تڪرار پڻ هلندڙ ٻڌايو پيو وڃي. |